اسانجا عورت دشمن رويا

0
607

سوشل ميڊيا ذريعي ڪالهه کان ٻه تصويرون ذهن تي ترنديون رهيون، هڪ تصوير جنهن ۾ سعودي عرب ۾ اسي عورت پوليس اهلڪارن جي جٿي مان هڪ عورت اهلڪار يونيفارم ۾ مسجدالحرام ۾ پنهنجا فرض نڀائيندي نظر اچي رهي آهي. ٻي گمبٽ ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا طرفان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي تنبيهه ڪندي ٻيهر پارڪ ۾ گڏ نه ويهڻ واري ليٽر جي تصوير اهي عرب معاشرا جن کي اسان پنهنجي نصاب کان وٺي ذاتي زندگيءَ تائين کين پنهنجي پيشوا طور ڀائيندا آهيون،اڄ اهي معاشرا تڪڙيون وکون کڻندي جديد ترين سماج اڏڻ طرف وڃي رهيا آهن جتان جي عورت کي شخصي آزادي سان گڏ سماجي طور هر ميدان ۾ اڳتي آندو پيو وڃي پر اسان وٽ ڪڏهن هزاره يونيورسٽي جي انتظاميا کي ڇوڪرين جي جينز پائڻ تي اعتراض آهي ته وري ڪڏهن پنجاب يونيورسٽي جي انتظاميا کي ٻن بالغ نوجوانن کي هڪٻئي سان پنهنجي پسند جو اظهار ڪرڻ تي باهه وڪوڙي وڃي ٿي هڪ پل لاءِ کڻي مڃي به وٺج ته هتي يونيورسٽين ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو پاڻ ۾ ويهي گڏ پڙهڻ ، بحث ڪرڻ يا کائڻ پيئڻ هر برائي جي پاڙ آهي ته پوءِ گذريل سال صرف ڇوڪرين لاءِ مختص ٿيل بلوچستان وومن يونيورسٽي جي واشرومن ۾ لڳل خفيه ڪيمرائن پويان انتظاميا جي ڪنهن ڪارندن جو هٿ هو يا اهي به ڪنهن دشمن ملڪ جي ايجنٽ جي مدد سان لڳايون ويون هيون اتي ته صرف نياڻيون تعليم پرائي رهيون هيون پر انهن جي به ڇپر ڇانو ٿيڻ بجاءِ انتظاميا جي مدد سان سندن اجتماعي حوصله شڪني ڪرڻ سان گڏوگڏ کين جنسي طور حراسان به ڪيو ويو هاڻ يونيورسٽين ۾ هڪ ته شاگرد سياست تي پابندي هجڻ جي ڪري نوجوان سياسي قيادت جي بحران ڪر کنيو آهي ته پاڪستان جي سڀني پارٽين ۾ نوجوان قيادت جي ناپيد هجڻ ڪري موروثي سياست جڳهه ورتي آهي، ٻيو يونيورسٽين ۾ سيڪيورٽي جي نالي تي هٿيارن جي ڇانو هيٺ تعليم پرائيندڙ نوجوان هميشه هيسيل نظر اچن ٿا. ان سڄي صورتحال جي باوجود جيڪڏهن ڪي سوچيندڙ ذهن گروپ ڊسڪشن يا ڪنهن اجتماعي شعور جي لاءِ ڪا تعميري گفتگو ڪن ٿا ته به يونيورسٽي انتظاميا کين سوڙهو ڪندي نظر اچي ٿي ۽ پوءِ اسانکي مردان جي ولي خان يونيورسٽي ۾ روشن خيال مشال خان جهڙن نوجوانن جي خون ۾ به انتظاميا جا هٿ ٻڏل نظر اچن ٿا.خير جنهن ملڪ جي وزيراعظم جي سوچ مطابق عورت جو پردو نه ڪرڻ ڪري مرد هن جو ريپ ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو ان معاشري جي ڪنهن پوليس آفيسر جو لاهور موٽر وي واري درد ناڪ واقعي ۾ ظلم جو نشانو بڻيل ان عورت کي قصوروار سمجهڻ به ڪا معمولي ڳالهه هجڻ گهرجي. سو هڪ طرف گمبٽ جي ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا طرفان ڇوڪرن کي صرف ڇوڪرن سان ۽ ڇوڪرين کي صرف ڇوڪرين سان اٿڻ ويهڻ لاءِ ليٽر ٿو نڪري گهرجي اتي گمبٽ جي هڪ ايس ايڇ او صاحب طرفانپنهنجي پوري علائقي ۾ قانون تي مڪمل عمل درآمد ڪرائڻ کانپوءِ مقامي زميندار سان گڏجي موٽرسائيڪل سوار تهمينه خلجي جي بائيڪ جا ڪاغذ جاچڻ مهل ڪنهن عورت پوليس اهلڪار کي زحمت ڏيڻ بجاءِ پاڻ ئي ان نياڻي کي جنسي طور حراسان ڪري پريشان ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ته ناهي. جڏهن تعليمي ادارن کان وٺي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تائين سڀني جو رويو عورت دشمني تي ٻڌل هوندو ته پوءِ ايندڙ وقت ۾ اسانجو بطور سماجي سفر ترقيءَ بجاءِ تنزليءَ ڏانهن اڻٽر آهي. اسانکي پنهنجن روين تي نظرثاني ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.