پنهنجو پريس ڪلب شادي پلي لڳ اسڪول ڪيترن ئي مهينن کان بند

0
168

شادي پل شهر لڳ ڳوٺ دارپلي اولڊ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪيتري ئي وقت کان بند آهي، اسڪول جي بلڊنگ به زبون ٿي وئي آهي، 3 مارچ 2021ع تي استاد رٽائرڊ ٿي ويو هو جنهن بعد اسڪول کي تالا آهن، هن اسڪول ۾ 200 ٻار تعليم پرائيندڙ آهن پر اسڪول بند هجڻ جي ڪري انهن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. اسان تعليم واري وزير، تعليم واري سيڪريٽري ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي تعليم کاتي جي آفيسرن کي اپيل ٿا ڪريون ته هي اسڪول جلد کان جلد کولرايو وڃي، عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.

(واحد بخش جو واٽس ايپ ميسيج)