واشنگٽن (شوبز نيوز) آمريڪا ڀارتي ڳائڻَي سڌو موسي والا جي قاتل ۽ ڀارتي کي گھربل گينگسٽر گولڊي برار جي آمريڪا ۾ مارجڻ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ خبر هلي رهي هئي ته سڌو موسي والا جي قاتل گينگسٽر گولڊي برار کي ڪيليفورنيا ۾ مبينا طور تي ٻن ماڻهن وچ ۾ ٿيندڙ جھيڙي بعد گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته جھيڙي ۾ شامل ٻن ماڻهن مان هڪ اسپتال ۾ مري ويو. هوڏانهن آمريڪي پوليس گولڊ برار جي قتل جي خبرن کي غلط معلومات قرار ڏيندي چيو آهي ته پوليس کاتو ان حوالي سان جاچ ڪري رهيو آهي پر اها تصدق ڪئي وئي آهي ته تل ڪيل همراهه گولڊي برار ناهي، هن واقعي ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ هن وقت تائين 37 ورهين جي زيويئر گولڊني جي نالي سان ٿي آهي. ياد رهي ته سِک ڳائڻي سڌو موسي والا کي 29 مئي 2022ع تي مانسا ضلعي جي ڳوٺ جواهرڪَي ۾ اڻڄاتل ماڻهن قتل ڪيو هو.