مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ڀرسان وحشي صفت جوابدار هٿان قتل ڪيل زال، ٻن معصوم نياڻين ۽ چاچي جو ٽيجهو ٿي گذريو، جڏهن ته پوليس اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ڪيو. خبر موجب فقير ڳوٺ ۾ جوابدار اصغر جوڻيجو هٿان قتل ڪيل سلميٰ سندس ٻن نياڻين ڪبريٰ، اقصيٰ ۽ بيواھ چاچي فرزانا جو ٽيجهو ٿي گذريو، جڏهن ته پ پ اڳواڻ ذوالفقار ڪماريو وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي. هوڏانهن پوليس واقعي جو 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل ناهي ڪيو، ايس ايچ او 20 ميل ٻڌايو ته جوابدار گرفتار آهي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته داخل ڪيو ويندو.