اھي صرف لفظ نه هئا!‎
شيخ رشيد جيڪو ٻه ڏينھن اڳ زھر اوڳاڇيو ان تي اسان جو ردعمل معمولي ھو، ڇو جو اسان وري به اھو ٿا سمجھون ته اھا صرف لفظن جي غلطي آھي پر اھا اسان جي ڀل آھي، ڇو ته اسان سنڌي ڪراچي ۾ اڳ ئي اٽي ۾ لوڻ برابر آھيون، اسان جا چونڊيل نمائندا ته چاھين ٿا ته سنڌي ٻھراڙي ۾ رھي سندن غلامي ڪن، انھن جي مدد وري اصل واڳ ڌڻي ڪن ٿا، جن جي تنقيد تي به ٻه سال سزا مقرر آھي، ڇو جو ھنن سنڌ کي کائي ڏٺو آھي ۽ ھاڻ انھن جو ارادو صرف ھڪڙو ئي آھي ته ڪجھ به ٿئي پر مڪمل طور تي سنڌ تي قبضو ڪري سنڌين کي مفلوج بڻائي پوءِ سنڌ جي انچ انچ جو سودو ڪجي. چين جي سيڙپڪاري ھجي يا ٻاھران ڪنھن به تعليمي سيڪٽر ۾ امداد ملڻي ھجي سنڌ ۾ انھن جي واڳ زراعت کاتي وٽ آھي، پوءِ اسان سنڌي اھو ڇو نه ٿا سمجھون ته اسان سان دشمني صرف توھان جي آھي، ھر ان شخص ھر ان پارٽي کي اھي سپورٽ ڪن ٿا جيڪا سنڌ خلاف ھجي، ڪو سنڌي اڳواڻ سنڌ سان ڪجھ وفاداري ڪري ٿو ته ان جو لاش ٿو ملي. ھاڻي اسان سنڌين کي سوچڻو پوندو ته ڇا سنڌي صرف جنازا وٺڻ لاءِ ھن ملڪ ۾ شامل ٿيا هئا يا انھن جي پنهنجي به ڪا سڃاڻپ آهي؟ اسان اڃا به ان وھم ۾ آھيون ته اسان ھڪ آزاد قوم آھيون پر حقيقت ۾ اسان کي نااھل بڻائي اسان کان جيئڻ جو حق به کسيو ويو آھي، ڪراچي ۾ ڪارڊ به ڪونه ٺھندو پر جيڪو سڄي سنڌ ۾ ھي اسان سان ورتاءُ پيا ڪن ان جو اثر ڪجھ سالن ۾ ئي خبر پئجي ويندي ته اسان سان ڪھڙو ظلم پيو ٿئي ۽ اسان ان وقت به ھوٽلن تي ويھي ڪجھ ذاتي دشمنن کي گاريون ڏينداسين ۽ اسان جا اصلي ۽ ازلي دشمن اسان جي پيرن ھيٺان ڌرتي کسڪائي چڪا ھوندا.
نريش ڪمار/ٽنڊو سومرو
سنڌ سان هاڻي ماٽيلي ماءُ وارا رويا بند ڪريو!
گھڻي افسوس جي ڳالھ آھي ته سڄي سنڌ انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل آھي، وفاق پاران اھي مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ سنڌ تي ٺٺوليون ڪري سنڌي ماڻھن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پيو وڃي، ڪڏھن ملڪ جي وزيراعظم جو اھو چوڻ ته سنڌ اسان جو نه پر پيپلزپارٽي جو صوبو آھي، ڪڏھن فيصل واوڊا جو چوڻ ته سنڌ ڪراچي جو پاڻي پئي کڻي، جنھن جو مقصد ته ڪراچي سنڌ ئي ناھي. ڪڏھن وري شيخ رشيد جا اھي بيان ته ڪراچي ۾ موجود بھارين ۽ سنڌي کي ڪارڊ ٺاھي ڏجن يا نه اھو فيصلو وزيراعظم ڪندو، جنھن جو مطلب ته سنڌين کي بھارين سان گڏيو پيو وڃي يا ڪراچي سنڌ ئي ناھي؟ يقينن ھر ماڻھو ڄاڻي ٿو ته گڏوگڏ شيخ رشيد ئي نه فقط پر وفاق ۾ ويٺل دوست ويندي وزيراعظم تائين جيڪي ڳالھيون ڪن ٿا اھي سڌو سنئون سنڌي ماڻھن ۾ نفرت جو ٻج پوکي رهيا آهن، حڪومت پاران سنڌي ماڻھن کي نظرانداز ڪرڻ توڙي سنڌ بابت گھٽ وڌ ڳالھائي کين جذباتي ڪيو پيو وڃي، ان ڪري وزيراعظم عمران کي گھرجي ته وفاق ۾ ويٺل سمورن وزيرن، صلاحڪارن کي ھدايت ڪري کين سمجھائي، جيڪڏھن نه ته پوءِ ھي نه رڳو امن پرست قوم آھي پر ھر سوال جو جواب ڏيڻ به سڀ سنڌ واسي چڱي طرح ڄاڻن ٿا.
رياض امر ٻجورو/سجاول
فيس بوڪ جي دنيا مان پئسا ڪيئن ڪمائجن؟‎
فيس بوڪ جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو سوشل ميڊيا فورم آهي، جتي اسان پنهنجا ويچار، رايا پوري دنيا سان ونڊيندا آهيو، ان ئي وقت فيس بوڪ آن لائين ڪمائڻ جو اهم ٽول طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. فيس بوڪ مان پئسا ڪمائڻ ايڏو ڏکيو ناهي جيترو توهان سوچيندا آهيو. اصل ۾ هڪ ارب کان وڌيڪ فعال صارف موجود آهن، جنهن ذريعي اوهين پهنجي برانڊ جي مفت ۾ اشتهار مهم هلائي سگھو ٿا. ان کان سواءِ اوهين پهنجي بلاگ يا ويب سائيٽ تي فيس بوڪ تان ٽريفڪ آڻي ان کي مونيٽائز ڪري سگھو ٿا، جنهن جي مدد سان اوهين هڪ سٺي انڪم ٺاھي سگھو ٿا. فيس بوڪ ان اسٽريم ايڊز جي ذريعي اوهين ننڍا ننڍا وڊيوز رکي ان تي لڳندڙ اشتهارن مان پئسا ڪمائي سگهو ٿا پر ان لاءِ فيوچر لاءِ پاڪستان اليجيبل ناهي پر اوھان ٻاهرين ملڪن مان ڪو ايڊمن هڻي سٺا پئسا ڪمائي سگهو ٿا. اميد ته اهو دور پري ناهي جڏهن اسان جو سنڌي نوجوان وڏيرن، پيرن، سردارن جي اوطاقن بجاءِ آنلائين ڪمائيندو.
دانش سولنگي/سيوھڻ
هڪ چٺي گم ٿيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڏانهن!
هن وقت سنڌ تي نظر ڦيرائجي ته اسان کي پتو پئجي ويندو ته سنڌ ۾ سياسي، سماجي ۽ خاص ڪري معاشي صورتحال ڪيڏي نه ڀيانڪ بڻجي چڪي آهي، هر ڪو پنهنجي ٻيڙي تارڻ ۾ لڳل آهي، تڪ جو غريب عوام ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهي، اڳواڻ پنهنجي تڪ ۾ ڪورونا کي روڪرائڻ ۾ تڪ جي عوام سان ڱڏ ناهن ٻيٺا، هي دانهن اسان جي ڳوٺ نهال خان سولنگي وارن جي آهي جنهن جا مسئلا حل ئي نٿا ڪيا وڃن، ڳالھ ڪنهن پارٽي جي به ناهي، ڳالھ آھي انسانن کي سکيو رکي سهولتن ڏيڻ جي، اهڙن فلاحي ڪمن جي جيڪي تاريخ ۾ لکي سگهجن، نهال خان سولنگي ڳوٺ سنڌو درياهه ۽ نيشنل هاءِ وي جي ڏکڻ ۾ ضلعي خيرپور جي تعلقي صوڀو ڏيرو جو هڪ اهم ۽ تاريخي گوٺ آهي، جتان جي آبادي هزارين آهي، 20هين صديءَ ۾ به اسان جو ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم آهي، هتي سالن کان سرڪار ۾ رهندڙ پارٽي هتان پڻ اڪثريت سان کٽي ٿي پر افسوس جي هنن وڏيرن، پيرن، ميرن هتان جي عوام جو ڪو جائز ڪم به ڪيو هجي، هنن نه گئس ڏني، نه ئي روڊ صحيح ڪرايا، نه مڊل اسڪول، نه ڊسپينسري نه وري ڊرينج جو ڪو نظام ڏنو يا وري ڪو ڳڻائڻ جهڙو ڪو فلاحي ڪم جنهن تي فخر ڪجي، ٻنهي ڀائرن ايم اين اي ۽ ايم پي اي جن کي گذارش آهي ته خدارا عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪيو ۽ عوام جا بنيادي  مسئلا حل ڪيو نه ته وقت پري ناهي جڏهن وري توهان کي ئي انهي عوم ڏانهن حاضر ٿيڻو آهي. 
غضنفر سولنگي/راڻيپور
پي ايس 15 جي ننڌڻڪي عوام جي سار لهو!
سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جو ھڪ تعلقو ميروخان آهي، جيڪو اڄ به بنيادي سھولتن کان وانجھيل آهي ۽ ھن ترقي پذير دور ۾ ھي تعلقو 50 سال پوئتي آهي ۽ ھتان جا رھواسي چونڊيل نمائندن جي ناجائزين سبب پٿريلي زندگي گھارڻ تي مجبور آهن ميروخان تعلقي جا ايم پي اي محترم جناب گنھور خان اسراڻ آهي ۽ ھتان جا ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي  آهي، واضع ڪندو ھلان ته ھتان جي ايم اين اي شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ھئي ۽ پنهنجي قائد جي تڪ سان جھڙي حالت اڄ جي چونڊيل نمائندن ڪئي آهي سا سڀني اڳيان آهي. ايم پي اي گنھور اسراڻ ڪنهن سليڪٽيڊ ماڻهو جي فوتگي وقت تعزيت لاءِ پنهنجي تڪ ميروخان ويندو آهي باقي بنا ڪنهن لالچ ووٽ ڏيندڙ جو ڀل پورو خاندان مري وڃي ته ايم پي اي ته ڇا پر ان جو ڪو ھڪ واٺو به تعزيت لاءِ ناهي پھچندو ۽ ايم پي اي جو ڪم صرف سال يا 6 مھيني صرف تعزيت ئي آهي. اڄ تائين ڪنهن به ھڪ ترقياتي ڪم جو افتتاح سائين جن نه ڪيو آهي، پي ايس 15 جا سڀ روڊ تباھ ۽ برباد آهن، ڳوٺ بدل آباد ڳوٺ فدا حسين بروھي، ڳوٺ شبير احمد بروهي، سھراب لھڙي سميت مختلف ڳوٺن ڏانھن ويندڙ روڊ ڀٽو صاحب جي دور کان ٺھيو، ٻيھر ٺھرائڻ جي ڪنهن به زحمت نه ڪئي. انهن ڳوٺن مان ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ سفر طئي ڪري پوءِ ٿا ڪنهن ويجهي شھر پھچن.
علي محمد کوسو/شهدادڪوٽ
زندگي کي ضرورتن جي دائري ۾ گذارجي!
