سياسي “چڪرويو” ۾ ڦاٿل ڪپتان

0
421
سياسي “چڪرويو” ۾ ڦاٿل ڪپتان
سياسي “چڪرويو” ۾ ڦاٿل ڪپتان

 هندو ازم جو بنياد جنهن ڪتاب تي رکيل آهي، اهو ڪتاب گيتا آهي، پر اهو پويتر پستڪ جنهن ڪٿا جو هڪ باب آهي، ان ڪٿا جو نالو آهي، مهاڀارت!

                 مهاڀارت انهن سون ڪردارن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي جيون، مرتيو، ڪام، ڪروڌ ۽ سنگرامن مان گذري انسانن کي سمجهه جا ڪجهه سوتر آڇين ٿا. مهاڀارت جي ڪهاڻي ايتري ته من ڀاوڪ آهي، جو پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو بي بي سيءَ کي ارپڻ واري انگريز صحافي مارڪ ٽلي پنهنجي ڪتاب No Full Stop in India  يعني “پوري دم کان بيپرواه ڀارت” ۾ لکي ٿو ته، “جڏهن شام جو دوردرشن تي ڊراما سيريل مهاڀارت هلندو هو ته انڊيا جا مارڪيٽ بند ٿي ويندا هئا ۽ سنسان سڙڪون ڪرفيو جو ڏيک ڏينديون هيون”.

                 سياست، سازش ۽ جنگ جي ان دلچسب داستان ۾ هڪ موڙ ان جنگي چال جو به آهي، جنهن کي “چڪرويو جي رچنا” چيو ويندو آهي. چڪرويو ميدان جنگ ۾ سپاهين کي ان طرح سان مقرر ڪرڻ جي ڪلا آهي، جنهن مان هر جنگي جوڌو نڪري نه سگهندو آهي. ڪورون حڪومت سان وڙهندڙ پانڊو فوج مان اها ٽل صرف مهارٿي ارجن کي ايندي هئي. پر هڪ ڀيري ارجن کي دور ڪري هن جي نوجوان پٽ اڀيمنيو کي چڪرويو ۾ آڻي نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو.

ڀارت جي راجنيتيءَ ۾ “چڪرويو” هڪ مشهور محاورو آهي. هڪ اهڙي سياست جي سازشي منصوبي ۾ ڦاٿل يا ڦاسايل پاڪستان جو سياسي ڪپتان عمران خان (هاڻي ابو قاسم) به پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان مشڪل مرحلي ۾ آهي. هن جا دوست، دشمن ۽ دنيا وارا يڪ ٽڪ نهاري رهيا آهن ۽ ويچاري رهيا آهن ته ڇا هن ڀيري به مقدر جي سڪندر کي ڀاڳ ڀيڙو ڏيندو ۽ هو اهو گهيرو ٽوڙيندو؟ جنهن ۾ هو هر ڏينهن وڌيڪ گهيرجي رهيو آهي. اڪيلو ۽ ڪمزور ٿي رهيو آهي. پهريون ڀيرو هن مان پوڙهائپ ليئا پائي رهي آهي. هن جا سڀ کان سگهارا ۽ ويجها ساٿي هن کي ڇڏي ويا آهن ۽ ڇڏي رهيا آهن. پر ان تي ڪنهن کي به حيران ٿيڻ جو حق ڏئي نه ٿو سگهجي، ڇو ته عمران خان جي سياست 9 مئي کان جنهن مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، هي ان سياست جا ماڻهو هئا ئي ڪونه! هو ته هڪ محفوظ ۽ اقتدار جي کٽي مِٺي سياست ڪرڻ جا هيراڪ هئا. انهن ته ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته ڪور ڪمانڊر جو گهر شعلا شعلا هوندو ۽ انهن شعلن جي پس منظر ۾ تحريڪ انصاف جو جهنڊو جهولندو نظر ايندو. جي ايڇ ڪيو جي مين گيٽ کي ڌڪا ڏئي ٽوڙيو ويندو. جهازن جا ماڊل جلايا ويندا. ريڊيو پاڪستان پشاور کي ساڙي رک ڪيو ويندو. اهو سڀ ڪجهه انهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ۽ ان ۾ انهن جو پنهنجو قصور هو، ڇو ته تحريڪ انصاف جي حلقن ۾ جيڪا هوا جمع ٿيندي رهي، اها نيٺ ڪڏهن ته ڦاٽي هڪ طوفان جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻي هئي. عمران خان کي پراڻن ساٿين کان بيگانو بڻائڻ جو عمل گهڻو مشڪل به ٿي پئي سگهيو پر سنڌ جي اڳوڻي گورنر کان وٺي سڌ سماءَ جي سابق منسٽر تائين هو سڀ آرام ۽ سڪون واري سياست جا هيراڪ هئا. انهن جو ڪهڙو ڪم ته وڃي جيل جي کولين ۾ گرم فرشن تي سمهن ۽ پنهنجي آس پاس هلندڙ ڪولين ۽ ماڪوڙين جو مشاهدو ڪن. ڇا چي گويرا انهن جو چاچو هو يا هو نيلسن منڊيلا جا ڀاڻيجا هئا؟ انهن کي ٺٺ ڪرڻا هئا. وزارتون وٺڻيون هيون. مال ڪمائڻا هئا. محل ٺاهڻا هئا. انهن جو ڇا وڃي تاريخ جي تعمير سان!؟

عمران خان کي ٻرندڙ باهه ۾ تنها ڇڏيندڙ پي ٽي آءِ جي پراڻن اڳواڻن کي ته هونءَ ئي وڃڻو هو پر سوال اهو آهي ته ڇا رياست جي نظر ۾ اهو عنصر به آهي، جيڪو آزمائش ۾ آيل عمران خان سان گڏ بيٺل آهي يا ان سان ويجهو اچڻ جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي. تاريخ ۽ سياست جو پاڻ ۾ چولي دامن جو ساٿ هوندو آهي. اسان کي سياست جي سائنس اهو سمجهايو آهي ته تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪو اسپيس خالي نه ٿو رهي سگهي. ان کي ڀرڻ جي لاءِ ڪا نه ڪا قوت اوس وڌي ايندي آهي. ان ڪري عمران خان کي اقتداري سياست مان ڪڍي انقلابي سياست ۾ ڌڪڻ واري قوت کي سوچڻ گهرجي ته ڇا انهن جو اڄوڪو فيصلو سڀاڻي سندن پڇتاءَ جو سبب ته نه بڻبو؟

تحريڪ انصاف ڪڏهن به ڪا نظرياتي پارٽي نه رهي آهي. پر اقتدار مان نڪري احتساب ۾ اچي وڃڻ بعد ته ميان نواز شريف به نظرياتي سياستدان بڻجي ويندو آهي. هن وقت عمران خان صرف پنهنجي جان بچائڻ واري سرگرميءَ ۾ مبتلا آهي. هن جي چوڌاريءَ موجود سهارا هن کان جدا ٿي رهيا آهن. هن جي پارٽي هڪ اهڙي جادوءَ جي نگري بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ ڪالهه تائين رنگ، خوشبو ۽ رونق هئي. اڄ ان ۾ صرف ڀيانڪ پاڇا پاڻ پسائي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ هو دل هاري پاڻ کي وڌيڪ نقصان پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو؟ هن وٽ اڄ به هڪ واٽ موجود آهي. جيڪڏهن هو مڪمل طور تي هٿيار اڇلائي ۽ سياست مان توبهه تائب ٿي، تحريڪ انصاف کي اها قيادت ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿئي، جيڪا ملڪ جا مالڪ چاهين ٿا ته هن کي سياسي نه ته ذاتي جيئدان ملي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن هو فيصلو ڪري چڪو آهي ته هو آخري بال تائين کيڏندو ته پوءِ ايندڙ وقت جي حوالي سان اهڙي پيشن گوئي به ڪرڻ محال محسوس ٿي رهي آهي، جهڙي گذريل ڏينهن پاڪستان جو مشهور صحافي حامد مير ڪري رهيو هو.اقتداري سياست کي جوئا قرار ڏيندڙ اهو به چوندا آهن ته هر جوئاريءَ جي حصي ۾ هڪ اهڙو وقت به ايندو آهي، جو هن پاران ابتا اڇلايل پتا به هن جي فتح جو سبب بڻجي ويندا آهن. عمران خان پنهنجي ذاتي توڙي سياسي زندگيءَ ۾ هن مهل تائين گڊلڪ (Good Luck) جي علامت بڻيل رهيو آهي. ڇا هاڻي هن جي قسمت هن جو وڌيڪ وقت ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار ناهي؟ ڇا هاڻي اها ايتري ٿڪجي پئي آهي، جيتري هن جو ساٿ ڏيندي هن جي سهڻي ۽ سلڇڻي سابق گهر واري جمائما ٿڪجي پئي هئي؟

عمران خان جو سياسي آغاز ايترو اتساهيندڙ نه هو پر سوال اهو آهي ته پاڪستان جي سڀ کان پاپولر پاليٽيشن جو انجام ڪهڙو ٿيندو؟ هن وقت ته سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا هو پاڻ کي ان گهيري مان ٻاهر ڪڍي سگهندو؟ جنهن کي ڀارت جا پترڪار سازشي چڪرويو چوندا ۽ لکندا آهن. هو هن وقت تائين صرف دفاعي ڪوششن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته هن سدائين اڳرائيءَ واري سياست ڪئي آهي. پر هو هاڻي اهو قدم ڪنهن جي سهاري کڻي؟ هن جي پارٽيءَ جو هڪ حصو ڀڄي ويو آهي. هن جي پارٽيءَ جو ٻيو حصو جيلن ۾ آهي. ٽيون حصو روپوش آهي. هن جي پارٽيءَ جي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول جو سمورو نظام ويهجي ويو آهي. هن وقت هن جو سهارو صرف پرامن سياسي احتجاج ٿي سگهي ٿو. پر عملي طور تي ثابت ٿي رهيو آهي ته هن کي هن حال ۾ ڏسي به عوام هن جي حق ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن جي حمايت ۾ جيڪي به آواز اٿن ٿا، اهي گهڻو ڪري سمنڊ پار رهندڙ هن جي سياسي ساٿين جا آهن. پاڪستان ۾ ته هن جا اهي ساٿي ۽ حامي به سانت آهن، جيڪي ڪنهن وقت ۾ سوشل ميڊيا جي ڪوپ ۾ طوفان اٿارڻ جي طاقت رکندا هئا. جن پنهنجي محنت سان پاڪستان جي روايتي ميڊيا کي به اڳتي وڌڻ جي راهه نه ٿي ڏني. پر هن وقت هو سڀ ائين گم آهن، ڄڻ انهن جو ڪو وجود ئي نه هو. ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن جو ڪو وجود ناهي. انهن جو وجود آهي، بلڪل به آهي، پر ان سلسلي ۾ سوال اهو آهي ته عمران خان جا نظرن کان الوپ ٿي ويل حامي پاڻيءَ ۾ اڇلايل پٿر آهن يا هو ٻنيءَ ۾ پوکيل ٻج ثابت ٿيندا؟

عمران خان جي لاءِ دنيا جا ملڪ ۽ انهن جا سربراهه يا انهن جا سفارتي حلقا ڇا سوچي رهيا آهن؟ ڇا پاڪستان جي سياسي شڪنجي ۾ ڦاٿل هي بندو ڪنهن کي ياد به آهي؟ هن مهل تائين ڪنهن ملڪ مان هن جي همدرديءَ جو اهڙو اظهار به نه ٿيو آهي، جهڙو پرويز مشرف جي پاران آندل پرامن بغاوت کان بعد ۾ سعودي حڪمرانن پاران ميان نواز شريف جي لاءِ آيو هو. جڏهن ته هن جي ڀيٽ ڪنهن به طرح سان زيڊ اي ڀٽو سان ته ڪنهن به صورت ۾ نه ٿي ڪري سگهجي. ڇو ته زيڊ اي ڀٽو لاءِ پاڪستان جي ازلي دشمن ملڪ جي پرائم منسٽر کي به ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو سدائين افسوس رهيو ۽ اهڙي افسوس جو پيغام هن بينظير ڀٽو کي هڪ صحافيءَ جي هٿان موڪليو به هو.

عمران خان بنيادي طور تي ڪرڪيٽ جو رانديگر رهيو آهي. هو جنهن وقت به جڏهن پنهنجي باري ۾ گفتگو ڪندو آهي ته اڪثر پنهنجي ڳالهه جي ابتدا اهڙي طرح سان ڪندو آهي ته، “مان ڪرڪيٽ کيڏندو هوس…….” هو سدائين ميدان ۾ رهيو. هن مٿان مقابلي جي ميدان ۾ ڪيتريون مهلون آيون. ڪڏهن هن تمام گهڻيون تاڙيون وڄرايون ۽ ڪڏهن افسوس جو اهو هوڪارو هڻايو، جيڪو ڪيچ ڊراپ ٿيڻ يا ڪلين بولڊ ٿي وڃڻ جي صورت ۾ انبوهه مان اٿندو آهي. هر رانديگر کي پنهنجي حصي جون تاڙيون وڄرائي زندگيءَ جي پويلين ۾ موٽي وڃڻو هوندو آهي، پر عمران خان اهڙو رانديگر ثابت ٿيو، جيڪو ڪرڪيٽ جي ميدان مان نڪري عوامي سياست جي ميدان ۾ آيو ۽ ان ميدان تي هن ڪرڪيٽ کان گهٽ ڪاميابيون نه ماڻيون. هن جهڙي طرح جگادري ۽ نسل در نسل اقتداري سياست ڪندڙ خاندانن کي خوار ڪيو ۽ هو جهڙي ريت غيرسياسي ٽيم جي سهاري سياسي طور تي مشهور ٿيڻ ۾ تمام گهڻو ڪامياب ٿيو، ان سلسلي ۾ اهڙو مثال اهڙي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي، جيڪي ڪرڪيٽ کيڏندا آهن. عمران خان جي سلسلي ۾ اها ڳالهه عجيب آهي ته هو سدائين ميڙن جي وچ ۾ رهيو آهي. هو ڪالهه ڪرڪيٽ جي ميدان تي تماشائين جو توجهه جو مرڪز هو ۽ اڄ سياست جي ميدان تي دنيا جي ديد جو مرڪز بڻيل آهي. ڪالهه هن جي باري ۾ خوشيءَ ۽ خدشي سان سوچيو ويندو هو ته ڇا هو ميچ کٽي ويندو؟ اڄ ساڳين احساسن سان هن جي باري ۾ ويچاريو پيو وڃي ته ڇا هو پاڻ کي پنهنجي خلاف رچيل “چڪرويو” مان ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟ ان جا امڪان گهٽ ۽ اميدون ڪافي ڪمزور ٿيون نظر اچن!!