ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم )سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ ترسيل افغانين سميت غير قانوني پرڏيهين جي سروي ڪرڻ جو فيصلو: هٿيارن جي نمائش ڪندڙ گارڊن خلاف ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد  شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل 31هين اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 17 فيبروي 2023ع تي ڪراچي پوليس آفيس تي حملي بابت قانون لاڳو ڪندڙن پاران پيش ڪيل  جاچ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته دهشتگرد حملي ۾ هڪ مدرسي جو استاد ملوث هو،  جيڪو آپريشن دوران مارجي ويو. رپورٽ موجب  ايجنسين پاران ڪي پي او ڪليئرنس آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي فنگر پرنٽس ۽ ٻي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته هڪ دهشتگرد مدرسي جو استاد هو. اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته مدرسن سميت مختلف تعليمي ادارن ۾ غير قانوني مهاجر ( افغاني) پڙهي رهيا آهن. جنهن تي وڏي وزير اپيڪس ڪاميٽي جي ميمبرن سان صلاح مشورا ڪندي صوبي ۽ تعليمي ادارن ۾ غيرقانوني طور رهندڙن جي گڏيل ميپنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن غير قانوني ڌارين جي اصل ڊيٽا تيار ڪري سگهجي،   اجلاس کي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ٻڌايو ته 43762  غير قانوني افغانين کي افغانستان موڪليو ويو آهي، جڏهن ته  42109 افغاني رضاڪارانه طور تي واپس ويا آهن، سنڌ ۾ رهندڙ  81106 افغاني پروف آف ريزيڊنس ڪارڊ هولڊر آهن، جڏهن ته  65936 وٽ ٻيا ڪارڊ آهن. اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو ته 57000 افغانين جا جعلي/بوگس شناختي ڪارڊ اڳ ئي بلاڪ ڪيا ويا آهن،  جڏهن ته وڌيڪ 17217 ڪارڊ بلاڪ ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ غير قانوني افغانين جي گڏيل ميپنگ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي واپسي لاءِ موثر ڊيٽا تيار ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سنڌ پوليس جي اسپيشل برانچ ۽ لاڳاپيل وفاقي حڪومتي ادارن پاران گڏيل ميپنگ ڪرائي وڃي. وڏي وزير اجلاس کي اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل امن امان بابت خصوصي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن کان آگاهه ڪيو. صدر زرداري صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن، اسٽريٽ ڪرمنلز، لينڊ گريبرز (لينڊ مافيا) ۽ ڊرگ مافيا ( منشات فروشن)  خلاف ڀرپور تياري سان آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن عوام سڪون واري زندگي گذاري سگهي. هن صدر زرداري جي هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو،  اجلاس ۾ ايڪسائيز واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سندس کاتي ڊرگ مافيا خلاف انٽيليجنس بنيادن تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي، منشيات جي 164 ڪيسن ۾ 166 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سندس کاتي مختلف تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي  منشيات  کان بچائڻ لاءِ آگاهي مهم شروع ڪئي آهي،  منشيات سان لاڳاپيل ڪنهن به سرگرمي جي رپورٽ ڪرڻ لاءِ هيلپ لائين به شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن فوري ڪارروائي ڪري سگهجي. اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته منشيات جي روڪٿام  لاءِ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشنز لاءِ سمورن لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن (ايل اي ايز) جي مضبوط رابطا لاءِ فيوزن سينٽر قائم ڪيو وڃي. وڏي وزير ايڪسائيز ۽ گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي فيوزن سينٽرن جي قيام لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪن. اجلاس ۾ وڏي وزير پوليس، رينجرز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته گاڏين ۾ سول ڊريس پائي  هٿيارن جي نمائش ڪندڙ گارڊن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، وڏي وزير چيو ته اهو عمل غير قانوني آهي، انهي جي اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ آءِ جي پوليس چيو ته هو صوبي جي سمورن ٿاڻن کي اهڙيون هدايتون جاري ڪندو.هوڏانهن اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ صدر آصف علي زرداري جي ھدايتن جي روشني ۾ اپيڪس ڪاميٽي جي 31ھين اجلاس ۾ منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون، غير قانون طور ترسيل پرڏيھي شھرين خلاف ڪاررواين، ڌاڙيلن ۽ ڏوھارين خلاف آپريشن  جو فيصلو ڪيو ويو، هن چيو ته اجلاس ۾ منشيات ۽ پرڏيهين جي حوالي سان اھم ڳالھھ ٻولھھ ڪئي وئي. ھن چيو تھ منشيات فروشن جا خراب ڏينھن شروع ٿي ويا آھن، جيڪڏھن اُھي منشيات فروشي کان نھ مُڙيا تھ سندن حشر خراب  ٿيندو. ھن چيو تھ وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رھيا آھن، صوبي جي بارڊر وارن علائقن ۾ گڏيل چيڪ پوسٽون جوڙيون وينديون. ھن چيو تھ افغانين جي ڊيٽا جمع ڪري سندن پناھه گاهن جي به مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ڪنھن بھ ملڪ ۾ پرڏيھي غير قانوني طور تي رھي  نٿا سگھن، پاڪستان مان بھ غير قانوني پرڏيھين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويندو.