نئين دهلي (م ڊ)  هندستان جي رياست راجسٿان جي علائقي جيسلمير ۾ پاڪستان کان ڀارت آيل هندن جا 50 کان وڌيڪ گھر حددخليون قرار ڏئي ڊاهي پٽ ڪيا ويا. پوليس گھرن کي ڪيرائڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڪستاني هندن تي لٺيون وسايون ۽ تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس جي تشدد سبب عورت به زخمي ٿي. گھر ڊهڻ سان 150 خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار رهڻ تي مجبور آهن. ان کان اڳ اپريل 2023ع ۾ به پاڪستان کان لڏي آيل هندن جا 100 کان وڌيڪ گھر ڊاهي پٽ ڪيا ويا هئا.