پنجاب جو سياسي بحران ۽ ان جو حل

0
162
پنجاب جو سياسي بحران ۽ ان جو حل

 جيڏانهن ڏسو ۽ جنهن کان ٻڌو سڀ ڪنهن جي وات اها وائي آھي ته پاڪستان پنهنجي دور جي شديد بحران مان گذري رهيو آھي۔ ڏٺو وڃي ته پنجهتر سالن جي عمر کي پهچڻ باوجود اسان جو ملڪ بحرانن جي ور چڙھيل آھي، جيڪي ٽرڻ يا  ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿا وٺن۔ “چري ڪيئن؟ چئي- ويرون وير وڌ” واري حالت آھي اسان جي ملڪ جي، جيڪا تحقيق طلب آھي۔ درحقيقت پاڪستان جي سياست هڪ سَتَ کَلو   بال آھي، اسڪول ۾ ويندڙ ان مداري جي ٻولن وانگر آھي، جيڪو ٻارن جي دل وندرائڻ خاطر ڊيبڪي وڄائي “دٻلي ۾ دٻلو، تنهن ۾ به دٻلو” ڳائيندو ۽ کلائيندو وتندو آھي۔ پاڪستان جو عوام ان اسڪولي ٻار جيان اٻوجھ، معصوم ۽ اصل حقيقتن کي سمجھڻ کان غير سنجيده ۽ اڻ واقف، پنجويھ سال پرنٽ ميڊيا، ٻيا پنجويھ سال اليڪٽرانڪ ۽ ٽيان سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا جي ور چڙھي ترتيبوار ڪڏهن اسلامي نظام، ڪڏهن روٽي ڪپڙا اور مڪان، ته ڪڏهن “آئيگا عمران، بنيگا نيا پاڪستان” جي سراب پٺيان ڊوڙندو رهيو آھي. پاڪستان ۾ هن مهل افراتفري جو دور آهي، جيڪو درحقيقت پنجاب جو سياسي بحران آھي، جنهن ۾ اتان جي اشرافيه هڪ ڳالهه تي متفق نٿي ٿئي، نه ته حڪومت وڃائڻ ۽ حڪومت حاصل ڪرڻ عام رواجي سياسي مسئلي کان وڌيڪ ڪجھ ناهي۔

علم سياسيات ۾ ٿلهي ليکي حڪومت جي معنىٰ آھي “حڪمراني ڪرڻ جو عمل”۔ ڪا به تنظيم يا سياسي پارٽي ڪنهن به رياست اندر، طئي ٿيل قاعدن قانون مطابق حڪومت ڪندي آھي، پر پاڪستان اندر طئي ٿيل قانون پنجاب جي حڪمران اشرافيه جي مرضي سان تبديل ٿيندا رهن ٿا۔ سياست، مذھب، جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽرشپ ۽ انصاف جي نالي ۾ ملڪ اندر عوام سان جيڪي ٺڳيون ٿيون، جيڪي هٿرادو بحران پيدا ڪيا ويا، انهن جا پيرا پنجاب جي اشرافيه ڏانهن وڃن ٿا۔  سنڌي، بلوچ، بنگالي ۽ پٺاڻ ڪنهن ليکي چوکي ۾ نه ويهين صدي ۾ هئا ۽ نه ايڪيهين صدي ۾ آھن۔

ٻين صوبن جي سياسي ٽرمنالاجي به پنجاب جي اشرافيه جي تحريرن کان مختلف آھي۔ پنجابي اشرافيه ۽ غير پنجابي ساڃھ وند وٽ ملڪ ۽ وطن جا جدا جدا تصور ملن ٿا۔  سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ وٽ عام طور ترتيب ۾ “ورهاڱو” يا بٽوارو لفظ استعمال ٿيندو آھي ۽  رياست جي ماءَ وارو تصور به فقط پنجاب جي اشرافيه وٽ آھي۔ هن وقت سڄي سياسي ڌماچوڪڙي جو مرڪز به لاهور آھي۔ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا يا پشاور جو هن سڄي مهاڄار ۾ نه ڪو ڊول نه چمٽو۔ آئين جي بيخ ڪني به لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ٿي رهي آھي ۽ اتان جي ججن جي سياست ۾ مداخلت ميڊيا تي عيان ٿي چڪي آھي۔ اسانجو شيخ صاحب کين قابل قبول ڪونه هو، ڇو ته سنڌي هجڻ جي ناتي مٿس اعتماد ڪونه پئي ڪيو ويو۔ هو به پڪ سان انهيءَ راند جو حصو نه ٿئي ها، تنهنڪري کيس Elevate ٿيڻ ئي نه ڏنو ويو۔ پاڪستان جي عدالت عاليه جو شڪار رڳو سياستدان ناهن پر سندن پيٽي ڀائي به ان جو شڪار ٿيندا رهندا آھن۔ جنهن جو تازو مثال جسٽس احمد علي شيخ ۽ قاضي فائز عيسى آھن۔ جمهوريت جي نالي ۾ اقتدار تي عدالت ذريعي قبضو ڪرڻ جي سياست جو محور به پنجاب رهيو آھي۔ سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمنٽ ۽ ڪامورا شاهي جو ملڪ کي ترقي جي راهن تي هلائڻ، قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ ڪو ڪردار، ڪا هلڪي ڪوشش، ڪو روشن پهلو ڪٿي به نظر نه ايندو۔ بس، هر قدم بحران ڏانهن۔   پاڪستان آزادي وقت پنجن صوبن ۽ ڪجھ Princely states تي مشتمل هڪ وفاقي رياست طور دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو هو۔ ملڪ مسلمانن لاءِ ورتو ويو هو پر لاهور جي اشرافيه مسلمانن کي مسلمان بنائڻ جي شروعات ڪئي هئي۔ سنڌي، بنگالي، بلوچ ۽ پٺاڻ سياستدانن سان جٺيون ڪرائڻ ۾ انهن جو هٿ هو۔

