پنهنجي ڪھاڻي گهَلِ ڙي…!

0
183

پيءُ ماءُ جو پيار حَدَ کان وڌيڪ مليس. جنهن سبب زندگي پنهنجي مرضيءَ سان گُذاريائين. نه پڙھڻ ۾ دلچسپي رھيس، نه ڪنهن ٻئي ڪم ڪارِ ۾. شاديءَ کان پوءِ به ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪيائين. توڙي جو زال ڪيترائي دفعا زور به ڀريس. پر سدائين ان کي ٻه وِھاڻا مٿي کي ڏئي اطمينان جو ڊگهو ساھُه کڻي کٽ تي سِڌو ٿي ليٽندي چوندو ھو،”بابي مون کي ڪم کان آجو ڪيو آ. پاڻ رڪشو ھلائي گهَرَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿو. ٻيو جريب ٻنيءَ جو به آهي. جيڪو پڻ چلھِه ٻارڻ ۾ مددگار آهي. باقي ڇا کپي..”

“چاچو سدائين ته نه ھوندئي نه..”

اھو جملو پورو ڪرڻ کان اڳ زال کي دڙڪو ڏئي چوندو هو،”اڳتي اھڙو ٻَدِ سَوِڻو اکر به نه چئجانءِ.. “

۽ ھوءَ ماٺ ٿي ويندي هئي..

زندگيءَ جو گاڏو ائين ئي ھلندو رھيو. اچانڪ ھڪ ڏينھن پوڙھي پيءُ کي رڪشو ھلائيندي دل جو دورو پيو. رڪشو جيئن تيئن ڪري روڊ جي پاسي بيھاريائين مس، ته ساھَه جو پکي پرواز ٿي ويس..

پيءُ بعد گهر جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ رڪشو وڪيائين.

ٽي مھينا مزي سان گذري ويا. چوٿين ڪجهه ھزار ٻارھن پرسينٽ تي وياج وٺڻ تي مجبور ڪيس. اتان سوچ آيس، ته ڇو نه ھو به جريب ٻنيءَ جو وڪڻي پئسا وياجَ تي ھلائي..

پوءِ ائين ئي ڪيائين ۽ ٻني وڪڻي ان جا چار لک رپيا ٽوال ۾ ويڙهي رڪشي ۾ گهر ٿي موٽيو ته، رڪشو سِگنل تي بيٺو.

ان وچ ۾ اک ڇنڀ ۾ ڀولو ٽِپُ ڏئي پوئينءَ سيٽِ تي آيو ۽ ھن جي بد حواسيءَ جي ڪيفيت ۾ ٽوال کي جهپڙ ڏئي، کسي ٻاھر روڊ تي ڀڳو.

ھن رڙ ڪئي،”پڪڙيو… ڀولي کي پڪڙيو…”

ڀولو رڙين کان بي نياز ۽ بي خوف ٺينگ ٽپا ڏيندو، روڊ سان لڳ وڻن جي قطار مان ھڪ تي چڙهي ويو. اتي ھڪ ٿُڙََ کان ٻي تي پھچي ٽوال جو کوليائين، ته پنجن پنجن ھزارن جا سمورا نوٽَ ھوا ۾ وکري ويا. ماڻهن اھو ڏٺو ته، نوٽن ڏي وٺي ڊوڙون ڀريائون.

ھن به ان مھل ئي رڪشي مان لھي نوٽَ ميڙڻ چاھيا، پر ھٿ کس ٿي وئي. ھڪ به ھَٿِ نه آيس. تڏهن دانهون ڪندي چيائين،”ڦُرجي ويس،  مري ويس، او، صفا مري ويس ڙي، گهَلِ ڙي..”