جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو ٽيون ۽ آخري)

منهنجي اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڪامريڊ منظور جي اکڙين ۾ ڪنهن خوبصورت ۽ معصوم ٻار جي اکين جھڙي چمڪ اچي وئي آهي. ڪامريڊ مرڪندي منهنجي پُٺاڙن کي ٺپيندي چيو ته ڳالهه نه پڇ، مُنهن تي مشابهت ناهي، باهه ٻاري ڏني اٿئي باهه، جنهن ۾ سمورو ملڪ سڙي ۽ ٻَري رهيو آهي. ڪامريڊ منظور جي اها حوصلا افزائي مون لاءِ ڪنهن به وڏي اعزاز کان گھٽ نه آهي، جنهن تي مون کي پڻ فخر آهي. ياد رهي ته اهڙا جھُونا ۽ مضبوط انقلابي دوست ۽ اڳواڻ توهان کي هر هنڌ نه ملندا پر جي توهان جي انهن کان وڌ کان وڌ سکڻ ۽ پرائڻ جي ڪوشش ڪيو ته هي اهي موتيءَ داڻا، ٻرندڙ ۽ روشن سِج آهن جن کان هر وڻ ۽ ٻوٽي کي انقلابي سوچ ۽ توانائي طاقت ملندي آهي. عابد ڪاغذن جي ٽي سي ايس ڪرائي آيو آهي، هُن چيو ته ٽي سي ايس جي قيمت ڀرڻ لاءِ پئسا مون کي قيدين کان ڦوڙي ڪرڻا پئجي ويا. عابد جي ان عمل تي مون کي تمام گھڻي کِل آئي. ظفر بروهيءَ سان به تمام سٺي ۽ بهترين ڪچهري ٿي. اڄ برسات جي ڪري مون چيسٽ کان سواءِ ٻي ڪا به ورزش نه ڪئي. شام جو دير تائين پارڪ ۾ واڪ ڪندا رهيا سين ان دوران جھڙ، کنوڻين ۽ برسات جي هلڪي هلڪي بوندن سميت موسم جو مزو پڻ وٺند رهياسين. هن وقت منهنجي قيد جا ساٿي ٽي ويءَ تي ويٺا دل وندرائين ۽ هن وقت برسات پڻ تمام تيز ٿي چڪي آهي، جنهن جي ڪري هر طرف جھل ٿل ٿي وئي آهي. جيل جي ڇتين ۽ ڀتين کي برساتي پاڻي ڌوئي رهيو آهي،تيز برسات جي ڪري پاڻيءَ جي ڪرڻ ۽ نيسارن وهڻ جو گوڙ به گڏوگڏ هلي رهيو آهي. هن وقت پکي پکڻ وڃي پنهنجي آکيرن ۾ ٿانيڪا ٿيا آهن، اسان به کوليءَ ۾ ويٺا برسات جا نظارا ڪري رهيا آهيون. تيز برسات جي ڪري بجلي به ڄاڻ وئي. جيل جي ماحول ۾ هڪ عجيب طلسمي خاموشيءَ جو راڄ آهي.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد، 13 آگسٽ 2022 (شام جا 06:25 وڳا)

مهانگائي، بچت بازارون، سياست ۽ عوامي نفرت!

