نواز ليگ ڪلڀوشن ڪيس خراب ڪيو:شاھ محمود قريشي

0
211
سڀاڻي وائيس چيئرمين جي

ملتان (ڊيسڪ رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪلڀوشن ياديو ڪيس خراب ڪرڻ جو ذميوار نون ليگ کي قرار ڏئي ڇڏيو، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته کيس ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر رسائي نه ملي، ڀارت پاڪستان کي ٻيهر عالمي عدالت ۾ گهلڻ چاهي ٿو، پاڪستان امريڪا کي هوائي اڏا ڏيڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي، ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ھن چيو تھ ڀارت چاھي ٿو تھ ھُن کي ڪل ڀوشن تائين قونصلر پھچ نھ ملي، ان آڙ ۾ ھو پاڪستان کي ٻيھر عالمي عدالت ۾ گھلڻ چاھي ٿو، اسان جو مقصد صرف عالمي عدالت جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرڻ آھي، اميد آھي تھ اپوزيشن ميمبر ڀارتي چالبازين کي سمجھندا ۽ ناسمجھي جو ثبوت نھ ڏنو ويندو، ھن چيو تھ آمريڪا کي اڏو ڏيڻ جو ڪو بھ ارادو نھ آھي، ھن چيو تھ اسان شفاف احتساب چاھيون ٿا، انتقام نٿا چاھيون.