شيلٽر هومز ۽ دارالامان به غير محفوظ آهن!

0
189
بيگناهه ماڻهن جو ڪوڙن پوليس مقابلن ۾ قتل

هونئن ته سڄي ملڪ ۾ انساني حقن، خاص طور تي عورتن جي حقن جي صورتحال بهتر ته پري جي ڳالهه اهڙي به ڪانهي، جنهن کي اطمينان جوڳو چئي سگهجي، پر سنڌ ۾ ته حالتون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ بنهه خراب آهن. هتي عورتن سان ٿيندڙ سلوڪ کي ڏسي اهو بنان ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اعليٰ قدرن ۽ روشن روايتن واري سنڌ هن وقت عورتن لاءِ محفوظ نه رهي آهي. هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو جسماني ۽ جنسي تشدد آهي. ڪا عورت ان خلاف بغاوت ڪندي، بدبودار روين جي مزاحمت ڪري ٿي، انڪار جي جرئت پيدا ڪري ٿي ته، پوءِ ڪيڏانهن وڃي؟ کيس ان بغاوت جي قيمت چڪائڻي پوي ٿي، ڪڏهن عصمت جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري زندگيءَ جي صورت ۾. عورت کي ڪٿي به پناهه نٿي ملي، نه دارالامان ۾ ۽ نه ئي شيلٽر هوم ۾. اها عورت هڪڙن بگهڙن کان بچڻ لاءِ بغاوت ڪري شيلٽر هوم ۾ پهچي ٿي ته اتي وري ڪنهن ٻئي بگهڙ جي ور چڙهيو وڃي. اهڙو ئي هڪ واقعو ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيلٽر هوم ۾ ٿيو آهي، جتي پيءَ ۽ چاچي طرفان مبينا “خراب سلوڪ” کان تنگ ٿي شيلٽر هوم ۾ پناهه وٺندڙ 13 سالن جي نياڻي شيلٽر هوم جي ملازما جي پٽ جي مبينا زيادتيءَ جو نشانو بڻجي وئي آهي. پوليس سرجن نينگريءَ سان زيادتيءَ جي تصديق ڪئي آهي.

عربن جي دورِ جاهليت ۾ نياڻين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو، ڄمندي ئي انهن کان جيئڻ جو حق کسيو ويندو هو، ۽ سنڌ ۾ کڻي نياڻين کي زنده دفن نه ڪيو ويندو آهي، پر اصطلاحي طور تي اهي “زنده در گور” واري جنجال حياتي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ جي عورتن جي اڪثريت جي زندگي عذاب بڻيل آهي. انهن کي جتي سماجي ناانصافيءَ ۽ غير انساني روين کي ڀوڳڻو پوي ٿو، اتي انهن لاءِ وڏي ۾ وڏو مسئلو گهريلو تشدد آهي، جنهن سبب انهن جي زندگي زهر بڻيل آهي. عورتن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، عورتن کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏنو وڃي ٿو، ڪارنهن جي الزام جي ڪهاڙي هر وقت انهن تي اُڀي رهي ٿي. نياڻيون پنهنجي پسند جي شادي به نٿيون ڪري سگهن. اهڙين اڪثر نياڻين کي پنهنجين زندگين تان هٿ کڻڻو پوي ٿو. ڪا نياڻي عدالت جي ذريعي دارالامان پهچي ٿي ته دارالامان ۾ به ان کي “امان” نٿو ملي. شيلٽر هومز ۽ دارالامان ۾ حالتون ڪهڙيون آهن، ان جو اندازو اتي آپگهات جي واقعن يا اتان فرار ٿيندڙ عورتن مان لڳائي سگهجي ٿو. مطلب ته اتي به جنسي ۽ جسماني تشدد کي سهڻو ۽ غير انساني حالتن ۾ رهڻو پوي ٿو. مختلف وقتن تي اهڙا واقعا رپورٽ ٿيندا رهن ٿا پر ان جي باوجود ڪا بهتري نٿي آندي وڃي. ڪجهه وقت لاءِ ٿورڙي سرگرمي نظر اچي ٿي پر پوءِ وري خاموشي ٿي وڃي ٿي. هن وقت جيڪي واقعا سنڌ ۾ تواتر سان ٿي رهيا آهن، انهن رت جي رشتن تان ئي ماڻهن جو ويساهه کڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ اهڙي اخلاقي غربت اڳي ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. ڇا اسان اخلاقي ڏيوالپڻي جي حد تائين پهچي چڪا آهيون؟ اها ته وري به سنڌ جي گاديءَ واري شهر جي ڇوڪري هئي، جيڪا جنسي تشدد خلاف دانهيندي شيلٽر هوم تائين پهچي ويئي، پر ٻهراڙين ۾ ته ان ماحول کان فرار چاهيندڙ عورتن کي ته شيلٽر هوم جي سهولت به حاصل ناهي ۽ جتي شيلٽر هوم ۽ دارالامان آهن، اتي به وري جنسي ۽ جسماني تشدد جو ئي سِڪو هلي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ دارالامان ۽ شيلٽر هومز جون حالتون بهتر ڪيون وڃن. مڪمل تحفظ جا انتظام ڪيا وڃن. بهتر رهائش ۽ کاڌ خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. انهن پناهه گاهن ۾ به جيل جو ماحول جوڙيو ويو آهي، جنهن  جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي.  انساني حقن جي تنظيمن کي به انهن ادارن تائين رسائي ڏني وڃي.