انسانيت جي توهين!
ڪوئلو بدلائيندو قسمت پر هتي ته استحصال پيو وڌي، اهي ماڻهو جيڪي هزارن سالن کان امن ۽ پيار جا پرچارڪ رهيا هجن، جن وٽ مذهبن، مسلڪن کان اتم انسانيت هجي، انهن ماڻهن نڪي هٿيارن جي زور تي مذهب ڦهلايو، نڪي مذهب جي نالي تي ماڻهن يا قومن جوُن نسل ڪشيون ڪيون، انهن ماڻهن ئي دنيا کي شهري تهذيب جهڙي مهذب ۽ اعليٰ تهذيب کان متعارف ڪرايو، جنهن کي سنڌو تهذيب چيو ويندو آهي پر بدقسمتيءَ سان اڄ ان اعليٰ تهذيب جي ماڻهن جو ھر روز نئين طرح سان استحصال ۽ جٺيون ڪيون پيون وڃن. اهڙو ئي انسانيت سوز واقعو ٿر ڪول ۾ پيش آيو آهي، جنهن ۾ بن قاسمي، حجاجي ۽ غزنوي ذهنيت جي ابو جاهل مڪيش ڀيل کي ڳچيءَ مان جھلي ”الله اڪبر“ چوڻ ۽ هندو مذهب جي بي حرمتي ڪرڻ لاءِ ٽارچر ڪري ٿو، اهو شخص رحيم يار خان جو ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو ٿر ڪول بلاڪ جو هڪ ڊائيور آهي، هن ذليل شخص نه فقط توهين انسانيت يا توهينِ مذهب ڪئي آهي پر هن ڪريل ماڻهوءَ ”توهين سنڌ“ پڻ ڪئي آهي، هن سنڌ جي هولين، تهوارن، عيدن ۽ ميلن جي توهين ڪئي آهي، هن انهن ماڻهن جي توهين ڪئي آهي جنهن جي قومي دعا ”پنهنجي وطن سان گڏوگڏ سڄي عالم لاءِ خير خواهي ۽ خوشحالي لاءِ گهري ويندي آهي، ته:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين .
تنهن ڪري اسان سنڌ سرڪار کان اهو پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙي جنوني ۽ ظالم شخص کي سزا ڏني وڃي ۽ سنڌ ۾ اهڙن جنوني ۽ مذهبي ڌارين ماڻهن کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن اهڙا انسانيت سوز واقعا رونما نه ٿين، آئون انهن سنڌ جي سپوتن جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان جن سوشل ميڊيا ته هن واقعي جي مذمت ڪئي ۽ اهو نعرو بلند ڪيو ته ”اسان سڀ کان پهرين سنڌي آهيون“  اسان ۾ ڪوئي به فرق نه آهي.
غلام الله گاڏهي/ نصيرآباد
اسين پهريان انسان آهيون!
