ساڃهه جي سوجهري سان جڳ جرڪائيندڙ ادارا

0
31
ڪير ٿو چوي ته سنڌ ۾ ترقي ناهي ٿي؟
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

وقت جو مورخ جڏهن سنڌ جي شعور ۽ ساڃهه جي اُڻت ۽ اڏاوت جي تاريخ لکندو ته، اهو ٻن ادارن جي ڪردار کي نظر انداز نه ڪري سگهندو. اهي ادرا آهن: ‘پنهنجي اخبار’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’. پنهنجي اخبار جي اڄ پنجين ۽ ٽائيم نيوز جي چوٿين سالگرهه آهي. اُنهن ادارن پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار عوام جي شعور ۽ تربيت ۾ ادا ڪيو آهي. انهن ادارن جي عوام ۾ ساکَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو سنڌ جا ماڻهو انهن ادارن جي بي داغ ۽ عوام جي طرفداريءَ واري ڪردار جي ڪري ئي انهن جي ڏَڍَ تي ڏاڍن سان اٽڪي پوندا آهن ۽ انهن، يعني ‘پنهنجي اخبار’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’ عوام جي اعتماد ۽ ويساهه تي هميشه پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي سنڌ جي عوام لاءِ درسگاهه جي صورت اختيار ڪري ويا آهن، اڄ ‘پنهنجي اخبار’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’ جي سالگرهه آهي. اسان پنهنجن پڙهندڙن ۽ ناظرين کي هن موقعي تي واڌايون چئون ٿا.

توڙي جو وري هوائن گهڻو زور لڳايو پر واچوڙن سان وچڙي جيڪي دِيپ جلايا ويا هئا، انهن جي ڏنل ساڃهه ۽ سوجهري سنڌ کي جرڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان سنڌ جي عوام جي هر ڏُکئي وقت ۾ ڀرجهلي ٿي بيهڻ واري ذميواريءَ ۾ پاڻ موکيو آهي، اسان اها دعوا بنهه نٿا ڪريون ته ستم جي هر مشق روڪڻ لاءِ اسان ديوارِ چين بڻجي بيٺا آهيون. ها البته اها دعويٰ ضرور ڪريون ٿا ته، هي ادارا انڊيجينيئس آرٽ واري اوڏڪي ڀِت ضرور بڻيا آهن. ان ڳالهه کي عوام کي شعور ڏيڻ جي حوالي طور سمجهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو ڪهڙو معاملو آهي، جتي اهي ٻئي ادارا مُهڙ واري مورچي تي مهاڏو اٽڪائي نه بيٺا آهن؟ اسان انهن کي صحافتي ذميوارين سان گڏ قومي فرض سمجهي پورو ڪيو آهي. ان جي موٽ اسان کي پڙهندڙن طرفان بيحد ۽ گهڻي پيار جي صُورت ۾ ملي آهي. سنڌ جي قبيلائي اُڻت واري سماج ۾ جتي هر شئي ڀوتارڪي آڪٽوپس جي وڪڙ ۾ هوندي آهي، اُتي آزاداڻي نموني سان صحافت ڪرڻ، پروفيشنل ذميواريون نڀائڻ، جِيءُ جوکي ۾ وجهڻ برابر هوندو آهي، جتي جڏهن صحافي اسٽيٽسڪو کي چئلينج ڪندو آهي ته ڀوتارڪي قصرِ شاهي ۾ ڪنبڻي پئجي ويندي آهي ۽ اهو هڪ پروفيشنل صحافي لاءِ جان جي جوکم جو ڪم آهي. صحافي اهڙي ماحول ۾ رهندي به هڪ غواص وانگر خطري جي مها ساگر ۾ غوطا هڻي خبرن جا سچا موتي آڻين ٿا. صحافت جبر واري ماحول ۾ ڏينهون ڏينهن ڏکي ٿيندي وڃي. خاص طور تي افواهه انڊسٽري جي هن عروج واري دور ۾ عوام تائين سچي خبر پهچائڻ جي ذميواري پوري ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. اهو به اهڙي دور ۾، جڏهن ڌاڙيل گردي جي بازار گرم هجي، صحافين کي بندوق جي نال مان ڏٺو ويندو هجي، انهن حالتن ۾ ‘پنهنجي اخبار’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’ جي صحافين ذميواري سان رپورٽنگ ڪئي. پريا ڪماريءَ جي گمشدگيءَ جو معاملو هجي، ارسا کي ناڪيلي وجهي مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڪوشش هجي، سنڌ جون زمينون حڪومت طرفان خانگي ڪمپنين کي ڏيڻ وارو معاملو هجي، سنڌ جي، انگريزن خلاف مزاحمت جي ساکي ڪارونجهر جبل جي ڀڃ – ڀور ۽ ڪٽائي وارو ڪيس هجي، سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جي حوالي سان جاڳرتا هجي، آدمشماري ۾ سنڌ سان ٿيل نا انصافي هجي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جو معاملو هجي، سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ هجي يا وري قبيلائي جهيڙا هجن، ‘پنهنجي اخبار’ ۽ ‘ٽائيم نيوز’ انهن معاملن تي عوام جي جاڳرتا وارو فرض پورو ڪيو آهي.

پنجن سالن جو هِي سفر رڳو پروفيشنل ذميوارين وارو صحافتي سفر ئي نه آهي پر اهو عوام ۽ سنڌ سان محبت وارن پيچرن تي هلڻ جو پنڌ پڻ آهي. ڏُکين پيچرن جي پانڌيئڙن تي آزمائشون ته اينديون آهن ۽ اسان انهن آزمائشن ۾ ڪيترا ثابت قدم رهيا آهيون، اهو سنڌ جي عوام جي اَڻ ميَن محبتن مان ئي سمجهي سگهجي ٿو. اسان وچن ٿا ڪريون ته، سنڌ جو عوام اسان کي پروفيشنل ذميوارين سان گڏ جنتا جي ڀرجهلائي واري هر مرحلي تي ثابت قدم ڏسندو.