پنهنجي اخبار غريب ماڻهن جو آواز قرار، سنڌ جي مسئلي تي پاڻ ملهايو آهي: عوام

0
36

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڊيلي پنهنجي اخبار جي سفر جا 5 سال مڪمل ٿي ويا: ڪارڪردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ اخبار جو ڪهڙو سلسلو اوهان کي پسند آهي ؟ بهتري لاءِ ڪي تجويزون ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته پنهنجي ٿوري وقت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي، پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز غريب ماڻهن جو آواز آهي، پنهنجي اخبار جي ذريعي غريب ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچي ٿو ۽ اهي مسئلا حل ٿين ٿا، سنڌ جي مسئلن تي پنهنجي اخبار پاڻ مڃايو آهي، سوال/سروي ۾ اخبار کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون ويون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالحئي مير لکيو ته پنهنجي اخبار جي پنجن سالن جو سفر سٺو رهيو آهي پر ڪجهه معاملن ۾ پنهنجي اخبار ڪجهه پوئتي آھي ڪڏھن ڪڏھن مين سرخين ۾ پروف جون غلطيون هونديون آھن ته ڪڏھن وري هڪ خبر ٻن جڳهن تي هوندي آھي، اٺن پيجز تي مشتمل پنهنجي اخبار جو سڀ کان بهترين سلسلو سوشل ميڊيا تي پڇيل راءِ هوندي آھي جنهن تي لکندڙن جو فوٽو سان گڏ تبصرو شايع ڪيو ويندو آھي، مختلف ليڪکن جا ڪالم بهترين هوندا آھن لکڻين ۾ معيار هوندو آھي پر اخبار جو ايڊيٽوريل ڪڏھن ڪڏھن وزنائتو ناهي هوندو، ٻي ڳالهه ته نون ليکڪن کي به پنهنجي اخبار ۾ لکڻ جو موقعو ڏنو وڃي، گهوٽڪي، ڪشمورڪنڌڪوٽ، شڪارپور ضلعن ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان پنهنجي اخبار دير سان پهچي ٿي جنهن کي به نوٽ ڪيو وڃي ته بهتر رهندو، عرفان جروار لکيو ته  ٿوري عرصي ۾ پنھنجي اخبار وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، راجا حيدر لکيو ته تجويز اھا آھي ته زراعت لاءِ الڳ خصوصي صفحو ھجي ۽ آبادگارن جا انٽرويو شامل ڪيا وڃن،  مصطفيٰ ميمڻ لکيو ته پنهنجي اخبار ٿوري عرصي ۾ سنڌ جي ٻين مشهور اخبارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، تجويز اھا آهي ته سنڌ جي اشوز تي ڀرپور آواز اٿاريو، نور احمد کوسو لکيو ته پوري اخبار گھٽ عرصي ۾ سنڌ جا مسئلا اجاگر ڪري حل ڪرايا آھن تمام بھترين محنت ڪري رھي آھي پوري ٽيم جس لھو، اسان به پنھنجا مسئلا پنھنجن جون چٺيون پيج تي موڪليندا رھندا آھيون، الهرکيو سيال لکيو ته پنهنجي اخبار سنڌ جي ماڻھن جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آھي، نندلال ڀيل لکيو ته اسان جي تعلقي ڪنري جو رپورٽر انيل ڪمار ھميشه ٽائيم نيوز جي پليٽ فارم تي عوام جو آواز بڻيو آھي، ساگر علي رضا لکيو ته پنهنجي اخبار هڪ بھترين اخبار آهي، ڇاڪاڻ ته اها سوشل ميڊيا جي ذريعي عوامي مسئلن کي وڌيڪ کڻي ٿي، جيڪو هڪ بهتر عمل آهي. عبدالرحمان چانگ لکيو ته سڀ کان پھريان ته روزاني پنھنجي اخبار جي پنجين سالگرهه ۽ ٽائيم نيوز جي چوٿين سالگرهه پوري سٿ کي مبارڪون ھجن ۽ روزاني پنھنجي اخبار جا پنجن سالن جو سفر طئي ڪري چڪي آھي حقيقت ۾ ته پنھنجي اخبار ۾ ھڪ خاص خوبي اھا رھي آھي ته اڄوڪي خبر اڄ ئي پڙھو ان جي ويب سائيٽ تي موجود ھوندي آھي اھا نواڻ آھي ۽ انکانپوءِ ٻين اخبارن به ان جي ڪاپي ڪئي، ٽائيم نيوز چينل به ٿورڙي عرصي ۾ ماڻھن جي دلين ۾ جڳھه پڻ ٺاھي ورتي آهي، اھا ڪرونا ھجي. برساتون ھجن، تانيا خاصخيلي جھڙا واقعا ھجن يا پريا ڪماري ھجي يا معصوم جعفر ڀٽو ھجي ڀلي اھو ناظم