هي شخص جيڪو هڪ معمولي ڊرائيور آهي ۽ ان جنهن ديده دليريءَ سان اهڙو ڪريل قسم جو وڊيو ٺاهي اپلوڊ ڪيو آهي، ان جي ديده دليري ڏسي دل ۾ الڪا ۽ کٽڪا جاڳيا آهن، پهرين ڳالهه ته ٿر ڪول ۾ ٿر واسين کي نوڪرين سان نوازڻ واري ڳالهه ياد آئي، ٿرڪول ۾ هڪ ڊرائيور به غير سنڌي آهي ته ٿري ان ۾ ڪٿي بيٺل هوندا؟ ٿرين جي ٿر ڪول ۾ شموليت ان وڊيو مان ظاهر آهي، ٻي ڳالهه جيڪا سخت ڳڻتيءَ جوڳي آهي سا اها آهي ته سنڌ هميشه صوفين، سنَتن ۽ درويشن ڌرتي رهي آهي ان ۾ هي ملڪ ۽ مذهب جا ڪَٽر حامي ڪٿا پيدا ٿي پيا آهن؟ جيڪي پهريان ته انسان پوءِ ڪنهن مذهب سان لاڳاپيل ماڻهوءَ کي ايئن بيدردي ۽ ديده دليريءَ سان پنهنجي مذهب لاءِ نعريٰ هڻائي رهيو آهي ۽ ان جي مذهب کي گاريون ڏياري رهيو آهي؟! هيءَ سنڌ لاءِ هڪ عجيب صورتحال آهي، اها هڪ غير مذهب جي ذلت نه پر سنڌ جي ذلت تصور ڪئي پئي وڃي. اهو نوجوان جنهن کان نعريٰ لڳرايا ويا اهو پهريان ته انسان آهي، پوءِ سنڌي آهي، پوءِ پاڪستاني آهي. هن قسم جا ماڻهو سنڌ جي ڪلچر ۽ خالص سنڌين خلاف جيڪو اندر ۾ بغض ۽ ڪَٽر رکن ٿا ان جي اها وڊيو کُلي شاهدي آهي ته اسان جي سنڌ ۽ سنڌين جو کائيندڙ اسان خلاف ڇا سوچي سمجھي رهيا آهن. هو سمجھن ٿا ته سنڌي هڪ جاهل ۽ پوئتي پيل قوم آهي. ان سوچ کي پختو ڪرڻ ۾ وري سنڌ تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪومت ڪندڙن جا عمل ۽ ڪُڌا ڪم آهن جيڪي کين اهو پختو يقين ڏياري رهيا آهن ته ها واقعي سنڌي ڄٽ، جاهل ۽ هڪ پوئتي پيل قوم آهي. اڄ سنڌ ۽ سنڌي هڪ اهڙي چوواٽي تي بيٺل آهن جتي کين هر طرف کان بگھڙن جي ٽولي ورائي کڻي گھيري ۾ آندو آهي. سڄي سنڌ ٿر ڪول واقعي تي سراپا احتجاج ۽ سخت گھري ڏُک جي ڪاوڙ جي لهر ۾ وڪوڙيل آهي. اسان سنڌي اڃا ته خاموش آهيون، خبر ناهي اڃا ڪهڙن حاڃن جي انتظار ۾ آهيو. اسان کي اهڙو به غريب گڏهه نه ٿيڻ گھرجي جو جنهن کي وڻي سو موچڙو لاهي شروع ٿي وڃي!
اظهر علي سولنگي/ڪوڙي جا ڀاڻ، نوشهروفيروز
ھڪ چٺي تڪ جي ايم پي اي ڏانهن!
محترم جناب مراد علي شاھ صاحب، السلام عليڪم، اميد آھي خير و عافيت سان ھوندا. جيئن ته 2018ع واري اليڪشن ۾ توھان کي اسان پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي اسيمبلي لاءِ نامزد ڪيو ھو، توھان به ڀرپور نموني سان اليڪشن کٽي حلف کنيو ھو. جناب اعليٰ توھان کي گذارش ٿي ڪجي ته مھرباني ڪري اسان جي آس پاس روڊن جي حالت ڏسي وڃو، دل خون جا ڳوڙھا ٿو ڳاڙي، مقامي ماڻھن کي اچڻ وڃڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي رهي آهي، توھان ۽ توهان جي وزيرن ڪبير اسان کي ھر سطح تي نظر انداز ڪيو آهي، ڪا به بجيٽ يا ڪو به ترقياتي ڪم توھان اسان جي ڳوٺ ۾ ناھي ڪرائي ڏنو، توهان ۽ توهان جا وزير 3 سالن کان وٺي ننڍ ۾ ستا پيا آھيو، جيتوڻيڪ ايم پي اي جو ڪم ھوندو آ تڪ جي ماڻھن جا مسئلا ٻڌي ۽ انھن جي خوشين غمين ۾ شريڪ ٿيڻ پر توھان مسلسل سستيءَ جو شڪار رھيا آھيو، ھاڻي توھان جو ننڍ مان اٿڻ جو وقت اچي ويو آھي.  اٿو بيروزگارن کي روزگار ڏيو يتيمن، مسڪينن، بيواھن، جي سار سنڀال لھو، انھن جي ضرورتن کي پورو ڪيو ۽ خاص ڪري اسان جي ڳوٺ دوست محمد صدر ۽ ان جي آس پاس جي روڊ رستن جي مرمت ڪرائي ڏيو ٻي صورت ۾ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ھلايو ويندو ۽ ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو، پوءِ توھان ننڍ مان سجاگ ٿيندا. مون کي اميد آھي ته توھان مذڪورہ  ڳالھين تي عمل ڪندئو ته توھان جا ٿورائتا رھنداسين.
