جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

 

تمام گھڻي برسات عابد ۽ ڏاهاڻيءَ کي اندر مون واري کوليءَ ۾ اندر اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، هڪ ساٿي منهنجي پيرن کان ۽ ٻيو مون کان ڪجھه مفاصلي تي ڍير ٿي پيو، اهي ٻئي مون کي سموري رات تمام گھڻا ڊسٽرب محسوس ٿيا پر آئون کنوڻين جي تجلين سان ڪچهريون ڪندو رهيس ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچيندو رهيس ته ڇا منهنجو به ڪو اولاد هوندو؟ ڇا منهنجي شادي منهنجي پرين سان ئي ٿيندي؟ جي سزا پوري ڪاٽڻ کان پوءِ منهنجي ديت جا 44 لک مون وٽ نه ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ آئون تصور جي دنيا ۾ پنهنجي پرين ۽ ٻن ٻارن سان گھر جي لان ۾ راند رهي رهيو هئس ته گھر جو بيل وڳو، منهنجي زال در کولڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿي پر وري ڪجھه سوچي بيهي ٿي رهي ته آئون وڃي در ٿو کوليان. هڪ فائر کنوڻ جي گوڙ سان رلجي ٿو وڃي ۽ آئون پنهنجي دل جي پار هڪ وڏو سوراخ محسوس ٿو ڪريان، منهنجا ٻار ۽ زال مون کي چمبڙي روئڻ ٿا شروع ڪن جنهن جي آواز ۾ تمام گھڻي مظلوميت محسوس ٿو ڪريان، قاتل چهري جو ماسڪ درست ڪندي بس ايترو ٿو چئي ته هاڻ مون کي 10 لک ملي ويا. اڄ نيرن وغيره به ڪجھه دير سان آئي، عابد ۽ ڏاهاڻي ڪورٽ جي شنوائيءَ تي هليا ويا آهن ۽ آئون کوليءَ ۾ اڪيلو بس پرين کي ويٺو ٿو ساريان. هو اڃا مون لاءِ محرم الحرام جو نياز به کڻي ناهي آئي، آئون ڄاڻان ٿو ته اُن جي دل ۾ به اُن تُڻ هوندي، پر هو به ته ڳوٺاڻي ۽ معصوم ۽ مجبور ڇوڪري آهي، جيڪا اڪيلي ته اچي نٿي سگھي مون تائين. مون کي عابد جون ڳالهيون به ياد اچي رهيون آهن ته آزاديءَ کان پوءِ پنهنجو خيال رکجانءِ متان مون جھڙو ڪو قاتل تو واري ماسيءَ کان چار 5 لک وٺي گھمائي نه ڇڏئي. منهنجي ذهن ۾ ٻي ڳالهه به اچي رهي آهي ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڌيڪ طاقتور آهي ۽ شايد اڃا اُها گولي مارڪيٽ ۾ ئي ناهي آئي جيڪا آصف ڇلگريءَ جي دل ۾ سوراخ ڪري سگھي.

 

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (14 آگسٽ 2022، شام جا 07:44 وڳا)

 

رمضان المبارڪ ۾ پاڙيسرين جي سار لھو!

 

هي رب پاڪ جو نظام جيڪو صدين کان هلي رهيو آهي ۽ هلندو رهندو، هن ڀلاري ڀونءِ تي ڪيترائي امير ۽ غريب رهن ٿا، هرڪو ماڻهو پنهنجي ڌن ۾ آهي، ڪمائي ٿو ۽ کائي ٿو، رب کان سواءِ ڪنهن جو به آسرو نه ٿو ڪري. اسان جيڪڏهن پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائينداسين ته ڪيترائي غريب ۽ مستحق ماڻهو ملن ٿا پر انهن ۾ اهڙا سفيد پوش به آهن جيڪي ضرورتمند هوندي به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيندا آهن. معاشري ۾ هڪڙا ماڻهو عياشي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪي وري روزانون پنج سو رپيا ڪمائڻ به ڏکيو آهي. اڄ ڪلهه جي مهانگائي جي دور ۾ ڏٺو ويو آهي ته هر ماڻهو دانهون ڪري ٿو ته گذارو نٿو ٿئي. عام ماڻهو چوي ٿو ته پگهار وارن جا مزا آهن پر پگهاردار به ساڳيون دانهون ٿو ڪري. غريب چاهي ٿو ته اسان جلد امير ٿيون ۽ امير اڃا وڌيڪ امير ٿيڻ جي چڪر ۾ آهن پر ٿيندو اهو آهي جيڪو رب چاهيندو آهي. هي مهينو رمضان شريف جو آهي، جنهن ۾ روزيدار کي روزو کولائڻ جو تمام وڏو ثواب ملندو آهي. اسان سمنڊ تي نظر وجهون جتي لکين مڇيون، پکي ۽ ٻيا جانور رهن ٿا، جن کي رب پاڪ بنا ڪمائڻ جي انهن کي روزي ڏئي ٿو. اسان اهو ڪڏهن سوچيو آهي ته رب پاڪ اسان کي مهمانن جي روزي پڻ ڏيندو آهي. رب سائين جي پنهنجي حڪمت آهي، جيڪو پاڻ ئي ڄاڻي ٿو. اسان کي به ان جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي. هڪ رات هڪ ڪالوني ۾ اوندهه جو فائدو وٺندي هڪ مولانا جيڪو غريب هو پنهنجي اٺن سالن جي نياڻي کي سنسان گهٽي مان وٺي وڃي رهيو هو ته پاڙي جي ڪجهه نوجوانن کانئس پڇيو ته چاچا هن وقت توهان هن نياڻي کي ڪيڏاهن وٺي ٿا وڃو؟ مولانا ڪو بهانو ٺاهيو ۽ جواب ڏنو ايئن وري ٻي رات به اهو ڪم ڪيائين ته نوجوانن سوچيو ته اڄ هن کي ڏسون ته هي ڪيڏاهن وڃن ٿا. ان رات نوجوانن هنن جو پيڇو ڪيو، هنن ڏٺو ته اهي ڪالوني کان ٻاهران ڪجهه پٿرن جو ڍڳ آهي اتي ڪچرو پڻ اڇلائيندا آهن. نوجوانن ڏٺو ته ٻارڙي ڪيلو کائي رهي آهي ۽ مولانا ڪچري مان ڪجهه ٻيو کاڌو هن کي ڏئي رهيو آهي، هي ڏکوئيندڙ منظر ڏسي پاڙيسري نوجوان ڏاڍو پشيمان ٿيا ۽ چيائون ته مولانا کان پڇيائون ته توهان ايئن روز ڇو ڪندا آهيو؟ مولانا بغير ڪنهن پشيماني جي هنن کي ٻڌايو ته مان غريب ۽ پوڙهو آهيان، هاڻ ڪمائي نٿو سگهان، منهنجي نياڻي روزانو اسرار ڪندي آهي ته مون کي ڪيلا ۽ ٻيون شيون آڻي ڏي، پاڙي جا ٻيا ٻار روز سموسا، جليبي ۽ فروٽ کائن ٿا مون کي ٻي وصيت نه هئي ان ڪري رات جو روز نياڻي کي هتي وٺي ايندو آهيان ۽ جيڪو پاڙي وارا کاڌو ڦٽو ڪندا آهن ان مان کائڻ جهڙيون شيون ڪڍي کيس ڏيندو آهيان.

 

آخوند نوراحمد ڏهوٽ/ ڦلجي اسٽيشن

 

سنھي گوني، ھلندڙ ڪم ۽ وڌندڙ مسئلا!

 

2021ع ۾ سنھي گوني تي پٿرن جي پيچنگ جو ڪم شروع ڪيو ويو ھو، جيڪو 4 ڪلوميٽر مس ھليو ھو ته ان کي ناڪارا سمجهي ڪروڙين رپين جو عوامي خزانو لٽائي وري 2022ع ۾ پڪي لائننگ جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو يقينن اڳئين پراجيڪٽ کان سٺو ۽ پائيدار آهي، جنهن سان 30 سيڪڙو پاڻي جي بچت ٿيڻي آهي پوءِ پڇڙي تائين پاڻي جي رسائي سولي بڻجي ويندي، هتي آبادگارن پاران اٿاريل ڪم بابت خدشن ۽ سوالن جي ڳالهه ڪنداسون ته هن وقت تائين مُنڍ کان 20 کن ري ڊزائين ڪري واٽر ڪورسن جا ٻڌل موڳا پاڻي جي پيچ موجب ٺاهيا ئي ناهن ويا، اسان رڳو هتي ٻن واٽر ڪورسن جي موڳن جي ٻڌجڻ کان پوءِ پيچ جو جائزو ٿا پيش ڪريون، هڪ واٽر ڪورس نمبر آهي11-L، هي واٽر ڪورس ري ڊزائين ٿيڻ کان اڳ ۾ 250 ايڪڙ زمين آباد ڪندو رهيو آهي، جيڪو هاڻ 24 ڪلاڪن ۾ 5 کان 7 ايڪڙ ٻني سيراب ڪري ٿو، ٻيو واٽر ڪورس نمبر آهي. 7-L هن تي 350 ايڪڙ زمين جي پيج چڙهيل آهي، هن 24 ڪلاڪن ۾ 5 ايڪڙ فصل ڀرايو آهي، ساڳي حال نون ٺهيل موڳن 5-L، 6-L ۽ ٻين جو آهي، اها صورتحال رهي اهڙيون ناجائزيون رهيون ته ماڻهو تنگ ٿي جنگ به ڪندا، جن جو گذر ئي زراعت سان آهي، اهو پنهنجو گذر ڏکيائي ڏسي لازمي آهي موڳا ٽوڙيندا، پائيپ هڻندا، اڃا ٻيا ڪي طريقا استعمال ڪندا، خدارا! ماڻهن کان رزق کسڻ جي ڪوشش نه ڪريو، نه ڪي ذاتي لالچ ۾ اچي ڪن واٽر ڪورسن جا موڳا ماپ کان وڏا ۽ ڪن جا وڌائي آبادگارن کي ڪنهن ڏکئي ۽ ناجائز رستي تي هلڻ تي مجبور نه ڪريو. هتي پاڻي جي موجودگي زمينن جي جوڙجڪ جي ڪٿ ڪري پاڻي جي منصفاڻي ورهاست ڪريو، توهان اڳيان پاڻي ورهاست جا مول، متا اصول موجود آهن، ڪجهه مثال اڳيان رکجن ٿا انهن کي جاچي اڳيان وڏو “ٿرواهه” يا ٽالهي جي “شير شاخ” ۾ پاڻي جي ورهاست جو نظام به ڪيئن هلي پيو، ڪنهن کي ڪا شڪايت ڪونهي، ٿر واهه ڏسو ڀٽون پيو ڀري، شير شاخ پڇڙي آباد ڪري، ڍورا ڀري ڇڏيا اٿس، اهو سڀ ڪجهه سٺي انتظام ڪاريءِ ۽ اثرائتي پلاننگ جو نتيجو آهي، هي اربين رپين جو پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ کان پهرين خدشن جي ور چڙهي ويو آهي، اڃا وقت آهي سڀني لاڳاپيل ڌرين سان گڏ ويهي گڏيل صلاح سان خراب ٿيل ڪم سڌاري سگهجن ٿا، ان ۾ ئي سڀني جي مستقبل ۽ نسلن جي ڀلائي آهي. اميد ته وزير آبپاشي ڊائريڪٽر، انجنيئر، ايس دي او صاحب هن اهم مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون ڪتب آڻيندا.

 

محمد قاسم چانڊيو/ آبادگار سنهي گوني(اڪرم واهه)

 

ھڪ چٺي شازيا مري جي نانءُ!

 

ھن تيز ترين دور ۾ انسان دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويو آھي جو انسان خدا کي به وساري ويٺو آھي ۽ توھان کان عوام جو وسرڻ ڪا معنيٰ نٿو رکي. متان توھان کان وسري ويو ھجي، مان توھان کي ٻڌائندو ھلان ته سال 2022ع جي مھاٻوڏ ۾ مون آدم جي ذات کي جانورن جيان تڙپندي ۽ مرندي ڏٺو آهي. 2022ع جي ٻوڏ ۾موت جا عجيب و غريب واقعا پيش آيا. معصوم گلن جھڙا ٻارڙا ڳڀي جي ڳولا ۾ در در تي ھلندي چنڊ ڏانھن تڪيندي برساتن ۾ کليل آسمان ھيٺ سمهندي نيٺ بک برداشت نه ڪري سگھيا ۽ حقيقي مالڪ سان وڃي مليا. ڪٿي امڙين جھڙي عظيم هستي پاڻي جي تيز وھڪرن ۾ لڙھندي لڙھندي پنھنجي زندگي جو انت آڻي ويٺي ۽ ڪٿي وري گھرن جون ديوارون ڪرڻ سبب ڪيترن ئي انسانن جون زندگيون بي گناھ موت جي ور چڙھي ويون. ھن ٻوڏ ۾ زراعت ۽ چوپائي مال جو ايترو ته نقصان ٿيو آهي جنھن جي ڪا ڳڻپ نٿي ڪري سگھجي. ٻوڏ ۾ اربين کربين رپين جي نقصان کان پوءِ عوام کي چند رپين جو راشن ڏئي توھان سنڌ فتح نه ڪئي آهي. مان توھان کي اھو به ٻڌائيندو ھلان ته ٻوڏ دوران جي توھان جا موڪليل ٽينٽ مڇردانيون ۽ راشن جا ڪٽا ڀوتارن جي بنگلن تائين محدود رھيا، غريب جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور ھئا. خير جيئن به ٿيو وقت ڏکيو سکيو گذري ويو، ھاڻ توھان کي گذارش آھي ته برساتي پاڻي جو نيڪالي جو رستو ٺھرايو ته جيئن ايندڙ برساتن ۾ عوام ڏکيا ڏينھن نه ڏسي.

 

شان سنڌي/کپرو

 

هڪڙي چٺي وائيلڊ لائيف کاتي حڪومت سنڌ ڏانهن!

 

مٺيءَ سان لڳ ڳوٺ مٺڙائو ۾ مور پکي روزانون ٽي کان چار تعداد ۾ مرڻ لڳا آهن، جڏهن ته هي ٿرپارڪر جو خوبصورت پکي آھي، انهن پکين ۾ گهڻن ڏينهن کان بيماري ڦھلجي وئي آھي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن پکين جي سار سنڀار لھڻ وارو ادارو اگهور ننڍ ۾ ستل آھي. گهڻن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي اسان ٿر واسي آواز اٿاريون پيا پر انهن ڪرپٽ ڪامورن کي انهن پيارن پکين جو ڪو احساس ئي نه آھي. هو حرام جون پگهارون ڳڙڪائي رهيا آھن پر ڏنل ذميداري تي وائيلڊ لائيف کاتو اگهور ننڍ ۾ ستل آھي. اسان کين سجاڳ ٿا ڪريون ته هن معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي انهن پکين کي موت جهڙي راڪاس کان بچايو وڃي، ھي پکي ٿر جي سونهن آھي، هن سونهن مور پکي کي ڏسڻ لاءِ خاص ڪري وسڪاري جي موسم ۾ پري پري کان سياح ايندا آھن، جيڪو خاص ڪري انهن پکين جو ديدار ڪرڻ لاءِ ايندا آھن، تنهن ڪري اسان سنڌ حڪومت جي وائيلڊ لائيف کاتي جي ذميوارن کي عرض ٿا ڪريون ته هن معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي انهن سهڻن پکين جي جان بچائي وڃي.

 

اسلم سميجو/ ڪراچي