اسان پنهنجي زندگي ۾ ھميشه ھڪڙي کوٽ محسوس ڪندا آھيون ۽ اھا کوٽ اھڙي آهي جيڪا اسان کي بيقرار ڪري ڇڏيندي آهي، ايتري قدر جو اسان کان سڪون به کسي وٺندي آهي ۽ انسان نفسياتي دٻاءَ جو شڪار بڻجي ويندو آهي، اھا کوٽ آھي انسان جي خواهشن جو پورو نه ٿيڻ، ڀلي انسان جون خواهشون پنهنجي منزل ماڻي به وٺن پر پوءِ به وري ڪي ٻيون خواهشون جنم وٺنديون، حضرت علي جو قول آهي ته “پنهنجي زندگي سدائين ضرورتن جي دائري ۾ گذاريو ۽ زندگي کي خواهشن جي طرف نه کڻي وڃو ڇاڪاڻ ته ضرورت ھڪ فقير جي به پوري ٿي ويندي آهي پر خواهشون بادشاهن جون به پوريون ناهن ٿينديون” شايد اھو ان ڪري به آهي ته جڏهن اسان جون خواهشون پنهنجي منزل ماڻي وٺنديون آهن ته اسان رب ڪائنات جو شڪر ادا ناسهيون ڪندا ۽ پوءِ اسان جون خواهشون ته پوريون ٿي وينديون آهن پر اسان جي بيچيني ختم ٿيڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي ۽ اسان مطمئن نه ٿيندا آھيون، اسان کي ڪوشش ڪري زندگي کي ضرورتن جي دائري ۾ ئي گذارڻ گھرجي جيڪو ڪجهه رب ڪائنات طرفان مليل آهي ان جو شڪر ادا ڪجي ۽ ھميشھ رب جي رضا تي راضي رھندي زندگي گذارجي. بقول شاعر جي:
’’نہ عروج اچھا نہ زوال اچھا
جس میں رکھے رب وہ ہی حال اچھا‘‘
آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ  
اچو ته پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪريون!
ڪنهن به قوم يا علائقي جي سڃاڻپ ان جي ٻولي ۽ ثقافت مان ٿيندي آھي پر افسوس آھي جو اسان جي سنڌ جي ثقافت صرف ٽوپي اجرڪ تائين محدود آھي. شهرن مان ته سنڌ جي ثقافت ختم ٿي چڪي آھي پر اسان جون ٻھراڙيون جيڪي هيون ئي اسان جي ثقافت سان سلهاڙيل پر افسوس جو  ٻھراڙيءَ جي علائقن مان به اسان جي ثقافت ختم ٿيندي پئي وڃي، اسان مان هر فرد تي لازم آھي ته ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، هن وقت اونهاري جي موسم جي آمد آهي، اونهاري جي موسم ۾ اسان کي ٿڌي پاڻيءَ جي تمام گهڻي ضرورت پوي ٿي، جنهن لاءِ اسان فرج جو پاڻي يا ڪارخاني واري برف استعمال ڪريون ٿا، جيڪي ٻئي اسان جي صحت لاءِ نقصانڪار آهن، ان لاءِ بهتر اهو آھي ته اسان ٺڪر جا دلا ۽ مٽيون استعمال ڪريون ته صحت سان گڏ اسان جي ثقافت به اجاگر ٿئي، ان سان گڏ اونهاري ۾ گرم کاڌا به صحت لاءِ نقصانڪار آھن. گرم کاڌن کان پاسو ڪري کير، لسي ۽ مکڻ استعمال ڪريون جيڪي پڻ  اسان جي ثقافت ۾ ڳڻيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ اونهاري ۾ تازي ۽ صاف هوا به صحت لاءِ ضروري آھي، ان لاءِ اسان کي گهرجي ته هوٽلن تي گهٽ ۽ ٻوسٽ ۾ ويهڻ بجاءِ ڏينهن جو ڪنهن وڻ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي هٿ وارا پکا استعمال ڪريون ۽ رات جو هوٽلن جي گوڙ، دونهينم گهٽ بجاءِ ڪنهن کليل اوطاقن ۾ ڏکڻ جي وڻندڙ ھوائن ۾ ڪچهريون ڪري ثقافت کي اجاگر ڪريون.
