روهڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روهڙي جي ٽڪر محلي واري علائقي ۾ شاديءَ جي تقريب دوران گهر جي ڇت ڊهي پوڻ سبب هڪ ٻارڙي فوت، 3 عورتن سميت 11 ڄڻا زخمي، اطلاع تي ايڌي رضاڪارن ۽ ٻين امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي، فوتي ٻارڙيءَ جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو، شاديءَ جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون. تفصيل موجب روهڙيءَ جي ٽڪر محلي واري علائقي ۾ الهداد جتوئيءَ جي گهر ۾ شاديءَ جو تقريب جاري هئي ته اوچتو ڌماڪي سان گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ 7 مهينن جي توحيده ڌيءَ ڌڻي پرتو موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته شبنم ڌيءَ خميسو، مائي جانل، تنزيلا، پرويز، عامر، نعيم، علي مدد، الهداد سميت11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. واقعي جي اطلاع تي ايڌي سينٽر سکر جا رضاڪار، پوليس ۽ علائقي واسي موقعي تي پهچي ويا، جن امدادي ڪاررواين ذريعي زخمين ۽ فوتي ٻارڙي جي لاش کي ملبي هيٺان ڪڍي تعلقي اسپتال روهڙي پهچايو، جتي بجلي بند هجڻ ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي کي زخمين جي مرهم پٽي ڪرڻ ۾ سخت ڏکيائيون پيش آيون. فوتي ٻارڙيءَ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل گهر ۾ شاديءَ جي تقريب ۾ آيل مهمان ۽ گهر ڀاتي ڇت تي چڙهيا ته ڇت ڪمزور هجڻ سبب واقعو پيش آيو، ٻارڙي فوت ٿيڻ جي واقعي بعد شاديءَ جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون.