شهيد صدام جو قتل ۽ سراپا احتجاج بڻيل سنڌ!

هيءَ ڌرتي بيروت جي ڌرتي ناهي ۽ نه ئي بغداد جي ڌرتي آهي، هيءَ ڌرتي ڪو ڪربلا جو ميدان به ڪونهي، هي سنڌ جي ڌرتي آهي، صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، امن ۽ انصاف جي ڌرتي آهي پر هن سهڻي ڌرتيءَ کي بيروت ۽ بغداد بڻايو پيو وڃي، هي ڌرتي مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن واسطي ڪربلا بڻيل آهي. هن ڌرتيءَ مٿان ڪنهن جي به جان ۽ مال محفوظ ڪونهي هتي امن ۽ انصاف ڪنهن ديواني جو خواب بڻجي ويو آهي، هتڙي روز ڪونڌر پُٽ ڪسجن پيا، روز ڀائر پنهنجي صدام جهڙن ڪونڌر ڀائرن جي لاشن کي ڪلهو پيا ڏين روز ڀينريون ۽ مائرون پار ڪڍي ٿيون روئن, هن ڌرتيءَ تي ڪنهن کي به ڪهڪاءُ ڪونهي، هتي جي انسانن جي قيمت فقط هڪ گولي آهي جيڪا گولي پيڇو ڪندي ٿي رهي، ڪڏهن قائم الدين سرڪيءَ جو، ڪڏنهن شبير بروهيءَ جو ته ڪڏهن صدام لاشاريءِ جو، صدام لاشاري جنهن کي جُڙتو پوليس مقابلي ۾ قتل ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. اهو صدام لاشاري جيڪو پوڙهي پيءُ جو آخري سهارو هو، ڀينرن جو رکوالو هو، سماجي سُرت رکندڙ هو، جنهن کي سماجي براين جي نشاندهي ڪرڻ تي گولين جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي شهادت تي هر اک آلي ۽ هر دل اندر تڏو وڇايل آهي، جنهن لاءِ پوري سنڌ اٿي کڙي ٿي آهي ۽ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي. جُڙتو پوليس مقابلي ۾ شهيد ڪيل نوجوان صدام لاشاري ڪنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ يا ڪارڪن نه هو ۽ نه ئي ڪو وڏو ماڻهو هو. هي مظلوم هو جيڪو ظالمن هٿان شهيد ڪيو ويو، هي پاڪستان جو هڪ امن پرست شهري هو جنهن کي جيئڻ جو پورو پورو حق حاصل هو، هن لاءِ سموريون سياسي پارٽيون، مذهبي ڌريون، وڪيل، صحافي، استاد، شاعر ۽ اديب، سول سوسائٽي ۽ هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو اٿي کڙو ٿي حق جو علم بلند ڪيو آهي. پوري سنڌ خاص طور تي اترين سنڌ ۾ صدام جي شهادت تي احتجاج ڪيا پيا وڃن هن جي شهر ٺل اندر آل پارٽيز طرفان “شهيد صدام جدوجهد تحريڪ” جڙي چڪي آهي، جنهن جي پليٽ فارم تي شهيد جي وارثن سان انصاف ۽ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ جدوجهد هلي رهي آهي. مختلف پارٽيون سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، عوامي تحريڪ، پاڪستان ورڪر پاٽي، جي ڊبليو سي، جميعت علماءِ اسلام، شهري اتحاد، باهو کوسو انٽيليڪيچُوئل فورم، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو، سنڌي ادبي فورم سميت ٻيون ڌريون ۽ انهن جا اڳواڻ روز جي بنياد تي احتجاج ڪن پيا. وڪيل پڻ ان جي ڪيس کي ڏسن پيا، ان عمل بعد آءِ جي سنڌ پاران ٻن ايس ايس پيز امجد شيخ ۽ ڊاڪٽر عمران جي سربراهيءَ ۾ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ته ٻئي طرف وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه پاران به جڊيشنل انڪوائريءَ لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي.

تبسم کوسو/باهو کوسو

معصوم نياڻي زھرا جو خون ڪٿي داخل ڪرائجي؟

سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان جي اغوا جون خوفناڪ ڪارروايون وڌي وھيون آھن، اتي گلن جھڙن ٻارڙين سان جنسي زيادتين بعد کين قتل ڪري لاش ڪنهن ويران ھنڌن تي اڇلائڻ وارن بي شرم لاڙن ۾ واڌارو ڏسجي ٿو، اھڙن دل ڏکائيندڙ واقعن ۾ سزاون ڏيڻ لاءِ ڪيترن مطالبن جي آوازن ۽ اخباري ڪالمن توڙي خبرن کان پوءِ به ٺاپر نٿي ڏسجي، تازو سرھاڙي شھدادپور جي ھڪ وسنديءَ ۾  اڄ وري وحشي بگھڙن ھڪ نياڻي زھرا جو شڪار ڪري کيس لاوارث حالت ۾ ڦٽو ڪري گم ٿي ويا آھن، ھنن جنسي وحشين قانون/ پوليس، پاڙي، راڄ، دين ڌرم ۽ سماج جو ڪو به ڊپ ۽ احساس نه ڪندي معصوم نياڻي کي بيدرديءَ سان ماري ڇڏيو آھي. ھن نياڻيءَ جو لاش (سمجھو ته) سنڌ اسيمبلي جي اڱڻ ۾ يا وزير اعليٰ سنڌ جي سرڪاري شاھي ھائوسز/ گھر اڳيان ۽ گورنر سنڌ جي گھر اڳيان لڳل “فرياد جي گھنٽي” وڄائيندي اڳيان رکجي ٿو. خبر ناھي “سنڌ جي بدامني” دوران ڪيستائين معصوم ۽ پاڪ “زھرائن” سان ھي حشر ٿيندو رھندو. خبر ناھي وحشي انسان نما جانورن کي سرعام سزائون ايندي ڏسڻ جا ڏينهن ڪڏھن ڏسنداسين، خبر ناھي ته ھن ظلمتن ڀري ديس ۾ ھاڻ ڪنهن  ٻئي جي زھرا جو وارو آ سنڌ ۾ قانون جي رکوالن کي ٻارڙن جي اغوا ۽ وحشياڻين زيادتين بعد قتل ڪري لاش ويران ھنڌن تي اڇلي ڇڏڻ واري لاڙي ۾ گھٽتائي ۽ خاتمي لاءِ پنهنجو ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ اھو قوم اڳيان پيش ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو.

منظور ڪالرو/ قاسم آباد

سنڌ جي معصوم نياڻي

پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرايو!‎‎

سنڌ مان هينئر به ڪيترا ئي مغوي اغوا ٿيل آهن، انهن مغوين ۾ سکر واسي هڪ معصوم نياڻي پريا ڪماري پڻ شامل آهي، جنهن کي 22 مهينا اڳ امام حسين عه جي ياد ۾ 10 محرم جي سبيل ھلائيندي اغوا ڪيو ويو هو، هن وقت ان جي امڙ نياڻيءَ جي جدائيءَ ۾ روئي روئي حال هيڻا ڪري ڇڏيا آهن، ان جي امڙ چيو ته سمرت ڪمار سميت ٻين جا ٻار بازياب ڪرايا پيا وڃن ٻين مائرن جون ھنجون آباد ٿيڻ تي خوشي آھي پر منھنجي نياڻي ڇو بازياب نه پئي ڪرائي وڃي؟ ڇا آئون ماءُ ناھيان؟ منھنجي غلطي اھا آھي ته مون ميڊيا تي دانھون ناھن ڪيون؟ خدا جي واسطي منھنجي نياڻيءَ کي بازياب ڪرائي ڏيو. هن درد ۾ ڀريل سوالن جو آخر جواب ڪير ڏيندو؟ سنڌ مان اغوائن جو سلسلو آخر ڪڏهن ختم ٿيندو؟ سنڌ پوليس اندر آخر ڪڏهن ايماندار آفيسر ايندا؟ ۽ سنڌ ۾ ڪڏهن امن ٿيندو؟ مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن سنڏ پوليس مان ڌاڙيلن سان مليل جيڪي آفيسر آهن انهن خلاف جيڪڏهن سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪي مغوي آهن، انهن کي جلد از جلد بازياب ڪرايو وڃي ۽ پوليس جيڪو نئون ڊرامو رچايو آهي ته اسين ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن کي باهيون ڏنيون آهن، خدارا هينئر غيرت ڪيو ۽ سنڌ جون نياڻيون جيڪي اغوا ٿين پيون، انهن تي ڪجهه رحم کائو، خالي انهن جي ٺڪاڻن کي نه پر انهن ڏاڙيلن خلاف اصلي ايڪشن کنيون وڃي جيڪي معصوم ٻارڙن کي اغوا ڪن ٿا پريا ڪماري به جيڪا پنهنجي ماءِ پيءِ کان 22 مهينن کان جدا آهي ان تي ڇا گذريندي هوندي؟ خدارا معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي نه ته پوري سنڌ اندر پوليس خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

سنڌي علي گل شيخ/اوٻاوڙو

رتيديري ۾ ارڙي وبائي شڪل اختيار ڪري وئي!

رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي کان بعد ارڙي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، رتوديرو جي اڪثر ٻھراڙيءَ واري علائقن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا ارڙي جي بيماريءَ ۾ وڪوڙجي ويا آهن ۽ 8 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏھن ته ڪجھ سال پھريان رتو ديرو ۾ ايڇ آءِ وي جي بيماري به وبا جيان پکڙجي وئي ھئي، جنھن ۾ ڪيترائي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا هئا، تنھن کان پوءِ حڪومت وڏي ڏکيائيءَ سان بيماريءَ کي ڪنٽرول ڪري ورتو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڪافي دير ٿي چڪي هئي، ھاڻ وري ارڙي جھڙي بيماري معصوم ٻارن جي زندگيءَ سان کيڏي رھي آھي، رتيديري واسي ڪيترن ئي ڏينھن کان سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي رھيا آھن ته ارڙي بيماريءَ وبا جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي پر افسوس ته ڪنھن جي ڪن تي جونءِ به ناھي سري. رتوديرو جي صحت جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرہ پيچوھو کي اپيل آهي ته رتوديرو ۾  جلد ئي ارڙي جھڙي بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪي خاص قدم کڻي ان کان پھريان دير نه ٿي وڃي.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

پي ٽي آءِ جي پڄاڻي!‎‎

عمران خان جيڪو ھڪ وقت ۾ سياست کان نفرت ڪندو ھو، ان ١٩٩٦ع ۾ پنهنجي سياسي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ٺاهي، پاڪستان  جي سياست ۾ ھڪ وڌيڪ پارٽي جو اضافو ڪيو، ان جي پارٽي 2002ع تائين به ڪنهن جي نظر ۾ نه ھئي. عمران خان ان وقت صرف ھڪ سيٽ تي ڪامياب ٿيو ھو، 2008ع واري اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو. 2013ع واري اليڪشن  ۾ پي ٽي آءِ 34 سيٽن تي ڪاميابيءَ وڏو ڪم ڪيو ۽ ان وقت ڌانڌلي جو الزام ھڻي احتجاج ڪيو ۽ روڊن تي اچي ويو ۽ لاڳيتو 5 سال روڊن تي رھيو، ان ۾ چار مھينن وارو ڌرڻو به شامل آهي. 2018ع جي اليڪشن ۾ سڄي ملڪ مان ڌڙا ڌڙ ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ لڳا، باقي ميمبرز کي گڏ ڪرڻ وارو ڪم جھانگير ترين جي جھاز ڪيو ۽ عمران خان کي وزيراعظم جي منصب تي پھچايو. عدم اعتماد جي ذريعي ھٽايل عمران خان پنهنجي محسنن جي خلاف ايترو ته اڳتي وڌي ويو جو هن 9 مئي جھڙو ڪارو ڏينهن به اچي ويو. اھڙا واقعا اوچتو ظهور پذير ڪو نه ٿيندا آهن، يقينن اهڙن منظم واقعن جي مڪمل تياري ۽ پسمنظر عمران خان جون لاڳيتو نفرت انگيز تقريرون آهن ۽ ادارن جي خلاف ماڻهن کي ڀڙڪائڻ واري عمل پي ٽي آءِ ۽ ذاتي طور تي عمران خان جي خلاف زبردست ماحول جوڙي ڇڏيو آهي ۽ عمران خان جي پي ٽي آءِ جا پويان پير آهن. ھن وقت پارٽي جا اھم ترين اڳواڻ ڌڙا ڌڙ پارٽي ڇڏي رھيا آهن ۽ پارٽي تيزيءَ سان واپس 1996ع طرف روان دوان آهي، ھاڻي ڏسجي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو مڪمل خاتمو ٿئي ٿو يا ان کي جيئرو رکي ٻين لاءِ مثال بڻايو ويندو؟ ڪجھ به ھجي پي ٽي آءِ جيڪو پوکيو ھو اھو لڻي رهي آهي.

شھزاد علي ڪٻر/ ڳوٺ باگو وداداڻي، ٽنڊوآدم

آيو ڄام تماچي ڪينجهر ڪناري!

سنڌ حڪومت لکين اوليائن ۽ درويشن بادشاهن ۽ ابدالن جي سرزمين ٺٽي ضلعي جي ماڳ نوري مهاڻي ۽ ڄام سمي جي لازوال محبت جي مرڪز تاريخي رومانوي ڪردار کي جنم ڏيندڙ ڪينجهر ڍنڍ تي هڪ عاليشان سياحتي مرڪز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت ڪينجهر ڍنڍ کي پرڪشش سياحتي مرڪز بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، سياحتي مرڪز ۾ سياحن کي سموريون جديد طرز جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، نيري رنگ واريءَ پاڻي واري خوبصورت ڪينجهر ڍنڍ جيڪا 24 ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي، جنهن ۾ سوين ٻيڙيون سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان گرمي جي موسم ۾ ايندڙ مردن عورتن ۽ ٻارن کي ٻيڙين ۾ چاڙهي گهمائن ٿا، ڪينجهر ڍنڍ تي سياحتي مرڪز جي اڏاوت لاءِ موزون هنڌ جو تعين ڪيو پيو وڃي، ڪينجهر ڍنڍ ريسٽورينٽ کي جديد سهولتن سان آراستا ڪيو ويندو جيڪو ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن لاءِ تفريح جو هڪ نئون ماحول پيدا ڪندو، هي ريسٽورينٽ مقامي ماڻهن ۽ ڪاروبار ڪندڙن لاءِ روزگار ۽ پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا ڪمائڻ جو ذريعو بڻجي سگهندي. تاريخي ۽ رومانوي رازن جي يادگار ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ نوري مهاڻي جي قبر پڻ آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ سوين ساڃاهه وند، ادب ۽ ثقافت سان محبت رکندڙ ماڻهو نوري جي قبر تي عقيدت سان فاتح پڙهندا ۽ چادر پڻ چاڙهيندا آهن. هتي هن وقت به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون هوٽلون دوڪان ۽ ڪئبنون آهن جتي هر وقت زائرين جي ڏينهن رات رش رهي ٿي، ڪيترائي سياحت جا شوقين رات جو قيام به ڪن ٿا، ڪينجهر ڍنڍ تي هڪ وي وي آءِ پي ريسٽ هائوس پڻ اڏرايل آهي جتي گرمي ۽ برسات جي موسم ۾ سرڪاري مهمان اچي قيام ڪندا آهن، ان دوران جيڪڏهن ان علائقي سميت گورک سميت ٻين ماڳن کي ترقي وٺرائي وئي ته پوءِ سنڌ جي خوشحالي اڻٽر آهي.

شير محمد ملڪاڻي/ ميرپورخاص

قومي امن ڪونسل آر هيومن رائيٽس آف پاڪستان!

قومي امن ڪونسل آر هيومن رائيٽس ڪميشن براءِ بين المذھب هم آهنگي پاڪستان مرڪزي چيئرمين راشد علي بليدي جي هدايتن تي هي تنظيم پوري پاڪستان سميت سنڌ ۾ ڪم ڪري پئي، تنظيم ۾ ميمبر سازي جو سلسلو جاري آهي، زير نگراني سينئير وائيس چيئرمين سنڌ غلام رحيم جوڻيجو  تنظيم بابت بريفنگ ڏني. تنظيم جا عهديدار چونڊيا پيا وڃن، تنظيم جو منشور هيٺ ڏنل ايجنڊا تحت آهي. (1) پاڪستان جي قيام جو مقصد هر پاڪستاني کي ملڪ پاڪستان جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ ۽ عوام جي دل ۾ ملڪ جي لاءِ محبت کي اجاگر ڪرڻ. (2) نوجوانن جي دل ۾ ملڪ لاءِ محبت ۽ جغرافيائي، نظرياتي سرحدن جي حفاظت لاءِ جذبو رکڻ. (3) ملڪ ۾ نظريه پاڪستان ۽ دفاع پاڪستانيت کي هٿي ڏيڻ (4) عام حالتن ۽ ايمرجنسي ۾ گڏجي ملڪي حفاظت ڪرڻ. (5) پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج ۾ هم آھنگي ۽ اعتماد ۾ اضافو ڪرڻ. (6) نسلي، مذھبي، لساني تعصب کي ختم ڪرڻ. (7) ملڪي ادارن کي عوامي خدمت ڪاري جو جذبو ۽ عوام کي ذميواري جو جذبو پيدا ڪرڻ (8) غريب مسڪين مظلوم سان گڏ بيهي انهن جا حق وٺرائڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ (9) ملڪ دشمن عناصرن خلاف مهم هلائڻ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي مقابلو ڪرڻ (10) معاشري ۾ سماجي براين جي خاتمي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪرڻ انهي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ فرقي واريت دهشت گردي جي خاتمي لاءِ عوام سان گڏجي ڪوشش ڪرڻ. ڄاڻايل تنظيم هر مظلوم سان گڏ بيهي انهي کي پنهنجي حصي جو حق وٺرائڻ لاءِ پابند هوندي ان کان سواءِ قومي امن ڪونسل آر هيومن رائيٽس آف پاڪستان وياج خورن خلاف هڪ ڪاميٽي جوڙي رهي آهي اها ڪاميٽي سنڌ جي هر ضلعي ۾ انڪوائري ڪندي هر مظلوم جو ساٿ ڏيندي ته پوءِ اچو ته محب وطن تنظيم ۾ شامل ٿي ملڪ جي مظلوم عوام جو سهارو بڻجي خدمت ڪيون.

غلام رحيم جوڻيجو موکار /مٺي

بلاول ڀٽو جي اردن ولي عهد جي شادي تقريب ۾ شرڪت!

پاڪستان لاءِ سفارتي لاڳاپا بهتر بڻائڻ هر قسم جو بحران ختم ڪرڻ عالمي دنيا خاص ڪري مسلمان ملڪن سان بهتر لاڳاپا روان رکڻ لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت اڳ کان وڌيڪ ٻه قدم اڳيان رهندي پيو اچي، پاڪسان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جنهن اردن جي ولي عهد جي شادي تقريب ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير جي حيثيت سان شرڪت ڪئي، جنهن تقريب ۾ بلاول ڀٽو سميت 1700 عالمي اڳواڻ شريڪ ٿيا، ڳالهه اها آهي ته عبدالحسين بن عبدالله جي شادي تقريب ۾ خاتون اول جل بائيڊن برطانوي شهزادي وليم ۽ سندس گهر واري ڪيٽ شرڪت ڪئي، جنهن تقريب ۾ پاڪستان ڏانهن بلاول ڀٽو شريڪ ٿيو تقريب ۾ قطر، بيلجيم، اسپين، برونائي، نيڌرلينڊ ۽ ٻين ملڪن جي شاهي مهمانن جي شرڪت ڪئي، بلاول ڀٽو پاڪستان جي پرڏيهي وزير طور هن وقت عالمي برادري وٽ پاڪستان ڏانهن ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، جيڪو پاڪستان جي عوامي پارٽي پ پ پ جي باني ذوالفقار ڀٽو ڏوهٽو ۽ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جو فرزند آهي، جنهن مان عالمي دنيا کي سندس والده محترمه بينظير ڀٽو جي جهلڪ نظر ايندي آهي، جنهن به پنهنجي وزيراعظم واري وقت ۾ پاڪستان جا عالمي برادري سميت مسلمان ملڪن سان لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڏنو هو، هن وقت به بلاول ڀٽو پنهنجي خانداني سياسي طور طريقن ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسين موجب دنيا جي دوست ملڪن ڏانهن هٿ وڌائڻ ۽ لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ ٻه قدم اڳتي آهي. ڳالهه ڪجي پاڪستان جي پرڏيهي سياسي تاريخ جي جيڪا ڀٽو فيملي طرفان پاڪستان جي سياسي خدمت جي شاهد آهي، بلاول ڀٽو جي ناني ذوالفقار ڀٽو به پرڏيهي وزير جي حيثيت سان پاڪستان جا ٻاهرين ۽ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻايا جنهن بهتر وڌيڪ بڻائڻ تي ڏنو جنهن به مسلمان دينا جي حڪمرانن شهنشاهه ايران سميت سعودي ولي عهد شاهه فيصل سميت چين، آمريڪا ۽ هندوستان جي وزيراعظم نهرو جي آخري رسمن ۾ شرڪت تائين پهچي پوڻ جهڙيون ذميواريون پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تحت پاڪستان خاطر ادا ڪيون ۽ بلاول به ان جو ڏوهٽو آهي جيڪو به ناني ۽ والده جي سياسي نقش قدم تي هلڻ واري ڳالهه تي پورو آهي، جنهن کي دنيا هڪ سٺي عوامي سياسي خاندان جي وارث طور سڃاڻي ٿي، جيڪو پاڪستان کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڪوشان آهي.

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل