ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي ‘انتظامي اهليت’ جو سوال

0
373
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي حوالي سان هر سال وانگر هن مالي سال دوران به سنڌ جي منتظمين جي ڪارڪردگي انتهائي ناقص رهي آهي، پر مجال آهي جو سنڌ جو انتظامي سربراهه معاملي جو نوٽيس وٺي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کان ڪو پڇاڻو ڪري، ويتر ان نا اهليءَ جو دفاع ڪندي تشريحون ۽ تاويلون پيش ڪيون پيون وڃن. خبرون آهن ته سنڌ حڪومت جا مختلف کاتا هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن دوران جاري ٿيل بجيٽ جو به صرف 62 سيڪڙو خرچ ڪري سگهيا آهن. ترقياتي رٿائن لاءِ سنڌ حڪومت طرفان ڪل 459 ارب روپيا رکيا ويا هئا، جنهن مان خزاني واري کاتي 75 سيڪڙو رقم جاري ڪئي ۽ ان جاري ٿيل رقم 346 ارب رپين مان ان ترقياتي بجيٽ جي صرف 62 سيڪڙو رقم، يعني 214 ارب رپيا خرچ ٿي سگهيا.

هونئن ته سنڌ جي نامي گرامي ‘پٿر هضم- لڪڙ هضم’ بيوروڪريسي جي ڏاٺ گهڻي تيز ٿي هلي، پر اها تيزي صرف غير ترقياتي بجيٽ لاءِ آهي. ترقياتي بجيٽ ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ڪرڻ ۾ گوٿناٿ جاري هوندي آهي. هلندڙ مالي سال دوران ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ نا اهليءَ جو مظاهرو ماحوليات کاتي ڪيو، جيڪو جاري ٿيل بجيٽ جو به 31 سيڪڙو مس خرچ ڪري سگهيو آهي. ماحوليات کاتي جي اهڙي ڪارڪردگيءَ جون واڌايون ڪير وصول ڪندو؟ ان کان پوءِ ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ ۾ ٻيون ۽ ٽيون نمبر صحت ۽ تعليم کاتي جو آهي، جيڪي ترتيبوار 52 ۽ 62 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ مس خرچ ڪري سگهيا آهن. مجموعي طور تي حساب لڳايون ته مختص ڪيل ڪل بجيٽ 459 رپين مان 214 ارب رپيا ترقياتي اسڪيمن تي خرچ ٿيڻ جو مطلب آهي ته هلندڙ مالي سال جي 26 مئي تائين صرف 46 سيڪڙو رقم خرچ ٿي سگهي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته سنڌ جي بيوروڪريسي جي نا اهليءَ سبب 54 سيڪڙو بجيٽ خرچ ئي نه ٿي سگهي. جڏهن اڌ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ خرچ ئي نه ٿي سگهي ته اهڙي ڪارڪردگيءَ کي ڪهڙو نالو ڏجي! اسان ان راءِ جا آهيون ته ترقياتي بجيٽ خرچ نه ڪرڻ سنڌ جي ترقيءَ کي روڪڻ جي مترادف آهي. هڪ ته اڳ ئي اهي بهانا هوندا آهن ته فنڊ ناهن ۽ جڏهن فنڊ ملندا آهن ته پوءِ به انهن کي خرچ ڪرڻ ۾ نا اهليءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي منتظمين جون گڊ گورننس جي حوالي سان دعوائون اکين تي، پر اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته حڪومتي کاتن جي مجموعي ڪارڪردگيءَ سان ئي گورننس جو پروفائل جڙندو آهي، ۽ جڏهن کاتا سڄي سال ۾ اڌ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ خرچ ڪرڻ جي اهليت نه رکندا هجن، ان ڪارڪردگيءَ سان گورننس جو ڪهڙو پروفائل جڙي ٿو، اهو سمجهڻ مشڪل نه آهي. ترقياتي بجيٽ خرچ ڪري نه سگهڻ جي نا اهلي صرف هڪڙي سال جي نه آهي، هر سال ائين ٿيندو آهي پر انهن کاتن جي ذميوارن کان پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. هڪ ته خزاني واري کاتي 25 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ جاري ئي نه ڪئي، باقي جيڪا رقم جاري ڪئي ويئي اها به پوريءَ ريت خرچ نه ڪئي ويئي. سنڌ جو انتظامي سربراهه رڳو هر ٽن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ وٺي ته گهٽ ۾ گهٽ اها حالت نه رهي. جيڪڏهن ‘چيڪ اينڊ بئلنس’ نه هوندو، خود احتسابيءَ جو طريقو نه هوندو ته ڪارڪردگي ڪيئن بهتر ٿيندي؟

اسان سمجهون ٿا ته ترقياتي بجيٽ رڳو ان ڪري نٿي خرچ ڪئي وڃي، جو بيوروڪريسي سمجهي ٿي ته ڪٿي اها احتسابي ادارن جي پڪڙ ۾ نه اچي وڃي، ڇو ته ڪرپشن جو هيراڪ اهو ڪامورڪو ڪڙم ته ڪرپشن کان پاڻ پلي نه سگهندو، ان ڪري اهو خوف ۾ ترقيءَ کي روڪي سنڌ جي عوام کي سزا ڏيئي رهيو آهي. اڌ کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ خرچ نه ڪري سنڌ جي ترقيءَ واري عمل کي روڪڻ انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. ان ڪري سنڌ جي انتظامي سربراهه کي اهڙي ڪارڪردگيءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.