عمير احمد/ ڳوٺ دوست محمد صدر، ڪلھوڙا اسٽيشن
هنڱورنو ۾ هڪ وڏي اسپتال قائم ڪئي وڃي!
هنڱورنو شهر جيڪو ڪجهه سال پهريان ته آبادي سان ڀريل هو ۽ هينئر به ان کان وڌيڪ آبادي سان ڀريل آهي پر پهريائين هن کي ڪو ٽائون وغيره جو درجوز مليل نه هئو ان ڪري اڌورو ۽ اڻپورو هو پر افسوس آهي ته اڄ  هنڱورنو شهر کي ٽائون جو درجو ملڻ باجود شهر ۾ ڪا ظاهري تبديلي نه اچي سگهي آهي. ڪيترائي لکين رپين جا فنڊ ملڻ باجود هنڱورنو شهر کي ڪي به سهولتون مهيا ناهن ٿيل، هنڱورنو شهر وڏي آبادي رکندڙ شهر آهي، هن کان سنڌڙي نالي مشهور تعلقو صرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، جنهن جي آبادي سموري هنڱورنو شهر کي ئي لڳي ٿي، هنڱورنو شهر جو وڏو مسئلو هڪ وڏي اسپتال آهي، جنهن ڪري هنڱورنو واسي ڏاڍين ڏکائين کي منهن ڏين ٿا. هنڱورنو شهر ۾ هڪڙو ايم سي ايڇ سينٽر موجود آهي، جيڪو به سهولتن کان وانجهيل آهي، نارمل ڊليوري لاءِ غريب مسڪين مريضن کي ايمرجنسي جو بهانو ڄاڻائي ميرپورخاص ريفر ڪيو وڃي ٿو ۽ غريب ماڻهن کي دربدر ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ايم سي ايڇ سينٽر ۾ بهترين تربيت يافتا عملو موجود ناهي، جيڪو وڏا رسڪ کڻي عام ماڻهن جي داخلا ڪري، گذريل ٻوڏ دوران هي اسپتال هزارين ليٽر گندي پاڻي سان ڀريل هئڻ ڪري بند هئي ۽ ان ايم سي ايڇ کي شهر جي هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ جڳاڙ تحت هلايو ويو، جتي صرف مريضن کي گورين تي ئي گذارو ڪرايو ويندو هو ۽ ان وقت برساتي پاڻيءَ جي ڪري مڇرن سبب مريض جي انگ ۾ اوچتي واڌ آئي هئي ۽ ان وقت مريض ويچارا ڏاڍا پريشانين ۾ وٺجي ويا هئا، هنڱورنو شهر پيپلزپارٽي جو ڳڙهه سڏيو وڃي ٿو پر ان هوندي به پيپلزپارٽي هنڱورنو شهر کي به ڪا هڪ وڏي اسپتال ناهي ڏئي سگهي. آئون ايم پي اي ذولفقار علي شاهه صاحب ۽ صحت جي وزير عذرا فضل پيچوهو صاحبه کي عرض ڪندس ته هنڱورنو شهر واسين جي مريضن کي ٻين شهرن ڏانهن ريفر ڪرڻ وارو بهانو ختم ڪرائي هنڱورنو کي هڪ وڏي اسپتال ڏني وڃي.
