اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته وائيٽ پيپر ڇپائڻ سان 2018ع جي چونڊن جي تاريخي ڌانڌلي سميت اوهان جا ڪارا ڪارناما اڇا نه ٿيندا. وائيٽ پيپر ٽيريان وائيٽ، غير قانوني بني گالا محل، خانه ڪعبه جي عڪس واري گهڙي وڪرو ڪرڻ، 190 ملين پائونڊ جي ڌاڙي تي به ڇپرايو هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ڇا اليڪشن بشريٰ بي بي ڪرائي هئي؟ پنهنجي پارٽي ۾ جعلي ۽ فراڊ اليڪشن ڪرائڻ وارا جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪهڙي منهن سان ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته هنن جو مقصد صرف انتشار، فساد ۽ ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ آهي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي اڊيالا جيل مان چاٻي ملندي آهي جنهن تي هو ٻاهر اچي تماشو ڪندا آهن. هي جوڊيشل ڪميشن جي بهاني ”ڪميشن” ۽ ڳالهين جي بهاني اين آر او گهري رهيا آهن.