رائونتي (ن پ ا ) رائونتي ڀرسان شر ۽ ڌونڌو برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار ٻيھر ڪر کنيو آھي ، ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان سخت فائرنگ ڪئي وئي جنھن سبب ڌونڌو برادري جو ھڪ نوجوان مارجي ويو آھي، مارجي ويل نوجوان مير حسن ڌونڌو جي لاش کي رائونتي ٿاڻي آندو ويو جتي وارثن کي ليٽر نه ملڻ تي احتجاج به ڪيو ويو، بعد ۾ پوليس ليٽر ڏئي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن لاش اباڻي ڳوٺ پهچايو ، هوڏانهن مقتول جي وارثن، رهزن ڌونڌو، اجمل ڌونڌو، رانجهو ڌونڌو ،الزام ھڻندي چيو آھي ته ايس ايڇ او رائونتي جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھي قتل کي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا آھن پر پوليس جوابدارن کي گرفتاري نه ڪري سگھي آھي،هوڏانهن مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پنجاب جي حد ۾ پيش آيو آهي ليٽر به ڏنو آهي ڪيس به داخل ڪنداسين، الزام بي بنياد آهن