پنوعاقل ڀرسان نوجوان مبينا اغوا، موٽر سائيڪل هٿ

0
181

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان نوجوان مبينا طور اغوا ٿي ويو، جنهن جي موٽرسائيڪل ڪمند جي فصل مان ملي آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان فدا حسين سومرو گذريل رات کان گم هو، جنهن جي ڳولا  ڪئي ته بائجي ٿاڻي جي حد مان ڪمند مان موٽر سائيڪل ملي آھي، جنهن مان لڳي ٿو کيس اغوا ڪيو ويو آھي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.