ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ فوت ٿيل 11 مان 2 ٻارڙن جي ارڙي وگهي  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي واضح ڪيو آهي  ته باقي  9 ٻارڙا ڊائريا، سيپسز ۽ ٻين سببن ڪري فوت ٿي ويا آهن! ان حوالي سان صحت  واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو پاران ميرپورخاص ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ ارڙي وگھي 11 ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺڻ بعد صحت کاتي جي اختيارين جاچ  ڪرائي رپورٽ صحت واري صوبائي وزير حوالي ڪئي آهي. صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان اقبال بلوچ ڄاڻايو آهي ته سانگھڙ ۽ ميرپورخاص ۾ هڪ هڪ ٻار ارڙي سبب فوت ٿيا آهن. باقي 9 ٻارن بابت انڪوائري ۾ معلوم ٿيو آهي ته سندن موت ڊائريا، سيپسس ۽ ٻين حالتن  ڪري ٿيو آهي. سيڪريٽري صحت وڌيڪ چيو ته اسان ارڙي جي بيماري کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪيا آهن، سنڌ حڪومت ويڪسين جي اهل ٻارن تائين پهچڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن ارڙي کي ٻارن تي حملو ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي.