سوال/سروي … مهانگائي وڌي وئي آهي، رمضان بچت بازار اڃا ناهي لڳي، چونڊيل نمائندا غائب آهن، مقامي انتظاميا ڪو قدم نٿي کڻي: عوام

0
251

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان جي شهر ۾ رمضان بچت بازار قائم ٿي آهي؟ اوهان جي شهر لاءِ مقرر ڪيل چونڊيل نمائندا نگراني ڪن پيا ؟رمضان مهيني ۾ مهانگائي ۽ سرڪار جي ڪاردگي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اسان جي شهرن ۾ رمضان بچت بازار قائم ناهي ٿي، مهانگائي وڌي وئي آهي، واپارين عام واهپي جي شين جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، چونڊيل نمائندا غائب آهن، مقامي انتظاميا به ڪو ايڪشن نٿي کڻي، اهو به چيو ويو ته جتي بچت بازارون قائم ٿيون آهن اتي وري سامان ئي ناهي، رڳو فوٽو سيشن لاءِ تنبو لڳايا ويا آهن، سروي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽ ڪرايا وڃن، بچت بازارون قائم ڪيون وڃن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منظور علي زرداري لکيو ته سڪرنڊ شھر ۾ بچت بازار لڳائي وئي صرف فوٽو سيشن لاءِ، عبدالغفور سروهي لکيو ته ڪجهه به نه، گلزار ملاح لکيو ته مانجهند تعلقي هيڊڪواٽر آھي بچت بازار واري لسٽ ۾ مانجهند جو به نالو آھي، پر لڳي ناهي، اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند جي آفيس بازار کان هڪ منٽ جي مفاصلي تي آھي پر هڪ ڏينهن به نڪري بازار جو دورو ناهي ڪيو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اسان جي شهر پڪاچانگ ۾ بچت بازار قائم ڪرڻ لاءِ شاميانا لڳايا ويا آهن پر اتي ڪوبه سامان نه آهي، عرفان ملاح لکيو ته شهر ڪرونڊي ۾ حڪومت ۽ حڪومتي نمائنده نالي ڪا به شي موجود ناهي بچت بازار نالي ڪا به شي ناهي، مراد علي لکيو ته سيري شھر م ڪابه بچت بازار ڪونهي، چونڊيل نمائندا ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ آهن اھي به غائب آهن، فيض شر لکيو ته تعلقي سنڌڙي ۾ ته اڃان تائين ڪا به بچت بازار قائم ناهي ڪئي وئي دڪاندار پنهنجي پسند سان شين جا اگھه مقرر ڪري رھيا آھن، الهجڙيو لاشاري لکيو ته ٿرڙي محبت شھر ايم پي اي فياض خان ٻٽ جو تڪ آھي پر ڪابه بچت بازار نه لڳي آھي، انيل کتري لکيو ته عمرڪوٽ جو به ساڳيو حشر آھي سواء انتظاميا جي فوٽو سيشن کان، طالب حسين لکيو ته ٻانڌي شھر ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ ڪا به بچيٽ بازار انتظاميا قائم نه ڪري سگھي آھي غريب طبقو ۽ رويدار مھانگائي سبب پريشان آھن، سيف الله پنهور لکيو ته اسان جي شھر کورواھ ۾ رمضان شريف دوران نه ئي سرڪاري سطح تي ڪا بچت بازار قائم ڪئي وئي آھي نه ئي وري مهنگائي گھٽائڻ لاء مقرر ٿيل چونڊيل نمائندي عوام کي رليف ڏيڻ لاء ڪي قدم کيا آھن، نديم منگي لکيو ته اسان جي شھر ڀرياسٽي ۾ سڀ پيسي وارا رھن ٿا ان ڪري ڊي سي نوشھروفيروز کي رمضان بچت بازار لڳائڻ جي ضرورت ناھي پئي، محمد سليمان راهمون لکيو ته شھر شادي پلي ضلعو عمرڪوٽ ۾ ڪا به بچت بازار ڪونهي، نادر ممتاز ڀنڊ لکيو ته اسان جي وڳڻ شھر ۾ ڪابه بچت قائم ناهي ٿي سگھي ۽ نه ئي ڪو انتظاميا نظر اچي ٿي. محمد اويس لکيو ته نوشهرو فيروز ۾ دڪاندارن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته سڳيون ۾ ڪا به بچت بازار ناهي قائم ڪئي وئي ۽ نه ئي وري ڪنهن چونڊيل نمائندن ڪا سار لڌي آهي، مهانگائي عروج تي آهي، ضلعي انتظاميا پڻ غائب آهي، اسامه سنڌي لکيو ته گهوٽڪي شھر م ائين مهنگائي پئي هلي ڄڻ وري زندگي م متان رمضان نه اچي، فهد علي جروار لکيو ته ميرپورخاص ۾ مھانگائي جام آھي ۽ بچت بازار قائم ناھي ٿي پر چونڊيل نمائندا غائب آھن، وحيد مگسي لکيو ته قمبر شهدادڪوٽ جا نمائندا غائب آهن، غلام علي ٻجورو لکيو ته سجاول ۾ بچت بازار لڳي پر ماڻھن جون اهي دانهون هيون ته اٽو موجود نه هو ٻيو ته بچت بازار جي اگهن ۽ مارڪيٽ ۾ فرق نه هو. خاموش خليل شر لکيو ته اسان جي شهر ڪرونڊي ۾ ڪابه بچت بازار نه لڳي آھي نه وري ڪو عملدار يا چونڊيل نمائندو نه اچي سگهيا آھن ,دڪاندارن جي هينئر کان ئي عيد ٿي ويئي آھي، فهد مصطفيٰ لکيو ته گھارو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورساڪرو پاران گھارو ۾ رمضان بچت بازار لڳائي وئي ، چار ڏينھن گذرڻ باوجود ڪا به شئي وڪرو لاءِ ناھي رکي وئي ، ايم اعجاز سومرو لکيو ته اسان جي شھر مکڻ سمون تعلقع شجاع آباد م بچت بازار جي بجائي مهانگائي بازار لڳي پئي آهي، علي نواز کوسو لکيو ته ڪشمور ۾ رمضان بچت بازار قائم ٿي آهي پر فوٽو سيشن ۾ قائم ٿي آهي، حڪومت مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، الطاف کوڙ لکيو ته سجاول ۾ بچت بازار جو افتتاح ڪري ھمراھ فوٽو سيشن ڪري ھليا ويا .زاهد حسين ڏاهري لکيو ته اسان وٽ مريد شاخ شھر ۾ نه آهي بچت بازار غريب عوام پريشان آهي مھانگائي آهي، اشوڪ سمراٺ لکيو ته اسان جي شهر ٽنڊو الهيار ۾ بچت بازار نه مهانگائي بازار لڳي آهي ممتاز علي سميجو ۽ عبدالله ميراڻي لکيو ته هتي راءِ ڏيڻ تائين ميرپوربٺورو ضلع سجاول ۾ ڪابه بچت بازار ناهي لڳي، فراز علي جمالي لکيو ته عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي ويا آهن، مير مور رند لکيو ته اسان جي ڳوٺ ڪاروباري مرڪز سڏجندڙ مقصودو رند ۾ ڪابه بچت بازار نه لڳي آھي نه وري لنڊو سٽي م ڪا بچت بازار لڳي آهي، بلاول سنڌي لکيو ته اسان جي شهر غوث پور ۾ بچت بازار ته قائم ڪونھي باقي مهانگائي بازار عروج تي آهي، اياز صالح پليجو لکيو ته بچت بازارن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو حامي ناهيان، حڪومت ماڻهن کي پنڻ جي پويان لڳائي ڇڏيو آهي،  انور عباسي لکيو ته ٽنڊوباگو ۾ پنجين روزي تائين سرڪاري يا غير سرڪاري طور ڪا به بچت بازار قائم نه ڪئي وئي آهي. غريب ماڻهو مهانگائي سبب ٻنهي هٿن سان ڦرجي رهيا آهن، ڊاڪٽر نظير احمد ابڙو لکيو ته ملير ڪراچي ۾ ڪابه بچت بازار نه لڳائي وئي آھي، محمد نواز لکيو ته  سانگهڙ شھر ۾ به بچت بازار قائم ٿي آھي؛ پر بازار ۾ سامان ناهي، سمير احمد لکيو ته اسان جي شهر واهي پانڌي ۾ ڪجهه به ڪونهي، زاهد علي لکيو ته خانپور مھر ۾ بچت بازار ناھي لڳائي وئي، عامر علي جوڳي لکيو ته اسان شهر مرزاپور ۾ اڃا تائين بچت بازار قائم نه ٿي سگهي آهي، صوفي طارق علي کوسو لکيو ته مانجھند تعلقي توڙي مڪمل ڄامشوري ضلعو ڪامورن توڙي چونڊيل نمائندن تباھ ڪري ڇڏيو آھي، سيد حسن علي شاهه لکيو ته اسانجي شهر ڪڍڻ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي اسان ڪڏهن ڏٺي نه آهي، نور احمد کوسو لکيو ته بدين ۾ بچت بازار ته آهي پر سامان ناهي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته حڪومت کي گهرجي نوان جتوئي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ بچت بازارون لڳايون وڃن. اسلم سومرو لکيو ته اسان وٽ کرڙاھ ۾ نه بچت بازار نه چونڊيل نمائندا ظاهر آهن، منظور ڪنڀر لکيو ته چيلهار ۾ فوٽو سيشن لاءِ بچت بازار لڳي آهي، حبدار علي لکيو ته اسان جي شھر ڪرونڊي ۾ ڪا بــ بچت بازار ناھي لڳائي وئي، امتياز امر لکيو ته اسان جي شهر چوھڙ جمالي ۾ بچت بازار قائم ڪرڻ لاء شاميانا لڳايا ويا آهن پر اتي ڪوبه سامان نه آهي، وحيد مستوئي لکيو ته بچت بازار تہ لڳائي وئي آھي پر صرف فوٽو سيشن لاءِ، وقاص ياسين آرائين لکيو ته اسان جي شھر ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪابه بچت بازار قائم ناهي ٿي، راجو ٺاڪر لکيو ته اسان جي ملڪاڻي شريف م بچت بازار قائم ٿي آھي پر چونڊيل نمائندا غائب آھن؟ امتياز جمالي لکيو ته نواب شاهه شھر ۾ بچت بازار فوٽو سيشن لاءِ لڳائي وئي آهي، زاهد علي لکيو ته خانپور مھر ۾ بچت بازار ناھي لڳائي وئي، ايم سيلمان جمالي، زاهد حسين، سليمان جمالي، امر ذلف علي نهڙي، منظور علي، علي بخش چوهاڻ، غلام رضا راڄپر، جنيد زرين بلوچ، عمران گل سومرو، سيد ناظم ڪاظمي، شاهد حسين ڏاهري، حمير گل راجپوت، امان الله شر، لال بخش پلهه، خالد رضا بجير، محبوب علي، عبدالقيوم لغاري، مجيب الله زئور، تاج محمد، ايم ايچ اترادي، دليپ ڪمار، برڪت عمراڻي، ڪامران علي، سميع الله جان، عمران خواجه، ايم امين، مزمل قادري، شوڪت بلوچ، علي حيدر لاشاري، عزيزالله شر، آرزو لغاري، عمران علي، اورنگزيب لغاري، اسدالله شاهه، شهداد علي، جهانگير رضا چنا، ساگر علي رضا، رجب رحمي بجير، سردار لطيف، غلام مرتضيٰ شورو، نيڪ محمد، منظور علي، عبدالمالڪ لاشاري، رضا محمد بلوچ، محمد انس عمران جسڪاڻي، نياز ڪلوئي، رمضان کوسو، محمد فياض وساڻ، محمد موسيٰ کٽي، ظفر حسين، امجد علي، برڪت علي سومرو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.