پاڪستان تحريڪ انصاف کان سواءِ باقي رهيل تقريبن سڀني سياسي پارٽين تي ٻڌل پي ڊي ايم قيادت جي موجوده حڪومت کي هڪ سال پورو ٿيڻ وارو آهي، پي ڊي ايم وارن گذريل عمران حڪومت کي مهانگائي ڪرڻ واري هڪ نقطي جي آڌار تي ان خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ لانگ مارچ ڪندي گهر ڀيڙو ڪيو ۽ عوام سان واعدو ڪيو ته اسان ملڪ مان مهانگائي ختم ڪري ملڪ کي مظبوط بڻائينداسين پر افسوس پي ڊي ايم جي قيادت عمران خان جي حڪومت دوران ٿيل مهانگائي کي گهٽ ته نه ڪري سگهي پر مورڳو ان کان وڌيڪ مهانگائي ڪري ملڪ جي عوام کان جيئڻ جو به حق کسي ورتو آهي ۽ جڏهن رمضان شريف مهينو شروع ٿيو ته جيئن هرسال وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي رمضان بچت پيڪيج جو اعلان ڪندي آهي پر هن سال اهو به رڳو اعلان ڪيو ويو پر عمل نه ٿيو ۽ يوٽيلٽي اسٽورن تي عوام کي ڪابه ضرورت واري شيءِ نه پئي ملي ۽ يوٽيلٽي اسٽور صفا خالي ۽ ويران لڳا پيا آهن، ٻئي پاسي وري سنڌ حڪومت رمضان شريف مهيني ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ سڄي سنڌ جي ايم پي ايز کي پنهنجي پنهنجي حدن اندر مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ۽ ايئن ضلعو نوشهروفيروز لاءِ محرابپور، ڪنڊيارو تعلقن لاءِ ايم پي اي سيد سرفراز شاهه ۽ مورو نوشهروفيروز لاءِ ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو، جن پنهنجن پنهنجن تعلقي ھيڊڪوارٽرن ۾ بچت بازارون لڳائي انهن بازارن جا افتتاح ڪري دورا شروع ڪري ڇڏيا ۽ سندن خاص ماڻھن سوشل ميڊيا تي وڏيون وڏيون پوسٽون رکڻ شروع ڪري ڇڏيون ته اڄ صاحب فلاڻي فلاڻي شهر جي بچت بازار جو دورو ڪيو ۽ صاحب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عوام لاءِ بچت بازارون لڳائي مهانگائي تي مڪمل طور ڪنٽرول ڪري رهيا آهيون. حقيقت ۾ ڪابه بچت نه هئي رڳو عوام کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ بچت بازارن وارو شوشو ڇڏيو ويو هو انهن بچت بازارن جي اگهن کان ته ڊي سي آفيس نوشهروفيروز جي سامهون واقع شاپنگ مال تي سامان سستو ملندو آهي، سو مايوس ٿي واپس گهر موٽي آياسين ۽ گهر اچي سوچيم ته هن هوشربا مهانگائي جي هوندي غريب مسڪين عوام عيدالاضحيٰ ڪيئن ملهائيندو ڇو ته ملڪ جا سياستدان جيڪي ڪرسي جي لالچ ۾ هڪ ٻئي کي ڪيرائڻ ۾ مصروف عمل آهن انهن کي عوام جي ڏکن دردن جو ڪو به احساس ناهي ۽ مهانگائي انتها درجي تي پهچي چڪي آهي پر هنن کي سواءِ ويڙهه ۽ سياست بازيءَ جي ڪجھه به نظر نٿو اچي ۽ عوام بي يارومددگار مري رهيو آهي، کين عوام جي اهنجن، تڪليفن جو ڪو به احساس ناهي ڪو به خيال ناهي ته انهن حالتن ۾ عوام عيد ڪيئن ڪندو؟ ان لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت اپوزيشن وارن کي گهرجي ته ملڪ ۽ ملڪ جي عوام واسطي ڪجھه سوچين ۽ گڏجي ويهي سڀ سياستبازيون ڇڏي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو پلان تيار ڪن ڇو ته اهوئي عوام آهي جيڪو انهن کي ووٽ ڏئي عام مان خاص بڻائي ٿو اگر عوام مهانگائي ۽ ٻين مسئلن سبب روزانون مري رهيو آهي ته پوءِ ڪير انهن کي ووٽ ڏيندو ۽ هي عام مان خاص ڪيئن بڻبا ۽ خدانخواسته هنن جي ان ويڙهه جو ڪو فائدو وٺي هنن کي هميشه لاءِ ميدان مان ٻاهر به ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ سڀني کي عوام جو سوچي انهن جي فلاح و بهبود لاءِ سوچڻ گهرجي.

 

محمد خالد ميمڻ/ ڦل

 

ھزارين استاد پاس ٿيڻ کان پوءِ به ڪاڇي جا اسڪول کُلي نه سگھيا؟

 

سنڌ جا ھزارين استاد آءِ بي اي ٽيسٽ ذريعي پاس ٿيندڙ استادن کان پوءِ به هن وقت تائين ڪاڇي جا سوين اسڪول کُلي نه سگھيا آهن، اھڙو ئي ڳوٺ دودو ملوکاڻي ۾ اسڪول نه هجڻ سبب ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن، هڪ طرف سنڌ سرڪار جي طرفان سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڪاڇي ڪا ڪيترائي ڳوٺ اسڪول سهولت کان محروم آهن، ڪٿي استاد ناهن، ڪٿي اسڪولي عمارت ناهي، ته ڪٿي وري اسڪولن ۾ ڪي به سهولتون موجود ناهن، ايئن ئي يونين ڪائونسل ٽنڊو رحيم خان جي ڳوٺ دودو ملوکاڻي سالن کان اسڪول جي سهولت کان محروم بڻيل آهي. اھڙي طرح گاجي شاهه جي اسڪول ۾ استاد مقرر ھجڻ باوجود مڊل اسڪول گاجي شاهه کي تالو لڳل آھي، اھڙي ريت يوسي ڇني جي مڊل اسڪول جي عمارت جو ڪم گذريل 10 سال کان رولڙي جو شڪار آهي. آخرڪار ڪاڇي جي تعليم جو ذميوار ڪير آھي؟ ٻارڙن جو مستقبل جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ڪاڇي جا اسڪول ڪڏھن کلندا؟ ڇا ڪاڇي جا ٻارڙا ڪڏھن تعليم حاصل ڪندا؟

مير مرتضيٰ لاشاري/ ٽنڊو رحيم خان، ڪاڇو

سنڌ ۾  هٿرادو مهانگائي تي ڪنٽرول ڪڏھن ٿيندو؟

 

ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ ملڪ جي موجوده وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف اڳيان گوڏا کوڙيندي عام واهپي جون تمام شيون ايتريون ته مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن جو ملڪ جو غريب طبقو ايتري حد تائين پريشان آھي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته ملڪ کي بچائڻ ۽ قرض لاهڻ لاءِ غريب عوام کي برباد ڪرڻ لاءِ حڪمرانن جون هي سازشون ڪيستائين جاري رهنديون؟ جڏھن ته هن وقت رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو شروع ٿي چُڪو آهي، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ هن بابرڪت مهيني ۾ خاص طور غريب طبقي لاءِ وڏو پيڪيج هوندو آهي، جنهن ۾ هر ضرورت واري شيءِ سستن اگهن تي دستياب ڪئي ويندي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ هن مهيني ۾ خاص طور حڪومت کي ڪرپشن ۽ منافعي خور ڪاروباري ماڻهو ۽ دڪاندارن کي ڪمائي جو موقعو ملندو آهي ۽ ضلعي حڪومتن ۽ مارڪيٽ ڪاميٽين کي ريٽ لسٽ جاري ڪرڻ جا پڻ اختيار هوندا آهن پر ايتري ته لاقانونيت لاڳو ٿي چُڪي آهي جو ڄڻ ته قانون انصاف حڪومت جي نه پر بااثر  منافعي خورن جي هٿ لڳي ويو آهي. ان کان پهرين سنڌ حڪومت جي ذميواريون نڀائيندين ضلعي ۽ تعلقي سطح تائين جوڙيل مارڪيٽ ڪاميٽين ڊي سيز اي سيز ۽ ڪمشنرن کي رمضان المبارڪ مهيني ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ فوري طور سُجاڳ ڪري غريب عوام کي پريشانين کان بچائي سگھجي پيو.

 

محمد اسماعيل لانگاهه/ ڊرگھه بالا، ڪاڇو

 

داسو ڊيم جي تعمير ۽ مفاد!

 

داسو ڊيم هڪ وڏو هائيڊرو اليڪٽرڪ ڪشش ثقل وارو ڊيم آهي، جيڪو هن وقت پاڪستان جي خيبر پختون خواهه صوبي جي ڪوهستان ضلعي ۾ داسو جي ويجهو سنڌو درياهه تي تعمير هيٺ آهي. ان کي پاڪستان واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي واپڊا پاران ڪمپني جي واٽر ويزن 2025ع جي هڪ اهم جز جي طور تي تيار ڪيو ويو آهي. منصوبو 2019ع ۾ شروع ڪيو ويو پر فنڊنگ ۽ زمين جي حصول ۽ فنڊنگ جي سهولت جي انتظامن کان پوءِ 2020ع ۾ ڪم ٻيهر شروع ڪيو ويو، عالمي بئنڪ عمران خان جي حڪومت کي پنهنجي ويزن جي حصي طور 4.2 بلين ڊالر مان 700 ملين ڊالر فراهم ڪرڻ تي راضي ٿي وئي، منصوبي جي تعمير کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. غير قابل تجديد توانائي تي پاڪستان جو انحصار گھٽائڻ نومبر 2019ع ۾ واپڊا 52.5 بلين رپين جي ماليت جو پهريون معاهدو چيني ڪمپني سان اليڪٽررو مڪينيڪل ڪمن لاءِ ڪيو. معاهدي ۾ جنريٽر ۽ ٽرانسفارمر سان گڏ ڇهن 360 ميگاواٽ ٽربائن جي پهرين مرحلي جي ڊيزائن، سپلاءِ ۽ انسٽاليشن شامل آهي، ڊسمبر 2020ع تائين، تعميراتي سرگرميون مين سول ورڪس 02 ڊائيورشن سرنگن، زير زمين پاور هائوس، رسائي سرنگ، ساڄي ڪناري تائين رسائي روڊ، قراقرم هاءِ وي جي منتقلي، پروجيڪٽ ڪالوني، 132 ڪي وي ٽرانسميشن لائين ۽ متاثر ماڻهن جي آبادڪاري جي سائيٽن تي جاري آهي.242 ميٽر 794 فوٽ اوچو ڊيم 4320 ميگاواٽ جي هائيڊرو پاور اسٽيشن کي سپورٽ ڪندو، جيڪو 2160 ميگاواٽ جي ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. پلانٽ 2024 جي آخر ۾ بجلي پيدا ڪرڻ شروع ڪرڻ جي اميد رکي ٿو ۽ پهريون مرحلو 2025ع تائين ڪم ڪيو ويندو. داسو ڊيم پاڪستان کي هر سال 21 ارب يونٽ بجلي فراهم ڪندو. هزاره ڊويزن جتي 10 رپيا ڪمائي رهي آهي. داسو ڊيم جي بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش 4320 ميگاواٽ آهي. ان جو پهريون مرحلو 2026ع ۾ مڪمل ٿيڻو آهي جيڪو 2160 ميگا واٽ هوندو، پهرين مرحلي ۾ 12 ارب يونٽ سستي بجلي پيدا ڪئي ويندي ۽ پوءِ ٻئي مرحلي ۾ 2029ع تائين 2160 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. ان جو مطلب آهي ته نو آرگ يونٽ گهٽ پاڻي موجود ھوندو آهي اهو هن موسم ۾ گهٽ بجلي پيدا ڪندو. هن هڪ ڊيم مان هر سال 21 بلين يونٽ بجلي فراهم ڪئي ويندي، داسو ڊيم سان عوام کي وڏو فائدو پهچندو، جھڙوڪ پاڪستان چائنا جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پي سي جي سي سي آءِ جي صدر چيو ته خيبر پختون خواهه جي اپر ضلعي ڪوهستان ۾ داسو هائيڊرو پاور. پروجيڪٽ DHPP مقامي ڪميونٽي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2664 نوڪريون پيدا ڪيون آهن، جيڪي بحران جي هن گهڙي ۾سي پيڪ چين-پاڪستان اقتصادي راهداري جي اهم سنگ ميلن مان هڪ آهي. پي سي جي سي سي آءِ سيڪريٽريٽ ۾ جوائنٽ چيمبر جي ٿنڪ ٽينڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته ان منصوبي سان لوڊشيڊنگ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ صارفن کي سستي بجلي فراهم ٿيندي، پراجيڪٽ جو هڪ ٻيو وڏو فائدو اهو آهي ته ان سان تربيلا ڊيم جي زندگي 40 سال وڌي ويندي، ڇاڪاڻ ته ان سان عام طور تي وهندڙ گاد ۽ رڻ کي ڦٽو ڪري ڇڏيندو. سنڌو درياهه جي ڪناري سان ۽ تربيلا ڊيم جي اوچائي گھٽائي ڍنڍ ۾ جمع ٿيڻ بعد. PCJCCI جي سينيئر نائب صدر فينگ يولون چيو ته اهو منصوبو ايندڙ ڏينهن ۾ مقامي علائقي مان وڌيڪ ماڻهن کي ويهاريندو، جيڪو ملڪ جي ترقي يافتا علائقن مان هڪ هو.

 

تانيا مستوئي/نوابشاهه

 

آصف علي زرداري سان پاتل ڀاڪر!

 

اڄ يعني ڪجھه ڏينهن اڳ آفيس ۾ پنهنجي هٿن سان سندس تصوير لڳرائي مفاهمت جو اظھار ڪيوسين، سياست جا رنگ ۽ ڍنگ ئي نرالا آھن، 30 سالن تي محيط هڪ دور جي دوريءَ کان پوءِ سياست اتحادي طور ويجهو آندو. مطلب ته اڄ مون کي قلمي ڪرت ڪندي چاچي سائين حاڪم علي خان زراريءَ جون ٿيل ملاقاتون ۽ هدايتون ياد ٿيون اچن، جڏهن آصف علي زرداريءَ جي تصوير آفيس ۾ لڳي رهي هئي. حاڪم علي خان زرداريءَ کان اڳ منهنجي پهرين ملاقات موري کان اڳڀرو نيو جتوئي رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڳوٺ ۾ عام چونڊن 1993ع وارين ۾ پولنگ تي ٿي هئي جتي، مان آصف علي خان زرداري جو پولنگ ايجنٽ هئس، اتي جڏهن اليڪشن واري ڏينهن رئيس آصف علي زرداري، رئيس غلام مصطفيٰ جي ڳوٺ پولنگ وزٽ تي آيو ته هن جي سيڪيورٽيءَ وارن دوستن پڇيو ته پ پ پ جا ايجنٽ ڪهڙا آھن؟ مان وراڻيو ته اسين آھيون، آصف علي ڀاڪر پاتو، ڀاڪرين پئي خيريت پڇيائين ۽ چيو ڪم ڪيئن پيو هلي؟ چيم، سائين صحيح ٿو هلي، رئيس هٿ ڏئي اڳتي هليو ۽ عملي کي سلام دعا ڪري نڪري ويو. اسان اليڪشن جو رزلٽ ورتو ۽ اتي هاريو پ پ پ ڇو ته رئيس وڏي غلام مصطفيٰ خان جي آبائي پولنگ ڳوٺ جي هئي. اڳتي نڪري رات جو 8 وڳي ڌاري رزلٽ کڻي موري روانا ٿياسين. وقت آيو ويو. پولنگ ايجنٽ نامو ٻاروتڻ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو ۽ اسان به اچي ڪراچي وسائي سين.1994ع ۾ عوامي آواز ۾ ڪراچي آفيس وڏين ڏکيائن کان پوءِ ملازمت ملي، ڪم سکيوسين پرايوسين، هلياسين،پنڌ ڏورانهون هو ، ستي سياست جي پيل هئي سو پ پ پ کان پري رهياسين، ڪرت /پورهيو قلمي هو سو جاري رهيو. پورهيو ڪندي ڪندي سياسي بيٺڪون ۽ انٽرويوز ڪندا رهياسين. پيارو دوست عبداش پنهور جي گائيڊ لائين، صحافتي ڪچھريون ۽ ميل ملاقاتون مختلف مڪتبه فڪر جي سربراهن سان ڪيوسين. اڳتي هلي سائين چاچي حاڪم علي خان سان مختلف وقتن تي مختلف اشوز تي به ته ايئن سلام دعا سانگي ڪجهه ڪچھريون رهيون، جن کي اڳتي هلي قلم بند ڪبو. اڄ مسلم ليگ ق جي پليٽ فارم تي صوبائي ڊپٽي انفارميشن جي ذميواري آھي ۽ سنڌ توڙي وفاق ۾ آصف علي زرداريءَ جا اسان ۽ هو سندس پارٽي سطح تي اتحادي آھيون. قلمي ڪرت به جاري آھي ۽ سياسي سفر پڻ، گذريل ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ ق ليگ کي هڪ صوبائي کاتي آرڪائيز جو قلمدان مليو آھي، اسان جو صوبائي BOSS طارق حسن ان جو زميوار آھي ۽ مفاهمتي پاليسيءَ تحت اسان سنڌ حڪومت جا مفاهمتي اتحادي آھيون. اتحاد رئيس آصف علي جي مفاهمتي پاليسيءَ جو نتيجو آھي، سو جتي آفيس ۾ تصوير چوڌري شجاعت حسين جي لڳي اتي اسان جي اسرار تي آصف علي زرداريءَ جي به هنئيسين. آصف علي زرداريءَ سان پراڻيون ڀاڪرين پوڻ واريون يادون سامهون تري آيون، انهن يادن کي تازي ڪرڻ خاطر ڪجهه يادون لکڻ تي دل چاهي ٿي جنهن جي شروعات رئيس چاچي حاڪم علي خان  جي يادن سان شروع ڪبيون.انشاءُ الله.

رحمت الله ٻرڙو/ڪراچي