ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي سليڪشن ڪاميٽي پاران اهل قرار ڏنل 14 ڊي اِي اوز مقرر ڪري ڇڏيا، 4 ضلعن جي ڊي اي اوز کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم،ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  تعليم کاتي ۾ تازو ڊي اي اوز جي مقررين لاءِ سليڪشن ڪاميٽي قائم ڪري اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ بعد اهل قرار ڏنل ڊي اي اوز جي مقررين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ تعليم کاتي  پهرين مرحلي ۾ 14 ڊي اي اوز جون مقرريون ڪري 4 ڊي اي اوز کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرايو آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  عظميٰ ڪمبوھ کي ڊي اِي او پرائمري حيدرآباد مقرر ڪري اتان خالد ٻٻر کي بدلي ڪري کيس ڊي اي او لٽريسي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو ، صدف اڪبر ميمڻ ڊي اي او پرائمري مٽياري مقرر ڪري اتان منظور چوهاڻ کي هٽائي کيس تعليم کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عمران شاھ کي ڊي اي او سيڪنڊري بدين، شمس الدين کي ڊي اي او پرائمري ٿرپارڪر مقرر ڪري اتان ارشاد پروين کي عهدي تان هٽائي تعليم کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو . چمن منشا کي ڊي اي او سيڪنڊري ميرپورخاص مقرر ڪري اتان عطاالله ٽالپر کي بدلي ڪيو ويو آهي، جنهن کي ساڳئي ضلعي ۾ ڊي اي او لٽريسي مقرر ڪيو ويو آهي. عنايت الله ڪنڀر کي ڊي اي او سيڪنڊري عمرڪوٽ مقرر ڪيو ويو. محمد حفيظ کي ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور مقرر ڪري اتان حميده جتوئي کي رپورٽ ڪرايو ويو . محمد شاھ کي ڊي اي او سيڪنڊري شڪارپور ۽ خليل مهر کي ڊي اي او سيڪنڊري شڪارپور جي خالي پيل عهدن تي مقرر ڪيو ويو . غلام مرتضيٰ شاھ کي ڊي اي او پرائمري سکر ۽ نرگس ڀيل کي ڊي اي او ٿرپارڪر مقرر ڪري اتان نصرالله سيهڙ کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو . جڏهن ته مشتاق سڌايو کي ڊي اي او پرائمري جيڪب آباد مقرر ڪري اتان محمد پريل شيخ کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.