محرم علي شر/هنڱورنو
ٻيلي شهر کي ايمبولينس ۽ موبائيل ٽاور جي سهولت ڏيو!
تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي شهر ٻيلي جي آبادي تمام گهڻي ڳتيل آهي، هتي صحت جو مرڪز پڻ آهي پر ان صحت جي مرڪز ۾ ايمبولينس جهڙي سروس به مليل ناهي، ٻيلي شهر کي ايمبولينس جهڙي سهولت ضرور مهيا هئڻ کپي، ڇاڪاڻ ته ايمرجنسي جي وقت پرائيويٽ گاڏين وارا پنهنجي مرضي جا ڪرايا ڀاڙا وٺن ٿا ۽ اهو به مريضن کي سوزڪي يا ڪار ۾ کڻي وڃڻو پئجي ٿو وڃي. ياد رهي ته ٻيلي شهر ۾ جيڪو چيني ٽيلي ڪميونيڪيشن جو ٽاور لڳل آهي اهو به ڪنهن مهل ملي ٿو ته ڪنهن مهل سروس بند رهي ٿي. ٽاور جي بند هجڻ ڪري ڏينهن جا ڏينهن هن ڪمپنيءَ جي سروس بند رهي ٿي. بجلي نه هجڻ ڪري ٽاور لاءِ جنريٽر چالو نٿو ڪيو وڃي، جيڪو پيرول انتظاميا طرفان مهيا ڪيو وڃي ٿو سو هتي مقرر ٿيل هڙپ ڪري رهيا آهن. ٻيلي شهر ۾ ناروي جي ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنيءَ جو ٿنڀو به ناهي لڳل، جيڪو پڻ هن شهر ۾ ضروري هئڻ گهرجي. اسان سجاول ضلعي جي انتظاميا کي گذارش ڪنداسين ته هتي ايمرجنسي لاءِ 1036 ايمبولينس سروس مهيا ڪئي وڃي ۽ ٻيلي شهر ۾ لڳيل چيني ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپنيءَ جي ٽاور جي سروس هفتن جا هفتا بند رهي ٿي ان کي به مڪمل بحال ڪيو وڃي.
سيد علي رضا شاهه /ٻيلو سجاول
سنڌ ۾ رواج بڻجي ويل ڪاپي ڪلچر!
شاگرد ڪاپي ڪرڻ لاءِ ريفرنس بڪ، گائيڊون توڙي حل ٿيل پرچا پيپرن ۾ ڪاپي ڪرڻ لاءِ تيار ڪندا آهن، ڪاپي ڪلچر جي عروج تي هجڻ ڪري سنڌ جي تعليم تباهيءَ جي ڪناري تي وڃي پهتي آهي پر هر ڀيري جيان بيوس ۽ لاچار بڻيل اسان جي سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل رهي. سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو رهيو، ڪاچي ڪلچر تي ڀاڙڻ ڪري شاگردن جي اڪثريت پڙهڻ ۽ محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي جو انهن جي دماغ ۾ اها ڳالهه گھر ڪري ويٺل آهي ته هر سال جيان هو هن سال به ڪاپي ڪري پاس ٿيندا. ڪاپي سنڌ جي تعليم کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي پر افسوس جو ڪاپي ڪلچر کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪڏهن به سنجيده اپاءَ نه ورتا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو شاگردن محنت ڪرڻ لاءِ دل لڳائي پڙهڻ ڇڏي ڏنو، اسان وٽ ته پيپر جو وقت شروع ٿيڻ ان اڳ ئي پيپر آئوٽ ٿي ويندا آهن. ڪاپي ڪلچر جو خاتمو نه ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته ڪاپي ڪرائڻ ۾ ملوث شاگردن ۽ انهن جي سهڪارين خلاف ڪا به جامع ڪارروائي عمل ۾ نٿي آندي وڃي، جنهن ڪري شاگرد بنا ڊپ جي ڪاپي جي ڌم لائي ڏيندا آهن. هاڻ سنڌ جي تعليم ايتري حد تائين تباهه ٿي چڪي آهي جو هاڻ ته اسان وٽ پرائمري سطح کان ئي شاگردن ڪاپي ڪرڻ جو فن سيکاريو پيو وڃي. ڀلا جيڪي ڪاپي ڪري پاس ٿيندا اهي ڪهڙو ملڪ جو مستقبل سنواريندا؟ امتحاني سينٽرن پاران اهڙي رش جھڙوڪ ميلو لڳل هجي، سينٽر جي آسپاس فوٽو اسٽيٽ وارن جا چمڪندڙ ڌنڌا، انتظامي خاموشي، سنڌ جي تعليم کي اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو بڻائي رهي آهي. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته سنڌ مان ڪاچي ڪلچر جو انت اچي سگھي ٿو. خدارا سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪري روشن ماضي رکندڙ سنڌ جو مستقبل اونداهو نه ڪريو. ڪاپي ڪلچر جو خامتو آڻي محنت ۽ باشعور شاگردن کي اڳيان اچڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي.
راهب علي سولنگي/راڌڻ اسٽيشن
سنڌ جي تعليم کي هڪ ڀيرو ٻيهر تالا!‎‎
ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبو تعليمي حساب سان سڀ کان پٺتي پيل آهي، ويتر زرداري ليگ جي وزيرن تعليم کي وري بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻن سالن کان سنڌ ۾ تعليم بلڪل به ناهي هلي، مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته ٻن ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي، هڪ ملڪ جي بادشاهه اعلان ڪيو ته ٻيا سڀ جنگ تي هلن، صرف شاگرد ۽ استاد محفوظ هنڌ تي منتقل ٿين، جيڪڏهن جنگ دوران ڪجهه نقصان پهتو ته اهي شاگرد اڳتي هلي ملڪ کي وري ترقي ڏياريندا. اسان وٽ سنڌ ۾ تعليم کي تالا هڻي سنڌ جي مستقبل کي تباھ ڪيو پيو وڃي، زرداري ليگ کي شايد جهالت کپي، شعور نه! ڇو ته جي سنڌي قوم ۾ شعور بيدار ٿيو ته زرداري ليگ کان پنهنجا حق گهرندا ۽ زرداري ليگ حق ڏيڻ بجاءِ سنڌ ۾ ڪرپشن ئي ڪندا، اهو تيستائين ٿيندو رهندو جيستائين نوجوانن ۾ شعور نه ايندو ۽ شعور ايستائين نه ايندو جيستائين تعليم نه ايندي. زرداري ليگ نٿي چاهي ته سنڌ جا مستقل رهاڪو تعليم پرائين. ڏٺو وڃي ته تعليم نه هجڻ سبب سنڌ جو ڪيترو گھڻو نقصان ٿيو آهي ان جو اندازو سنڌ ۾ ٿيندڙ قبيلائي جهيڙن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو تعليم نه هجڻ ڪري لکين ڪونڌر پاڻ ۾ جهيڙن ۾ مارجي چڪا آهن، ان کان سواءِ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو امتحان هجي يا فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان هجي پر سنڌ جا نوجوان سٺي تعليم نه هجڻ کي انهن ڪميشنن جي امتحان ۾ نه جي برابر پاس ٿين ٿا، جيڪو سنڌ جي مستقبل جي معمارن سان سراسر ناانصافي آھي، تازو ئي تعليم واري وزير سميت سنڌ حڪومت جي پوري قيادت آزاد ڪشمير ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ اليڪشن مهم هلائي آيا آهن پر پوءِ به هنن کي سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪورونا نظر آئي، سنڌ حڪومت کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا اسڪولن کي کولي ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي، تعليم کي بند نه ڪرڻ گهرجي پر ان جو عمل جاري رکيو وڃي.
نبيل ميمڻ/پيرڳوٺ
بجلي واران جي لاپرواھي، صديون
پراڻيون تارون ۽ جاني نقصان!‎‎
ھڪ ته سنڌ ۾ بجلي جو شروع کان آزار رھيو آھي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ لائيٽ وڃي ٿي ته اچڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، ٻيو ته جڏھن کان سنڌ ۾ واھڻ وسيتن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ بجلي آئي آھي، ان دور جي شروعات جون تارون ۽ ٿنبا لڳل آھن ته اھي ئي لڳل آھن، مجال آ جو لائين مين يا بالا آفيسر تارن کي تبديل ڪن، اھي پراڻيون تارون زمين تي ھيٺ پيل آھن، اھي 11 ھزار جي تارن ڪيترائي جانور ماري ۽ فصل تباھ ڪري ڇڏيا آھن پر لائين مين ۽ بالا آفيسرن جي لاپرواھي سبب نقصان ٿي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب حيدرآباد ۾ قيمتي جانيون زيان ٿيون. ڪالھ ٽنڊو مستي ۾ بنگلاڻي ذات جي عورت زمين تان چوپائي مال لاءِ گاھ ڪرڻ وئي ته 11 ھزار وولٽ جي تار زمين تي ڪريل ھئي جنهن ۾ عورت وچڙي فوت ٿي وئي. اھڙا ڪيترائي دردناڪ واقعا جيءَ کي جھوري ڇڏين ٿا. ڪنب ۾ نوجوان تار ۾ وچڙي مري ويو، چوڻ جو مقصد ته ھي ادارو وفاق جي ھٿ ۾ آھي، وفاق سنڌ تي ڌيان نٿو ڏئي، سالن جون پراڻيون تارون وڏو نقصان ڏئي رهيون آھن، وفاق ته ڌيان نٿو ڏئي پر سنڌ حڪومت به وفاق تي ھڻي ڇڏيو آھي، باقي لائيٽ جا ملازم ته گاڏين تان پير به نٿا لاھين ۽ ملڪيتن ٺاھڻ ۾ پورا آھن، رشوت جي نشي ۾ دت آھن، انھن خانگي ملازمن کي ٿورڙن پئسن تي رکيو ويو آھي پاڻ بلڪل ڪم نٿا ڪن، ٻيو ته ڳرا ميٽر لڳائي ميٽرن وارن جي به ٻيڙي ٻوڙي پئي وڃي، ھي اربين ڪمائڻ وارو ادارو آھي پر ان کي ھڻي کائي تباھ ڪري ڇڏيو اٿن، وفاق کي ھي ادارو سنڌ جي حوالي ڪرڻ گھرجي ته پوءِ ڏسون ته ڇا سنڌ ھن ۾ سڌارو آڻي سگھي ٿو يا نه؟ في الحال ته سڄو ڏچو وفاق جي ڳچي ۾ آھي. اها حقيقت به آھي ته وفاق وٽ پوري ڪمائي وڃي ٿي، اسلام آباد ۾ بجليءَ جون تارون زمين اندر پوريل آھن جنهن ڪري نقصان نٿو ٿئي، پوري ملڪ ۾ اھڙو نظام ھئڻ گھرجي.
