نوشهروفيروز (رپورٽر) سنڌي ڊرامن جو ناميارو اداڪار ۽ صحافي علينواز ناز سولنگي کي شديد بيماري جي حالت ۾ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي، جتي ڊاڪٽرن سندس پتي جي ليزر آپريش ڪيو ۽ مادي ۾ شديد تڪليف سبب کيس آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو، رابطي ڪرڻ تي سندس پٽ ياسر نواز سولنگي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن بابا جي طبيعت سڌرندڙ ٻڌائي آھي، ٻئي طرف هتان جي صحافين ثقافت کاتي کي نامياري اداڪار علينواز ناز سولنگي جي سار لھڻ ۽ سندس علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.