جوکيو ھجي ۽ سنڌ جا اھڙا ڪافي ٻرندڙ مسئلا ھجن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاڻ مڃايو آھي، شيوارام سکاڻي لکيو ته پوري ٽيم جس لهي، اسلم هزار چانڊيو لکيو ته پنهنجي اخبار پنجن سالن جي عرصي ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آھي ۽ سوشل ميڊيا تي سوال سروي وارو سلسلو وڻيو آھي. ڇوته ان سان سنڌ جي اشوز جي نشاندهي ٿيندي رهي ٿي. تجويز اها آھي ته” ڪافي شهرن ۾ اوهان جي اخبار دير پهچي ٿي اسانجي شهر ڊکڻ ۾ ته ڪڏھن ڪڏھن 8 ٿي وڃن ٿا. منهنجي خيال ۾ اخبار سوير اچڻ کپي، ٻي تجويز اها به رکندس اوهان جي ايڊيٽرول پيج تي نوجوان لکندڙن کي اهميت نٿي ملي انهن کي به جاءِ ڏني وڃي، عبدالغني کوسو لکيو ته پنهنجي اخبار کي ناڪام ڪرڻ لاءِ مخالفن پاران ڪافي ڪوششون ڪيون ويون پر علي قاضي صاحب جي پختي ڪاميابي جي ارادي پنهنجي اداري کي نمبر ون ڪري ڏيکاريو آهي، آفتاب عمر لکيو ته پنھنجي اخبار پرنٽ ميڊيا ۾ ٿوري عرصي دوران پاڻ مڃرايو آھي، ھن جي خاص خوبي اھا آھي ته ھر خبر ان جي ويب سائيٽ تي ھڪدم موجود ھوندي آھي، ڪرونا ھجي. برساتون ھجن عوامي شڪايتون ھجن يا وري اغوا جا مسئلاھجن امن امان جي صورت حال ھجي سنڌ جي ھر مسئلي تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاڻ مڃايو آھي، احسان علي چانڊيو لکيو ته پنهنجي اخبار سنڌ جي مڙني مسئلن تڪليفن ۽ سماج جي حقن لاءِ آواز ايوانن تائين پهچايو آھي ۽ اميد ڪجي ٿي ته پنهنجي اخبار ائين ئي سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن جهانگيڙن جي تڪليفن اهنجن جو آواز بڻجي رهندي پنهنجي اخبار جي سٿ کي قومي سلام پيش ڪجي ٿو. مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته پهرين سنڌي ڊجيٽل پنهنجي اخبار جي سالگرهه جي موقعي تي سموري سٿ کي لک لک مبارڪون هجن، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پنھنجي اخبار آهي ئي پنھنجي اخبار ته ڪارڪردگي مان مطمئن ته ھونداسين پنھنجي اخبار جي سٺي سفر ۽ پوري سٿ کي مبارڪون، منظور علي مهيسر لکيو ته روزاني پنھنجي اخبار ھن وقت گھڻو بھتر آھي ڪرنٽ خبرون ھجن اشوز توڙي اسٽوريز تي گھڻو ڌيان آھي ھن وقت جڏھن ٻولي ۽ پروف تي ڌيان ناھي ، خبر جا سڀئي پاسا ڪور ڪرڻ واري پاليسي ھن وقت صرف پنھنجي اخبار وٽ آھي، ابراهيم مخدوم لکيو ته هن اداري جي اها به هڪ بهترين پاليسي آهي ته هن ۾ سفارشي نظام نه آهي ان ڪري ئي هي ٿوري ٽائيم ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عبدالقادر گبول لکيو ته پنهنجي اخبار جي پنجين ۽ ٽائم نيوز جي چوٿين سالگرهه جون علي قاضي سميت سموري ٽيم کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون، سڀ کان پهرين ڳالهه ته اوھان جي اخبار توڙي ٽي وي چينل تي اسپيشل رپورٽ يا اسٽوري ڪڏهن هلندي به هوندي پر اسان کي تمام گهٽ مطلب نه هئڻ برابر ڏسڻ وٽان ملنديون آهن،اسٽوريز ٺاهڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي،ٽائيم نيوز تي جيڪو علي قاضي جو پروگرام هلندو آهي ان ۾ ٻين تجزئي نگارن کي به ويهارڻ کپي، ٽاپڪ هڪ ھجڻ کپي ٻيو ته جيڪي ڳالهيون ان پروگرام ۾ ٿين ٿيون ته انهن مان نمايان ڳالهين/اشوز کي اخبار ۾ به جاءِ ڏيڻ کپي.