شفيق حسين وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ 
هاڻي سنڌ صوبي سان زيادتيون بند ٿين گهرجن!‎‎
سنڌ صوبو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪاڇو به سنڌ ۾ موجود آهي، جتان تيل ۽ گئس نڪري رهي آهي، سنڌ جا وارث نوجوان بيروزگار آھن ۽ در، در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ جا نوجوان غربت سبب آپگھات ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت سنڌ جا حڪمران وڏي دعويٰ ڪندا آهن ته اسان سنڌ ۾ خوشحالي آڻينداسين، هتي ڪجهه به ڪونهي، سنڌ واسي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. برسات پوڻ بعد ٻوڏ اچڻ سان مهينن جا مهيني سنڌ جي علائقن جا رستا بند رهن ٿا، افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته پوري ملڪ کي تيل ۽ گئس ڏيندڙ سنڌ صوبي زيادتيون ڪيو پيون وڃن، سنڌ صوبو وفاق کي ڪمائي به سڀني صوبن کان وڌيڪ ٿو ڏئي، سمورن صوبن مان سنڌ وفاق کي 75 سيڪڙو روينيو به ڏئي پيو پر پوءِ به زيادتيون ان صوبي سان هجن اهو سمجھه کان ٻاهر آهي. ان لاءِ آئون سنڌ جي ساڃاهه وندن توڙي سنڌ جي سچن سپوتن سميت وس وارين اعليٰ اختيارين کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي، سنڌ ۽ ان جي عوام کي سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي،
سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو
هڪ چٺي سيد سردار علي شاهه ڏانهن!
ڳوٺ ساڍر يوسي ڍورونارو ۽ ضلعو عمرڪوٽ جي تمام وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ جي آبادي لڳ ڀڳ 2500 گهرن تي مشمتل آهي، ڳوٺ ساڍر ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن يا ٿين پيا سي صرف ۽ صرف سفارشن ذريعي ٿين پيا، ڏٺو وڃي ته هن ڳوٺ ۾ هميشه پ پ پ سوڀاري ٿي آهي ۽ هن تڪ تان چونڊيل ايم اين اي نواب محمد يوسف ٽالپر ۽ ايم پي اي سيد سردار علي شاهه صاحب آهن. هونئن ته سائين جنن کي پنهنجي تڪ ڳوٺ ساڍر اچي حال حقيقت وٺڻ جيترو شايد وقت نه هجي پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن کان به ڪا پُڇا نه ڪئي اٿن ته تڪ جا ووٽر ڪهڙن حالتن ۾ آهن، ڏٺو وڃي ته ساڍر ۾ مرحوم ڪامريڊ محمد ابراهيم آريسر جيڪو ضلعي عمرڪوٽ جو پهريون جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو هو ۽ سندس ڪارڪردگي کان توهان سميت يقينن هر ڪو واقف هوندو، ڪامريڊ محمد ابراهيم آريسر جي پاڙي (وڄڙهار) واسين ساهه جي آخري هڏڪي تائين شهيدن جي منشور سان سلهاڙيل رهيو آهي ۽ ڪامريڊ جي لاڏاڻي کان پوءِ هن وقت جيڪي به ڪم اچن ٿا، انهن ڪمن مان وڄڙهار واسين کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، لائيٽ جو ڪم اڌ ۾ رهيل آهي، صرف پول لڳل آهن، جيڪا اسڪيم سائين سردار علي شاهه جي ڪوٽا ۾ منظور ٿيل آهي ۽ روڊ تي نظر گهمائينداسين ته ڪنهن به وڄڙهار واسي کي روڊ نصيب ناهي ٿيو، قبلاسائين! ووٽر پارٽي جو سرمايو هوندا آهن، انهن جي سار لهڻ حقيقي فرضن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، پ پ پ ۾ هاڻي عوام جي سار لهڻ وارو رواج محترمه جي شهادت کان پوءِ بلڪل به ناياب ٿي ويو آهي، ان لاءِ هڪ ننڍڙي التجا آهي ته توهان ساڍر اچي اسان کان هال احوال وٺي اسان کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيو ته جيئن اسان جو حوصلو قيادت، شهيدن ۽ سنڌ لاءِ بلند رهي ۽ پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن کي ڪو حوصلو ملي.
عبدالغني عبد آريسر/ڍورونارو