محمد اسلم سومرو/ کرڙاهه، ميرواهه
اسان جا اڌورا شھر!‎
منهنجي مٺڙي سنڌ جو ھڪ شھر ميرپور بٺورو جتي پھچي مون کي لڳ ڀڳ چار ڏينهن ٿيا آهن، ھر روز معمول جيان ھتي به مان اخبار وٺندو آھيان ۽ پڙھندو ھان پر اڄ مان ماھوار ڊائجسٽ پورو ڪري چڪو ھئس اڄ جي اخبار به پڙهي، ھاڻ ارادو ھو ته ڪو نئون ڪتاب خريد ڪجي، ۽ شھر جي گھٽين ۾ ڪتاب گهر جي گولا ۾ نڪري پيس، گلي گلي محبوب جيان ڪتاب گهر کي گوليندو رھيس پر مون کي ڪٿي به اھڙو ڪو بورڊ نظر نه آيو جنهن تي ڪتاب گهر لکيل ھجي. پوءِ ھڪ ڳالهه ذھن ۾ آئي ته ايترا انسان پيا ٿا گھمن ڪنهن کان پڇي ڇو وٺجي، بس اھو سوچي ھڪ ريڙهي واري کان پڇا ڪيم ته ھتي ڪو ڪتاب گهر آهي جتان مان ڪتاب وٺان! ھن ٻدائيو ته ڪتاب گهر ته ڪونهي پر ھڪڙو جنرل اسٽور آهي جتان اوھان پين (قلم) وٺي سگھو ٿا ڪاپي به، ريڙي واري جي ايڊريس تي اسٽور وڃي ھٿ ڪيو، ڪاپي قلم وٺي اچي لکڻ ويٺس ۽ هينئن لکي ڇڏيو ته منهنجي شھر کوکراپار ۾ به لائبريري ڪونهي پر رب زندگي ڏئي حافظ عبدالقادر کي جنهن پنهنجي والد مرحوم محمد ملوڪ جي نالي لائبريري کولڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، اسان مسلمانن جا شھر مسجدن بنا اڌورا آهن، ڪتاب گهر ۽ لائبريرين بنا به مڪمل شھر نه سمجھبا، لکان ٿو ته اسان جا اڪثر شھر اڌورا آهن .
خالد ٿري/کوکراپار
معاشري ۾ ٿيندڙ انسانيت جو قتل!
معاشري ۾ ٿيندڙ اڻ وڻندڙ واقعن انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي، هر روز ٿيندڙ واقعن مان اهو لڳي ٿو ته اسان مان انسانيت مري وئي آهي، يا انهيءَ جو قتل ڪيو ويو آهي، اڄ جي دور ۾ ڪير به سچ ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهي، سچ ڳالهائڻ ڄڻ ته ڪو گناهه هجي، روزانون جي اخبارن، نيوز چينلن تي ننڍڙن ٻارن سان زنا، مليڪتن تي انسان کي قتل ڪرڻ، ڪاروڪاري تان انسان جي جان تي حملو ڪري بيدرديءَ سان مارڻ جي ايندڙ خبرن مان ايئن لڳي ٿو ته اسان ٿيندڙ ظلم تي نه ڳالهائڻ ڪوڙ جو پلڙو ڀاري ٿيڻ ۽ سچ جو آواز دٻائڻ، عدالتن تان اعتبار کجڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اشو جتي اسان پنهنجي انسانيت کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، 2021-04-11 جو جيڪو واقعو جنهن ۾ 8 ماڻهو جن ۾ ننڍا ٻار به شامل هئا، جيڪي موت جي ننڍ سمهي رهيا، صرف ننڍي ڳالهه تان، ايتري جانين جو ازالو آخر ڪير ڪندو؟ روزانو جي بنياد تي ڪيترائي ٻار بک ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، اهڙا سڀ واقعا اسين سڀ پنهنجي اکين سان روزانون جي بنياد تي ڏسون ٿا پر اسان جو ضمير انهن جي خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي، شايد واقعي اسان پنهنجي انسانيت جو قتل ڪيو آهي، جنهن جي سزا اسان جي قانون آرٽيڪل ۾ ناهي پر هڪ ٻي عدالت به آهي، خدا جي، جتي هر ڳالهه جو انصاف آهي،  اتي هر هڪ حساب ڏيڻو پوندو، اهو ٻڌو آهي ته ڪا سٺي ڳالهه ٻڌڻ به هڪ ثواب آهي، ته پوءِ گناهه کي ڏسڻ ۽ انهن جي خلاف نه ڳالهائڻ به هڪ گناهه آهي ۽ پنهنجي انسانيت کي ختم ڪرڻ ڄڻ انسان جو شيطان جي برابر ٿيڻ آهي، هي رمضان شريف جو ڀلارو ۽ برڪتن وارو مهينو آهي، اچو ته هڪ عهد ڪريون ته رمضان جي هن ڀلاري مهيني ۾ پنهنجي پاڻ کان پڇون ته حق ۽ سچ جي راهه ۾ اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟ هن سنجيده معاملي تي مهرباني ڪري ٿورو سوچجو!
منيش ڪمار جسواڻي/ پٿورو 
جيل ڊائريءَ جا ورق!
منهنجي هاءِ ڪورٽ جي 8 تاريخ مقرر آهي، فرحاد ابڙو صاحب ماستر دانش صاحب کي ٻڌايو، عيسيٰ ڪاتيار صاحب ۽ دانش ڀاءُ فياض سان به ملي آيا. انهن منهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڏاڍي تعريف ڪئي. فياض علي ساري سنگت لاءِ ماني وغيره به موڪلي. ڪاتيار صاحب مون کي منهنجي ننڍي ڀاءُ جو گھڻو پيار ڏنو. اڄ مون کي هُن جي ڏاڍي ياد پي آئي. آئون هُن جي ياد ۾ ٻڏي وڃڻ ٿي چاهيو. رات جو دير سان شهريار خاصخيلي ۽ رشيد ڏيٿي جي لُوڊو گيم تان منهن ماري ٿي پئي، مون سان گڏ ٻين قيدين جون به انهن ننڍون حرام ڪري ڇڏيون آهن، ٻنهي کي ڏاڍو سمجھايو پر جھل ئي نه پي ڏنن آخرڪار انهن جي گوڙ تي سپاهي رحمٰن ڇلگري به اچي مون واري کوليءَ تي نازل ٿيو ۽ پوءِ همراهه ماٺ ٿي ويا. جنهن به چيو آهي ٺيڪ ئي چيو آهي ته موچڙي ۾ وڏي ڪرامت آهي. پر پوءِ به هو ٻئي رات جو ڪافي دير تائين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي بستري مان تڪيندا رهيا. آئون کوليءَ مٿان تري آيل چنڊ کي ڏسي سوچڻ لڳس ته هن ماحول مان خبر ناهي منهنجي جند ڪڏهن آجي ٿيندي، خبر ناهي هي اڪيلي رات جي سانت ۾ سُڏڪندڙ هوائون ڪهڙي ديس ڏانهن وڃي رهيون آهن.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (پهرين اپريل 2021)
رمضان جو ڀلارو مهينو ۽ مهانگائيءَ سٽيل عوام!
جيئن ته رمضان رب جو تحفو آهي ته اسان سڀئي مسلمان پورو مهينو روزا رکون ۽ رب کي پنهنجي عبادت وسيلي ريجهايون جيئن هو رحمان اسان سڀني جا گناھ معاف ڪري ۽ اسان تي پنهنجي ٻاجھ ڪري پر پاڪستان ۾ ڀلاري مهيني جي اچڻ شرط ئي هر شئي مهانگي ٿي وڃي ٿي ۽ واپاري روزا به رکندا آهن ۽ حج به ڪندا پر افسوس غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦريندا آهن. 50 رپين واري شئي 70 ۾ ڏيندا ۽ پوءِ چوندا ته رمضان جو احترام ڪريو اهو ڀلارو مهينو آهي. هتان جا واپاري رمضان جي مهيني ۾ اهو به وساري ٿا ويهن ته جيڪڏهن ڀلاري مهيني ۾ گهڻو منافعو نه ڪمايوسين ته خير آهي پر ڪنهن غريب ۽ مسڪين جي جيڪڏهن مدد ڪئي ته ان جو ثواب افضل آهي. واپاري جي شيون مناسب اگھه تي وڪڻندا ۽ پنهنجي منافعي کي هڪ طرف رکي غريبن لاءِ سوچيندا ته آئون سمجهان ٿو ته انهن غريبن جو رمضان مبارڪ جو مهينو ۽ عيدالفطر سٺا گذرندا هو به خوشيءَ سان روزا به رکندا ۽ عيد به ملهائيندا. اڄ ڪلهه جا مسلمان جيڪي اهو به وساري ٿا ويهن ته آخر رمضان جو مطلب ڇا آهي ۽ روزا ڇو نازل ٿيا؟ اصل ۾ رمضان مبارڪ جو مهينو رب پاڪ ان ڪري نازل ڪيو ته جيئن اسان کي بک ۽ اڃ جو احساس ٿئي. جي ڪو غريب شخص اسان جي پاڙي ۾ بک تي ستل آهي ته ان جي سار سنڀال لھون ۽ ان جي وس آهر سارو مدد ڪريون جيئن هو بک تي نه سمهي پر اسان وٽ رمضان جو مهينو اچڻ سان ئي واپاري ٻنهي هٿن سان ڦرڻ شروع ٿا ڪن ۽ اهو به نٿا سوچين ته غريبن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟ حڪومت کي گهرجي ته هن ڀلاري مهيني ۾ سستا پيڪيج آڻي عوام سولائي پيدا ڪري.
سيد علي رضا شاهه ٻيلو/سجاول
ڳڙھي حسن ۾ يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي!
ڳڙھي حسن هڪ ٽائون آھي جيڪو يوٽيلٽي اسٽور کان محروم بڻيل آھي، غريب عوام هڪ ته مهانگائي جي ڪري پريشان آھي ٻيو ته هتي يوٽيلٽي اسٽور ناهي، هن ڀلاري مهيني ۾ غريب عوام کي رليف ڏنو وڃي، جيڪي گيھ ڪلو ٻاھر مهانگو ملندو آھي، اهي يوٽيلٽي اسٽور ۾ اڌ کان به گهٽ ريٽ تي ملندو آهي جيڪا کنڊ في ڪلو دڪانن تي 115 رپيا ملندي آھي، اها يوٽيلٽي اسٽور تي 75 رپيا ملندي، اسين ڊي سي جيڪب آباد کي اپيل ٿا ڪريون ته هن ڀلاري رمضان شريف ۾ ڳڙھي حسن شھر اندر يوٽيلٽي اسٽور قائم ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
رمضان جو بابرڪت مهينو ۽ مهانگائي جو بي قابو جن!
ضلعي سجاول جي ٽن يوسين، يونين ڪائونسل ٻيلو، يوسي کيرال ۽ يوسي مرادپور کي بنيادي سهولتن کان ته هر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي پر ڳتيل آبادي رکندڙ هنن ٽنهي يوسي جا غريب ماڻھو هن بابرڪت مهيني ۾ ڳڻتي ۾ وڪوڙيل آھن، رمضان جو مهينو ايندي ئي ضلعي سجاول جي ننڍن وڏن شھرن ۾ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آھي. اٽي، مرغي، مڇي، فروٽ توڙي عام واهپي جي شين جا اگھ آسمان سان ڳالهائي رهيا آھن، جنهن ڪري ڏيهاڙي ڪمائيندڙ مزدور طبقي جا سور ٻيڻا ٿي پيا آھن. سنڌي شاهوڪار ڌرتي جي مالا مال وسيلا هوندي سدائين سورن واري زندگي گذارين ٿا پر رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ پنهنجن ٻچن کي سحري ۽ افطاري ڪرائڻ لاءِ ڏاڍا پريشان هوندا آھن، ڳتيل آبادي رکندڙ ڄاڻايل ٽنهي يوسيز ۾ هڪ به يوٽيلٽي اسٽور ناهي جو کڻي هتان جي غريب عوام کي هن ڀلاري مهيني ۾ ڪو رليف ملي سگهي. هن بابرڪت مهيني ۾ پنهنجن ٻچن کي لذيذ طعام پيش ڪندڙ واپاري طبقو پنهنجي پسند جا اگھ مقرر ڪري ڌرتي جي غريب ماڻھن تي ذرو به رحم نٿو کائي، جو هن ڀلاري مهيني به غريبن جو اولاد به ڪو سڻڀو ٽڪر کائي سگهي. ناڻي تي هوڏ ڪندڙ ساٿيو، هي آرائشون هي سک سڀ عارضي آهن، اٿو هن بابرڪت مهيني ۾ انهن غريبن ماڻھن جي سار لهو جن جون اکيون ڪنهن مسيحا جون منتظر آھن، جن جو ڪائنات جي پالڻهار کان سواءِ ڪو به ڌڻي سائين ناهي. وقت جي واڳ ڌڻين توڙي ضلعي سجاول جي انتظاميا کي گذارش آهي ته سجاول ۽ آسپاس وارن شھرن ۾ مهانگائي جي بي قابو ٿيل جن کي لغام ڏئي ماڻھن کي رليف ڏنو وڃي.
غلام علي گل/ٻيلو، سجاول