غور سان ماضي تي نظر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته پاڪستان کي بحرانن جي ور چاڙھڻ جو جوابدار پنجابي اشرافيه يعني elite class  آهي، جيڪي پاڪستان کي هڪ خود مختيار آزاد ملڪ نه پر انگريز طرفان مليل پنهنجي جاگير سمجھندا اچن ٿا۔ اها پنجاب جي اشرافيه ئي هئي، جنهن ملڪ ٺھڻ کان پوءِ پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت تان هٿ کڻي بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن کي به ايئن ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ انهن جي انڪار کي پاڪستان جو بحران سڏي ڪيئي ڪتاب ۽ مضمون لکيا۔ ون يونٽ جو ٺھڻ به پنجابي اشرافيه جي دماغ جي پيداوار هو. بنگالين جي عددي گهڻائي کي تسليم نه ڪرڻ، انهن جي ووٽ کي عزت ڏيڻ بدران سندن ڇنڇري لاھڻ، ٿڏا هڻي ان کي ڦاڙڻ ۽ کين جدا ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ پنجاب جو پيدا ڪيل بحران هو۔ پنجابي اشرافيه پاڪستان تي حڪمراني ڪرڻ کي پنهنجو ازلي حق سمجهي ٿو۔ ورهاڱي کان پوءِ گڏيل پاڪستان اندر  جڏهن هو ٿورائي ۾ هئا ته دين جو سهارو وٺي جمهوريت جي ڳالھ ڪئي وئي۔ ون يونٽ، 1956ع جو آئين ۽ ملڪ کي اسلامي جمهوريه نالو ڏيڻ بنگالين جي عددي حيثيت کي تسليم ڪرڻ کان انڪار هو۔ “ووٽ ڪو عزت دو” وارو نعرو جيڪڏهن ستر ۾ هنيو وڃي ها ته اڄ بنگلاديش دنيا جي نقشي تي نه هجي ها. مطلب ته ڪنهن به پيدا ٿيل بحران جو تجزيو ڪبو ته اهو پنجابي اشرافيه جو پيدا ڪيل ملندو۔ ايوب کان باجوه تائين سڄي ڄنڊا پٽ جو جوابدار اتان جو اليٽ ڪلاس آھي، جنهن ۾ اتان جا سياستدان، جنرل، جج، ڪامورا، واپاري ۽ چوڌري شامل آھن۔ موجوده سياسي، معاشي ۽ سماجي بحران جي شروعات پنجاب مان ٿي هئي ۽ ان جي انتها به اتي ٿيڻي آھي۔ سياسي ۽ دفاعي تجزيه نگار ڀلي ته ان کي پاڪستان جو بحران سڏين پر ايندڙ وقت جو غير جانبدار ليکڪ ان کي پنجاب جو بحران ئي سڏيندو۔ ڪفر جون فتوائون، فرقيواريت، غداري جا ليبل پنجابي اشرافيه جون خرافات آھن۔ ميڊيا تي مخالفن کي لعنت ملامت ۽ گارگند جهڙا خير جا ڪم سندن هٿن جو کيل آھي۔ اهڙي ملامتي سياست ڪرڻ جو ٻوٽو پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۾ لڳي چڪو هو

جمهوريت ذريعي ڪابه ڌر اقتدار ۾ فقط پنجاب جي ووٽن ذريعي اچي سگهي ٿي، تنهنڪري نون ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي سياستدانن ۽ ورڪرن وٽ پنجاب جو هر سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلو پوري پاڪستان جو مسئلو سمجھيو وڃي ٿو، جن مان کين ڪڍڻ ۾ ڪورٽون به بري طرح ناڪام ويون آھن۔ موجوده بحران ۾ سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ عوام جو رويو “مينون ڪي” وارو وفاق لاءِ هڪ خطرو ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري پاڪستان جي مفاد ۾ اهو آھي ته جلدي هڪ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنهن ۾ ملڪ جي قوم پرست سياستدانن ۽ ساڃھ وندن کي اعتماد ۾ وٺي پنجابي اشرافيه کي هن بحران مان ڪڍڻ لاءِ صلاحون ورتيون وڃن۔ پاڪستان سڀني جو ملڪ آھي، تنهنڪري  پنجابي اشرافيه جي جهيڙي کي ملڪ گير جهيڙو نٿو سڏي سگهجي۔

drchandioir@ gmail.com