صحت جون سهولتون ۽ حڪومتي دعوائون……..!!

0
223
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

سنڌ حڪومت جي دعوائن جي پَت ته ان مان ئي وائکي ٿي وئي آهي ته هر سال سنڌ ۾ اسپتالن ۾ مريضن جي علاج جي سهولتن جي مد ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر صوبي جي گادي واري هنڌ ۾ ئي اسپتالن جو اهو حال آهي ته مختلف بيمارين جي تشخيص جي لاءِ ڪم ڪندڙ مشينون ئي ميسر ناهن!صوبي جي سڀ کان وڏي اسپتال جناح اسپتال آهي جنهن لاءِ سنڌ سرڪار خاص طور تي صحت کاتي جون اختياريون اهي دعوائون ڪندي نه ٿيون ٿڪجن ته ان اسپتال ۾ علاج جي بهتر سهولتن لاءِ خيبرپختونخوا کان وٺي خضدار ۽ بلوچستان جي ٻين علائقن جا ماڻهو به صوبائي سرحدون لتاڙي علاج ڪرائڻ اچن ٿا پر جناح اسپتال جو حال اهو آهي ته اتي سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جا انتظام اين جي اوز حوالي ٿيل آهن، جتي مريضن کان سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ ڪرائڻ لاءِ 1500 کان 5 هزار روپيا فيس اوڳاڙي وڃي ٿي. ان کانسواءِ سول اسپتال ڪراچي، عباسي شهيد اسپتال، لياري جنرل اسپتال ۽ قطر اسپتال ۾ ايم آر آءِ مشينون ڪافي وقت کان خراب پيل آهن، سول اسپتال ڪراچي ۽ لياقت آباد جنرل اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين مشينون به ڏيڍ سال کان هلڻ جي لائق ناهن! جنهن ڪري هڏين، دماغ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي تشخيص ڪندڙ مشينون سرڪاري اسپتالن ۾ اڻلڀ هجڻ سبب صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندڙ مريض خانگي اسپتالن ۾ مهانگو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته ڪي ايم سي جي ماتحت هلندڙ عباسي شهيد اسپتال ۾ 11 سالن کان ايم آر آءِ مشين خراب پيل آهي! عباسي شهيد اسپتال جي سي ٽي اسڪين مشين به ٻن سالن کان خراب پيل آهي، سرڪاري ملازمن جي علاج جي سهولتن لاءِ قائم ٿيل سروسز اسپتال ۾ پڻ ايم آر آءِ جي سهولت ناهي. عباسي شهيد اسپتال جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سي ٽي اسڪين مشين ٺهرائڻ جي لاءِ 40 لک رپين جي سمري ڪي ايم سي اختيارين کي 2 سال اڳ اماڻي وئي آهي پر اها رقم جاري ته ناهي ڪئي وئي پر ان جو اڃان تائين ڪو جواب به ناهي ڏنو ويو، سول اسپتال ڪراچي ۽ لياقت آباد جنرل اسپتال جون سي ٽي اسڪين مشينون پڻ خراب پيل آهن، جنهن جي ڪري مريضن کي مرضن جي تشخيص جي لاءِ خانگي اسپتالن ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو. واضح رهي ته سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جون سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتون نه هجڻ جي ڪري مريض خانگي ليبارٽين مان 5 هزار کان 40 هزار تائين جون فيون ڀري ٽيسٽون ڪرائين ٿا.
جيتوڻيڪ سول اسپتال ڪراچي کي هر سال مشينن جي مرمت جي مد ۾ 2 ڪروڙ 50 لک رپيا جاري به ٿيندا رهن ٿا پر دل جي عارضي جي تشخيص واري ڪيٿ ليب مشين ڪافي وقت کان خراب پيل آهي، جنهن تي خرچ به رڳو 60 لک روپيا آهي پر ڪاغذي ڪاررواين ۾ ته مشينن جي مرمت ڏيکاري رقم خرچ ڪئي ويندي آهي ۽ اڍائي ڪروڙ رپيا هر سال اڏايا ويندا آهن پر ڪيٿ ليب جي مرمت لاءِ 60 لک خرچ نه ٿا ڪيا وڃن. سول اسپتال مان ڪيٿ ليب لاءِ ايندڙ مريضن کي ٽراما سينٽر يا خانگي اسپتالن ڏانهن چڪاس لاءِ اماڻيو وڃي ٿو.
جناح اسپتال ۾ موجود سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ مشينون اين جي اوز جي انتظامن هيٺ هلندڙ آهن. جتي سي ٽي اسڪين پلين جو هڪ هزار کان 1500 ۽ سي ٽي اسڪين ڪنٽراسٽ جي 1500 کان 4500 رپين تائين فيس مقرر ٿيل آهي، اهڙي طرح ايم آر آءِ پلين جي فيس 1500 کان 2 هزار ۽ ڪنٽراسٽ جي فيس 4500 کان 5 هزار رپين تائين مقرر ٿيل آهي. روزانو سي ٽي اسڪين ۽ ايم آر آءِ جون مجموعي طور تي 150 کان وڌيڪ ٽيسٽون ڪيون وينديون آهن، سرڪاري اسپتال ۾ اين جي اوز جي انتظامن سبب غريب مريضن کان 3 کان 4 لک رپين تائين فيس جي مد ۾ رقم اوڳاڙي وڃي ٿي. جيڪڏهن سنڌ جون اسپتالون، سنڌ جا بيسڪ هيلٿ سينٽر ۽ وڏين اسپتالن ۾ اهم سهولتن جا انتظام اين جي اوز ۽ ٻين ادارن جي حوالي ڪرڻا آهن ته پوءِ سنڌ ۾ هر سال اربين رپيا خرچ ڪندڙ صحت کاتو ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ اسپتالن ۾ موجود سهولتن ۽ مريضن جي ڀيانڪ صورتحال مان اهو اندازو ته آساني سان لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ سرڪاري طور تي عوام کي صحت جون سهولتون ذري برابر به نه ٿيون ملن. جيڪڏهن ڪنهن سرڪاري اسپتال مان ڪنهن مڙهه کي ايمبولينس جي سهولت نه ملي، روڊ حادثن جو شڪار ٿيندڙ سنڌ جي ماڻهن کي خانگي تنظيمن جون ايمبولينسون کڻي اسپتال پهچائين، ڳورهاريون عورتون اسپتالن ۾ ڊليوري دوران ڊاڪٽر ۽ نرسون نه هجڻ سبب دم ڏئي ڇڏين، ملي، بخار، کنگهه ۽ زڪام جي معمولي مرضن لاءِ ماڻهن کي وڏين اسپتالن مان ٽِڪي به نه ملي ته پوءِ سنڌ سرڪار ڪيئن پئي سهولتن جي دعويٰ ڪري؟ سنڌ حڪومت کي ٻين کاتن تي نه ئي سهي پر صحت کاتي تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي جيئن سنڌ جا ماڻهو صحت جي بنيادي سهوليتن کان محروم نه رهن.