پنوعاقل ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق، جوابدار قانون جي پڪڙ ۾ نه آيا

0
206
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار
ڀرياسٽي ويجهو درويش صفت نينگري سان 2 ڄڻن جي مبينا زيادتي، جوابدار گرفتار

پنوعاقل(ن پ ا) پنوعاقل ۾ معصوم نينگري سان جنسي زيادتي بعد ويڊيو ريڪارڊ ڪرڻ واري مامري ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.

منظر عام تي آيل 10 ورهين جي نينگري سڪينه شيخ سان شروعاتي رپورٽ ۾ جنسي زيادتي جي تصديق  ٿي وئي.

اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته نينگري سڪينه شيخ سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته متاثر نينگري جي والد معروف شيخ جي فرياد تي بائجي ٿاڻي تي ڇھن جوابدارن خلاف ايف آئي آر داخل ٿيل آھي.

واقعي کي ٽِ ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدارن چاچي ۽ ڀائٽي ياسر آرائين ۽ منير آرائين کي گرفتار نه ڪري سگهي.

 

ھي به پڙھندا

 

ننڍي ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي 5 جوابدارن پاران نينگري سان اجتماعي زيادتي