ڪنڌڪوٽ (ن پ ا) ڪنڌڪوٽ ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان شروع ٿي ويا، ڪنڌڪوٽ جي هاءِ اسڪول بوائز، ڀٽائي اسڪول، مهراڻ اسڪول، هاءِ گرلس اسڪول ۾ امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، اڪثر امتحاني سينٽرن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻيون نائين ۽ ڏهين درجي جا امتحان ڏيڻ لاءِ سينٽرن تائين نه پهچي سگهيون، شاگردن ۽ شاگردياڻين جا پرچا قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهي ويا، مختلف سينٽرن تان انتظاميا کان معلومات وٺڻ تي ٻڌايو ويو ته 4 ئي سينٽرن ۾ 65 سيڪڙو شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحان ڏنا جڏهن ته 35 سيڪڙو شاگرد ۽ شاگردياڻين پاران برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرارن خاطر امتحان نه ڏئي سگهيا، مختلف اسڪولز جي استادن کان معلومات وٺڻ تي هنن ٻڌايو ته ساوند-سندراڻي تڪرار جي ڪري شاگرد گهڻا متاثر ٿيا آهن ۽ امتحان نه ڏيندڙ اڪثر شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعلق ساوند ۽ سندراڻي برادري سان آهي جڏهن ته ان معاملي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اڪرم باجڪاڻي، شاهنواز مرهيٽو، فضل سبزوئي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته قبيلائي خوني جهيڙا تعليم کي تباهه ڪري رهيا آهن هنن جهيڙن جي ڪري نسلون تباه ٿي رهيون آهن ۽ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کي عبور ڪرڻ لاءِ امتحان نه پيا ڏئي سگهن هنن چيو ته قبيلائي جهيڙا سنڌ اندر ناسور بڻجي چڪا آهن هنن قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ حڪومت پنهنجيون ذميواريون ادا ڪري ته جئين سنڌ اڳتي وڌي سگهي.