“ٿرڊ پارٽيءَ” کي وزارتون ڪڏهن ٿا ڏيو؟

0
169
سياسي سرچاءِ جو مليل موقعو وڃائڻ نه گهرجي!

توڙي جو هي جمهوري رياستن جو دور آهي، بادشاهتن جو دور نه آهي، بادشاهتون هن وقت تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ ملنديون، سواءِ چند “جديد بادشاهتن” جي، جن جي بادشاهن (۽ راڻين) جي به اختيارن جا ڏند ۽ ڏاٺون نڪتل آهن. اهي صرف علامتي بادشاهه آهن، پر سنڌ جا حڪمران پاڻ کي حقيقي بادشاهه سمجهن ٿا. هندستان جي عظيم سلطنت جو بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر به اهم معاملن بابت پنهنجن 9 رتنن سان مشاورت ڪندو هو، پر سنڌ جا حڪمران اهم معاملن بابت به اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪرڻ ضروري نٿا سمجهن، انهن اهم معاملن مان هڪ معاملو نائين کان ٻارهين تائين امتحان “ٿرڊ پارٽيءَ” ذريعي ڪرائڻ پڻ آهي، جنهن جي سڄي سنڌ مان شديد مخالفت باوجود سنڌ جي حڪمرانن “جنبشِ ابرو” سان ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هاڻي سنڌ جي 15 لک شاگردن کان “ٿرڊ پارٽيءَ” ذريعي امتحان ورتا ويندا. پيپرن جي تياري، امتحان وٺڻ، ڪاپين جي چڪاس ۽ نتيجا ٺاهڻ خانگي شعبي جي “ٿرڊ پارٽيءَ” جي ذميواري هوندي.

سنڌ جي مسند نشينن طرفان، هونئن ته سڀني شعبن ۾، پر خاص طور تي تعليم جي حوالي سان ڏاهپ ۽ تدبر کان خالي فيصلن جي وڏي تاريخ رهي آهي. اهڙن فيصلن سنڌ جي سرڪاري شعبي جي تعليم جي تباهيءَ جي تسلسل کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي. امتحان “ٿرڊ پارٽيءَ” کان ڪرائڻ جو مطلب تعليمي بورڊ “مقاطعي” تي ڏيڻ جي مترادف آهي. جڏهن امتحاني پيپر ٺاهڻ، امتحان منعقد ڪرائڻ، امتحاني ڪاپين جي چڪاس ۽ نتيجن جي تياريءَ جو ڪم “ٿرڊ پارٽي” ڪندي ته تعليمي بورڊن جو باقي ڪم ئي ڪهڙو ٿو رهجي وڃي؟ ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن آهي، مارڪون ۽ گريڊ وڪرو ٿين ٿا، پوزيشنون وڪرو ٿين ٿيون پر ان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ بدران ان جو حل اهو آهي ته تعليمي بورڊن کي غير فعال ڪري اهم ڪم “ٿرڊ پارٽيءَ” جي حوالي ڪيا وڃن؟ اصل ڪم ڪرپشن ختم ڪرڻ آهي، پر ان لاءِ به تعليمي بورڊن واري وزارت پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. سنڌ جي 8 تعليمي بورڊن مان 5 ۾ چيئرمين مقرر ٿيل ناهن ۽ اهي بورڊ بنان چيئرمين جي هلي رهيا آهن. ايڏي وڏي انتظامي ڪوتاهيءَ جو ذميوار ڪير آهي؟ چيئرمين مقرر ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ چيئرمين مقرر نه ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڇا سنڌ ۾ اهڙا پنج به اهل ماڻهو نه آهن، جن کي تعليمي بورڊن جو چيئرمين مقرر ڪري سگهجي؟ اسان سمجهون ٿا ته تعليمي بورڊن ۾ اهي اهم عهدا خالي ڇڏڻ جي ڪري ڪرپشن کي هٿي ملي آهي ۽ ايڏي وڏي انتظامي ڪوتاهيءَ جي سزا سنڌ جي تعليم کي ملي رهي آهي! ڇا اهي عهدا ڄاڻي ٻجهي ان ڪري خالي ڇڏيا ويا هئا ته جيئن ڪرپشن وڌي، جنهن کي جواز بڻائي سنڌ جا بورڊ “تين وال” ڪيا وڃن؟ اڳ ۾ به اهڙا تجربا ڪري ادارن کي نقصان پهچايو ويو آهي. هن کان اڳ اسڪول ۽ اسپتالون اين جي اوز کي ڏنيون ويون، جن ۾ بهتري اچڻ بدران انهن جو اڳوڻو سوجهرو به چٽ ٿي ويو. هاڻي وري تعليمي بورڊن تي تجربو ڪري سرڪاري شعبي جي تعليم جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هنيو پيو وڃي!  منتظمين پنهنجي حصي جي ڪوتاهي دور ڪونه ٿا ڪن، باقي انهن جو زور “ٿرڊ پارٽيءَ” کي ورسائڻ تي! جيڪڏهن “ٿرڊ پارٽي” ايڏي ئي باصلاحيت ۽ فعال آهي ته پوءِ انهن کي وزارتون ڏيڻ وارو تجربو ڪڏهن ٿا ڪريو؟ “ٿرڊ پارٽيءَ” جي “باڪمال ماڻهن” جي “لاجواب سروس” جا ايڏا ئي معترف آهيو ته پوءِ اهو تجربو به ڀلا ڪري ڏسو!

سنڌ جي تعليم جو اهم مسئلو ان جو معيار بهتر ڪرڻ آهي، جيڪو سٺي انتظام، ڪاپي ڪلچر جي خاتمي، بهتر نصاب، جديد تدريسي طريقن، امتحان جي بهتر طريقيڪار سان مشروط آهي. امتحان جو ساليانو طريقو متروڪ ٿي چڪو آهي، پر ساڳئي امتحاني طريقي مطابق “ٿرڊ پارٽي” امتحان وٺندي ته ڪهڙو انقلاب اچي ويندو؟ ان ڪري نوان نوان تجربا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. تعليمي بورڊن ۾ چيئرمين مقرر ڪري، ڪرپشن جي خاتمي جا اپاءَ ورتا وڃن. بادشاهي فيصلا ڪرڻ بدران هر اهم معاملي تي اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪئي وڃي!