لاهور: ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان 14 نومبر تائين گڏيل عرب امارات ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته ايونٽ ۾ پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 24 آگسٽ تي ڀارت خلاف کيڏندو، ان کانپوءِ 26 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ ٿيندي، 29 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ افغانستان جون ٽيمن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. 2 نومبر تي پاڪستان جي ميچ اي ٽي کان شيخ زيد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ابوظهبي، جڏهن ته 7 نومبر تي پاڪستان جو مقابلو بي ون کان شارجا اسٽيڊيم ۾ ٿيندي. 10 نومبر تي پهريون سيمي فائنل ابوظهبي ۽ ٻيو سيمي فائنل 11 نومبر تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته 14 نومبر تي فائنل دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.