پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان راند ڪندڙ ٻارڙن مٿان ڀِت ڪري پئي، 2 معصوم ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، گھرن ۾ روڄ راڙو متل. خبر موجب پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ جمعو ڪٽو ۾ ڪچي ڀِت ڪِرڻ سبب راند کيڏندڙ 2 معصوم ٻارڙا نويد ۽ فيضان دٻجي ويا. واقعي بعد علائقي واسين ڀِت ھيٺان دٻيل ٻارڙن کي ٻاھر ڪڍي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. فوتي ٻارن جا وارث قانوني ڪارروائي بعد لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا. ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ ھو ته ٻئي ٻارڙا ڀِت ڀرسان راند کيڏي رهيا ھئا ته ڪچي ڀِت ڌماڪي سان ڪِري پئي، نتيجي ۾ ٻئي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا. ٻنھي ٻارڙن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو.