ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته جيڪب آباد ۾ کليل گٽر نينگري جي حياتي کسي ورتي، ان جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا اوهان جي شهر ۾ به گٽرن جا منهن کليل آهن؟ جنهن تي عوام چونڊيل نمائندن، ميونسپل انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيندي پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ گٽرن جا ڍڪ نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي، اڪثر ماڻهن چيو ته مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپراهي جي ڪري انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن تنهن ڪري جتي گٽر ۾ ڪري ڪو ٻارڙو فوت ٿئي ته اتان جي چونڊيل نمائندن ۽ مقامي انتظاميا تي قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ گهرجي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اظهر شر لکيو ته ٽائون انتظاميا ذميوار آهي ان سموري معاملي ۾ ٽائون آفيسر تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، غلام سرور لکيو ته جيڪب آباد ۾ گٽرن جا ڍڪڻ ناهن، هتان چونڊيل نمائندا فنڊ کائي ٿا وڃن، شنڪر باغي لکيو ته ائين پڇو ته سنڌ ۾ اهو ڪهڙو شھر آھي جتي گٽرن تي ڍڪ ڏنل آھن، ٿرپارڪر ضلعي جو واحد مٺي شھر آھي جيڪو صفائي توڙي هر حوالي سان بهتر آھي، عبدالجبار بلوچ پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، ممتاز سميجو لکيو ته انهي جا ذميوار چونڊيل نمائيندا ۽ ڪرپٽ آفيسر ذميوار آهن جنهن ڪري اهڙا دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيندا رهن ٿا، عامر حسين حڪومت کي ذميوار قرار ڏنو، ثناءُالله چنا لکيو ته ذميوار اتان جو عوام آهي جنهن اهڙا نمائيندا چونڊي ايوانن ۾ موڪليا آهن، تسليم علي چانڊيو لکيو ته ذميوار ذميواريون سمجهن ها ته مائرن جون جهوليون خالي نه ٿين ها، عبدالرحمان چانگ لکيو ته سنڌ جي هر شهر ۾ ساڳي صورتحال آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته صرف جيڪب آباد نه پر اڪثر شهرن ۾ اهڙي صورتحال رپورٽ ٿيندي رهي ٿي، عجب گل لکيو ته زميوار اتان جا ڪامورا ۽ پاڙي وارن آهن، ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته زميوار اتان جا چونڊيل نمائندا، مڪاني ادارن جو کاتو آھي. اسان جي شھر وارھ ۾ نالين جو پاڻي گهٽين ۾ وهندو آهي، اسلم سومرو لکيو ته ذميوار اتان جا چونڊيل نمائندا آهن، بنڀو خان چانڊيو لکيو ته نبي سرروڊ ۾ به گٽر نالا کليل آهن، ذاڪر شر لکيو ته ڪو ٻار کليل گٽر ۾ ڪري ٿو ته ان جو ذميوار يوسي ٽي ايم او ۽ چيئرمين آهي، غلام نبي لکيو ته لواري شريف بدين ۾ گٽر کليل نالن وارا آھن ۽ ڍڪڻ غائب آھن، علي رضا شاهه لکيو ته واقعي جو ڪيس ايم پي اي، ايم اين اي ۽ ميونسپل ڪاميٽي وارن تي ٿيڻ گهرجي. رياض حسين بهڻ لکيو ته مورو ۾ گٽر کليل آهن، علي عباس شر لکيو ته ذميوار اتان جو ايم پي اي ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين آهي. خادم گهراڻو لکيو ته اسان وٽ جيڪي گٽرن مٿان ڍڪ نه آهن ماڻهو انهن ۾ ڪچرو اڇلائن ٿا جنهن ڪري گٽر بند ٿيو وڃن گندو پاڻي رستن تي وهندو آهي، ساگر امير حيدر لکيو ته اسان وٽ گٽر ئي ڪونهن ڇوجو اسان جي شهر جو ڪو والي وارث ناهي، سيد احمد شاهه لکيو ته ان جا ذميوار نا اهل حڪمران آهن، جاويد هڪڙو لکيو ته ذميوار قوم آهي جيڪا ورهين کان ظلم سهندي پئي اچي، وحيد ڳاهو لکيو ته سنڌ جي سمورين ٽائون ڪاميٽيز ۾ رشوت ايتري عام جام آهي جو هر مهيني ملندڙ 50 لکن جي بجيٽ مان پنج لک به خرچ نه پيا ٿين پوءِ ڇو نه معصوم ٻارڙن کي ڪتا به کائيندا . گٽرن ۾ ٻڏي به مرندا. وحيد ڄامڙو لکيو ته نينگري جي موت جا زميوار ٽائون انتظاميا وارا آھن ٽائون ڪاميٽي جي بجيٽ ڪرپشن جي ور چڙھي وڃي ٿي. اختر سنڌيار لکيو ته گٽر کليل هجڻ سبب ڪافي واقعا ٿيا آھن جن ۾ معصوم ٻارڙن جون جانيون ضايع ٿيون آھن انجو سڀ کان وڏو ذميوار تڪ جو نمائندو آهي جيڪي مسئلا حل ڪرڻ جا واعدا ڪري ووٽ وٺي ٿو وڃي گڏوگڏ ٽائون انتظاميا ملوث آھي جتي وائيٽ ڪالر ڀرتي ٿيل آھن جيڪي ڊيوٽي نٿا ڪن، سبحان کوسو لکيو ته ڪشمور جي ٽائون ۾ ماهوار سوا ڪروڙ رپيا اچن ٿا هر مهيني هڪ گهٽي اندر آيل فنڊ جو ڇوٿون حصو به خرچ ٿئي ته شهر ڪجهه سالن اندر پئرس جو ڏيک ڏيڻ لڳي ها، مسرور شر لکيو ته ان جو زميوار ميونسپل ڪاميٽي وارا آھن اسان جي شھر پڪاچانگ ۾ ته ناليون ۽ گٽر کليل آهن، پريم راٺوڙ ڪولهي لکيو ته ذميوار انتظاميا آھي اھڙي لاپرواھي سبب نياڻي موت جي منهن ۾ ھلي وئي انتظاميا خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گھرجي. شمس الدين رند لکيو ته ذميوار ميونسپل ڪاميٽي آهي، بابر چنا لکيو ته اسان جي شھر ڪرونڊي ۾ کليل گٽرن جو آزار آهي .ميونسپل جي ڪرپٽ ۽ نااھل انتظاميا جي لاپرواھي سبب کليل گٽر ۾ ڪري ٻار فوت ٿين ٿا. شعيب احمد چانڊيو پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سوئي گيس شهر ۾ صفائي جا ڪي به انتظام ناهن، سڄو گند رستن تي پيل هجي ٿو، نادر ابڙو ۽ سارنگ هليو لکيو ته اسان جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ به بد ترين حالت آهي شهر جي مين روڊن تي گٽرن جا منهن کليل آهن ڪروڙين رپين جي بجيٽ بنگلن تي خرچ ٿئي ٿي، ذميوار ميونسپل انتظاميا آهي، عبدالله ميراڻي لکيو ته ٽائون ڪاميٽيز ۾ بدعنوانين گهوٻين جا اصل ذميوار اتان جا سياستدان هوندا آهن،سڪندر علي لکيو ته هر شھر ۾ ساڳيو حال آھي، حبدار علي وارث، اقبال سميجو، محمد امين گهوٽو، ابراهيم خليل، سينگار علي، عصمت الله رند، ناز ربنواز شر، نعمان غوري، عدنان سنڌو ۽ خان بلوچ به راءِ جو اظهار ڪيو، حاجي رضوان کوسو لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ گٽرن جا منهن کليل آهن، سڪندر بلوچ، احسان سومرو لکيو ته ٺري ميرواهه ۾.گٽرن جا منهن کليل آھن، بشير ميراڻي لکيو ته ميرپور بٺورو ۾ گٽر کليل آهن، منظور احمد لوڊو لکيو ته اسان جي شھر جاتي ۾ ڪابه اهڙي سهولت ناهي، عبدالعزيز لکيو ته شھدادپور ۾ به ساڳي حالت آهي، شڪيل ڪنڀر لکيو ته اسان وٽ ڇور شهر ۾ گٽر کليل آهن،