سنڌ جي سجاول ضلعي جي نور ويسٽ بلاڪ نمبر هڪ مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ

0
48
سنڌ جي سجاول ضلعي جي نور ويسٽ بلاڪ نمبر هڪ مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ
سنڌ جي سجاول ضلعي جي نور ويسٽ بلاڪ نمبر هڪ مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ

سنڌ جي سجاول ضلعي جي نور ويسٽ بلاڪ نمبر هڪ مان گئس جا وڏا ذخيرا هٿ، او جي ڊي سي ايل جي ترجمان چيو آهي ته گئس جي نون ذخيرن مان 12 لک 40 هزار ڪيوبڪ فيٽ گئس جي پيداوار ٿيندي، نور ويسٽ جي کوهه نمبر هڪ جي 2 هزار 975 ميٽرز اونهائي تائين کوٽائي ڪئي وئي، ترجمان موجب هٿ آيل گئس جو کوهه سئو سيڪڙو او جي ڊي سي ايل جي ملڪيت آهي، ذخيرن مان گئس جي اضافي پيداوار سان ملڪي امپورٽ بل ۾ جوڳي گهٽتائي ٿيندي، گئس جي ملڪي ذخيرن ۾ اضافو به ٿيندو