پني عاقل ۾ ڪرونا ويڪسين ڪرائڻ لاء رڪشائن تي لائوڊ اسپيڪرذريعي پڙھا

0
339

پنوعاقل (ن پ ا) پني عاقل ۾ ڪرونا کان بچاءُ واري ويڪسين ڪرائڻ لاء تعلقي اسپتال پاران آگاهي مهم شروع، شهر ۾ رڪشائن تي لائوڊ اسپيڪر ذريعي پڙھا ڏياريا ويا، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جميل مهر ۽ تعلقي اسپتال جي وقتي ايم ايس ڊاڪٽر آصف شيخ پاران آگاهي مهم هلائي وئي، جنهن سلسلي ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ رڪشائن تي پڙها ڏياريا ويا، ڊاڪٽر آصف شيخ جو چوڻ آهي هت ماڻهو ڪرونا ويڪسين کان لنوائن پيا ان ڪري مهم هلائي آھي، ماڻهن کي گهرجي ته ويڪسين ڪرائن ته جيئين بيماري کان بچي سگهن.