ٻيو ته پنهنجي اخبار جا اسپيشل ايڊيشنز به شايع ٿيڻ کپن. رياض حسين ڇٽو لکيو ته پوري اخبار گھٽ عرصي ۾ سنڌ جا مسئلا اجاگر ڪري حل ڪرايا آھن تمام بھترين محنت ڪري رھي آھي پوري ٽيم جس لھي، ساگر ڀٽي لکيو ته پنھنجي اخبار ھڪ عزم ۽ حوصلي جو نالو آھي، اخباري بحران دوران جڏھن ان وقت پاڪستان جون وڏيون اخبارون بند ٿي ويون ۽ ٻين اخبارن پيج گھٽائي ڇڏيا ۽ اخباري مالڪن ھٿ مٿي ڪري ورڪرن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ شروع ڪيو ته ان وقت علي قاضي صاحب ھڪ نئين اخبار مارڪيٽ ۾ کڻي آيو جنھن کي سندس بقول ته ماڻھو ” بيوقوفي” ڪوٺي رھيا ھئا بحرحال سخت مشڪلاتن باوجود سندس ۽ ٽيم جي محنت اخبار کي ڪامياب ڪرايو، غمشاد برفت لکيو ته پنهنجي اخبار کي 5 سال مڪمل ٿيڻ تي پوري سٿ کي مبارڪون،  جميل شر لکيو ته پنھنجي اخبار سنڌ جي باقي اخبارن جي ڀيٽ ۾ بھترين آھي مونکي پنھنجي اخبار جا مضمون ڏاڍا وڻندا آھن ۽ معلومات سان ڀرپور ھوندا آھن، محمد يونس لاشاري لکيو ته پنهنجي اخبار سنڌين جو آواز بڻجي سڄي دنيا تائين پهچايو. سڀ کان بهتر سلسلو پنهنجن جون چٺيون ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا آهن جتي عام ماڻهو به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهن ٿا .سعيد احمد لکيو ته اسان جي شهر دوڙ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو رپوٽر بابر وساڻ سدائين شھر جي مسئلن تي سدائين ايمانداري سان لکيوآھي، نصير حيدر لکيو ته اخبار جا فونٽ/لفظ ٿورا وڏا ڪيا وڃن، انور عباسي لکيو ته پنهنجي اخبار ۾ سنڌ جي شهرن جي تاريخ بابت سلسلو شروع ڪري عوام کي ڄاڻ ڏئي اها تجويز آهي، اسد زرداري لکيو ته پنهنجن جون چٺيون ۽ سوشل ميڊيا سوال سروي جو سلسلو بهترين آهي، ظفر علي لکيو ته پنهنجي اخبار غريب ماڻهن جي مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي، ياسين جوڻيجو لکيو ته سنڌ جي شايد پهرين سنڌي اخبار هوندي پنهنجي اخبار جنهن کي سنڌ جو هر فرد چاهه سان پڙهي ٿو، هاڪر ٻڌائيندا آهن ته پنهنجي اخبار پڙهڻ واري کي اسان ٻي اخبار ڪڏهن ڏيندا آهيون ته ان ڏينهن هو اخبار ئي ناهي وٺندو، محمد فياض وساڻ لکيو ته پنهنجي اخبار هڪ بھترين اخبار آهي، ڇاڪاڻ ته اها سوشل ميڊيا جي ذريعي عوامي مسئلن کي کڻي ٿي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ٿوري عرصي ۾ هن ڪاميابين جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن، پنهنجي اخبار هڪ بهتر ڪم ڪيو جيڪو اسان نوجوانن کي وڌيڪ پسند آيو  هن اخبار ۾ سوشل ميڊيا جو هڪ الڳ سان پيج ٺاهيو اهو انتائي سٺو ڪم ڪيو آھي، صادق سهندڙو لکيو ته پنهنجي اخبار بهترين ڪم ڪري رهي آهي هن دور ۾ سوشل ميڊيا عروج تي ۽ پنهنجي اخبار جو سوشل ميڊيا تي گهڻو ڌيان هوندو آهي، فيصل عزيز جمالي به سروي ۾ حصو ورتو، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته سڀ سلسلا بهتر آھن خاص طور سوال سروي سوشل ميڊيا ۽ ايڊيٽوريل پيج بهتر آھن، جاويد احمد ڀرٽ لکيو ته پنهنجي اخبار جهڙو نالو منفرد اٿس اهڙو ئي ڪم آهي، آصف علي به سروي ۾ حصو ورتو، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته پنھنجي اخبار اڄڪلهه سوشل ميڊيا سلسلي جي ڪري سٺي ڇانيل آھي، ٻاراڻو ادب به هجڻ گهرجي، ڪنھن شاعر توڙي نثر نگار جو مختصر انٽرويو شامل ڪيو وڃي. حامد گبول لکيو ته هن ۾ شروع ۾ ادبي سلسلا هلندا هئا اهي ٻيهر هلايا وڃن، ڀويش ڪمار لکيو ته زبردست اخبار آهي، سرمد خليل کوسو لکيو ته پنھنجي اخبار پنھنجي منزل ڏانهن وڌندي تمام سٺي محنت ڪئي آھي اميد آھي غريب پورهيت طبقي جو سگھارو آواز رھندي، زاهد حسين دشتي، نارائڻ سنڌي، جي ايم چانڊيو، علي حفيظ، نور محمد، ساگر جمالي به سروي ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي اخبار جي سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون.