نائين ڪلاس جي سنڌي!‎‎

 نائين ڪلاس جي سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪجھ تبديليون ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ امداد حسيني، تنوير عباسي، شيخ اياز صاحب جي شاعري ۽ شخصيت کي شامل ڪيو ويو آهي، اهو بھترين ڪم آھي، جيئن ته اسين پھرين کان اٺين درجي تائين سليم ڳاڙهوي، نثار بزمي، ادل سومري جا نظم، بيت پڙھندا پيا اچون، جي نائين ڪلاس جي سبجيڪٽ ۾ سليم ڳاڙهوي ۽ نثار بزمي جو مختصر تعارف شامل ھجي ها ته بهتر هو ڇو جو سليم ڳاڙهوي جو نه ڪوئي ڪتاب ڇپيل آهي، ڪافي ماڻهو سليم ڳاڙهوي جي شخصيت کان اڻواقف آھن، نثار بزمي جا به ھڪ اڌ ڪتاب کان ٻيا ڪتاب شامل نه آھن انھي لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي گھرجي ته ننڍڙي تجويز تي غور فڪر جي ضرورت آھي.

ايڊووڪيٽ محمد علي سومرو/ خيرپورميرس

سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي اڻھوند!‎‎

  ڪنهن به معاشري جي ترقي جو راز ان جي تعليمي نظام ۾ لڪل آهي، لفظ تعليم ۽ تعليمي نظام مان مراد صرف اھو ناهي ته اسان ٻارن کي ڪنهن پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرائي پنهنجي ذميواري پوري ڪريون ۽ ان جي نصاب کان پڻ اڻواقف ھجون، بس ايتري خبر آهي ته انگلش ميڊيم ۾ پڙھائي وڃي ٿي، لاڳاپيل اسڪول کان نصاب جي پرچي وٺي 4، 5 ھزارن جو ڪورس وٺي ڪنهن ٻار مٿان ايئن لڏيو ٿو وڃي ڄڻ ٻار ناھي ڪو بار کڻڻ وارو جانور ھجي، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ ۾ جيڪا حڪمت لڪل آھي ان کان واقف ھجڻ تمام ضروري آهي. پرائيويٽ اسڪول ھجي يا گورنمينٽ، ٻنهي جي تعليمي معيار ساڳيو ھجڻ گھرجي، پرائيويٽ اسڪولن کي به پابند ڪيو وڃي ته ٻارڙن کي ٽيڪسٽ بڪ پڙھايا وڃن ته جيئن ٻار پنهنجي ٻولي تي عبور حاصل ڪن ۽ ٻوليءَ سان پيار ڪن، صرف ڪتابن جي ڍير ۾ ٻارن کي ڦاسائڻ بدران ٻچڙن جي زندگي سولي ڪئي وڃي جيئن ٻار جو ٻاروتڻ به متاثر نه ٿئي. ڪو به ٻار جيڪو صرف انگلش ميڊيم ۾ پڙهي ٿو ۽ ان کي لفظ زبردستي رٽايا وڃن ٿا ان ۾ جذباتي وابستگي ڪونه ٿي رھي، جيترو ٻار رٽيو آهي، جذبات کان عاري ٿي ڪري بس اھو ئي ٻڌائي سگھندو ۽ ھو نبي نامدار جي زندگي بابت، اخلاق بابت، رب کان واقف ٿيڻ، روحانيت کان بلڪل پري ٿي وڃي ٿو، اھو ٻار وڏو ٿي ڪنهن به وڏي امتحان ۾ ويھي ٿو ته پاڻ لفظن سان نٿو کيڏي ڇو ته اھو ان سوچ ۽ لفظن جي پروڊڪشن کان عاري ھجي ٿو ۽ ڪو به مضمون لکي نٿو سگهي، جيڪڏھن پنهنجي ٻولي ۾پڙھيل ھوندو ته ان جي ذھن ۾ خيال ايندا ويندا ۽ ھو انگريزي ۾ ٽرانسليٽ ڪندو ويندو ۽ چار پنج سو لفظن وارو مضمون سولائيءَ سان لکي سگھندو. ته خدارا پنھنجي ۽ پنهنجي اولاد تي رحم ڪريو، انھن کي پنهنجي ٻولي ۾ تعليم ڏياريو پوءِ اھو ڀلي ڪو سرڪاري ادارو ھجي يا پرائيويٽ ھجي، منهنجي سنڌ حڪومت کان ۽ تعليم جي وزير کي نماڻي گزارش آهي ته مھرباني ڪري سنڌ ۾ سنڌي ميڊيم ۾ تعليم لازمي ڪري انگريزيءَ کي سيڪنڊ لينگوج طور پڙھايو وڃي جيئين ٻارڙن جي اوسر بھتر نموني ٿي سگھي.

سردار خاتون/ حيدرآباد

پرائيوٽ اسڪولن جون مهانگيون فيسون ۽ غريبن جا ٻار!

  اسڪولن ۾ ننڍي ٻار جي فيس به 20، 20 هزار رپيا آهي، سرڪاري آفيسر ڳريون پگهارون ۽ مراعاتون حاصل ڪن ٿا، جيڪڏهن انهن جا ٻار اسڪول ۽ تعليم کان محروم ٿي وڃن ته پوءِ هو ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن تعليم ۽ صحت انتظاميا جي اوليت هجي ها ته اڄ ان حوالي سان سمورا منصوبا مڪمل هجن ها، ملڪ ۾ ڪيترائي اهڙا اسڪول آهن، جيڪي غير فعال آهن، حڪومتن جي غفلتن تعليم کي ڪاروبار ۽ صنعت بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته رياست جي اها ذميداري آهي ته اها ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪري، اها هڪ حقيقت آهي ته موجوده دور ۾ والدين جي دلي خواهش هوندي آهي ته سندن ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪن، اها سوچ درست به آهي ته ٻارن کي بهتر تعليم ڏيارڻ سان موجوده دور ۾ ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهجي ٿو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ تعليم حڪومتي ترجيح ۾ ئي شامل ناهي رهي، جيتوڻيڪ تعليمي ادارا نه وڌي سگهيا آهن ۽ نه اسان جا ٻار تعليم مان لاڀ حاصل ڪري سگهيا آهن، ان کان انڪار ناهي ته تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪجهه خانگي ادارن ڪردار ادا ڪيو آهي پر مجموعي طور تي ڏسجي ته ملڪي سطح تي انهن چند خانگي تعليمي ادارن جو ڪردار اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، ساڳئي وقت الميو اهو به آهي ته ملڪ اندر خانگي ادارن جون فيسون عام ماڻهن ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان ٻاهر آهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

چيلھار  جي بوائز  گورنمينٽ  رائيچند  راٺوڙ  ھاءِ اسڪول جو پسمنظر!

  رائيچند راٺوڙ بوائز  ھاءِ اسڪول چيلھار ٿرپارڪر ضلعي جو بھترين اسڪولن آهي، جنهن جو قيام 1952ع ۾ پيو، 9 سال مڊل اسڪول ھلڻ کان پوءِ ھن اسڪول کي اپگريڊ ڪري سال 1961ع ۾ ھاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو. ان وقت پھرين ھيڊ ماستر سيد عڪسري مھدي کي مقرر ڪيو ويو. سائين  عڪسري مھدي کان سواءِ سائين  ديودت  بچاڻي، حبيب احمد، ڀليڏنو، سيد محمد حسين، آسنگر گوسوامي، علي گل منگيجو، خادم حسين، نظير احمد، واڪيل احمد، منگلرام پرمار، شامداس مالاني، نول موتاڻي، الھڏنو ڪنڀر، ليکراج راماڻي، شولال موتاڻي، چنديرام راساڻي، ارجن ڪمار بٺر ۽ سائين  عبدالمجيد نھڙي ھن اسڪول ۾ ھيڊ ماستري جي عھدي تي رهي چڪا آهن، جن ۾ ڪي ھيڊ ماستر گزيٽيڊ ۽ ڪي وري انچارج طور ٻه ٽي ڀيرا ھيڊ ماستري جي عھدي تي رهي چڪا آهن، ان وقت ھن اسڪول جو نالو گورمنٽ  پراوينشلائيزڊ ھاءِ اسڪول ھو، ان کان پوءِ 04 جنوري 2010ع تي ھن اسڪول جو نالو بدلائي چيلھار ڄائي محب وطن محقق تعليمي خدمتگار تاريخ ريگستان جي مصنف استاد رائيچند راٺوڙ جو نالي تي رکيو ويو. ھن وقت ھن اسڪول ۾ ٽوٽل 9 ڪلاس رومز ھڪ سائنس حال، ھڪ لائيبريري، ڪمپيوٽر حال، ڪلارڪ روم، ھڪ ھيڊ ماستر آفيس آهي. ھن اسڪول ۾ هن وقت بھترين اسٽاف سائين رميش ڪمار ڇانگاڻي، ريجھو مل راٺوڙ، رميش ڪمار پنڊت، لڪشمن، موھن لال، عبدالغني ڪنڀر، ميوا رام، فيض محمد، گھمشان داس راساڻي، گرڌاري لال، پريم ڪمار واشو، حاجي حبيب الله نھڙي، دليپ ڪرماڻي، رميش ڪمار روھيلا، امن ھيمناڻي، ڀرت ڳوماڻي، ڀرت ڪمار اوجھا جھڙا محنتي استاد شاگردن کي تعليم جھڙي زيور سان سينگاري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رھيا آهن. ھن اسڪول ۾ 18 استادن کان سواءِ نان ٽيچنگ اسٽاف ۾ پريم ڪمار ڪلارڪ، چندر راٺوڙ ۽ مينئول اسٽاف ۾ راجيش ڪمار شرما، محمد حسين بجير، گلزار بجير به ھن اسڪول ۾ پنهنجا فرض ادا پيا ڪن. موجوده وقت ۾ ھن اسڪول ۾ 6 ڪلاس کان ميٽرڪ تائين ٽوٽل 630 شاگرد تعليم پرائي رھيا آهن ۽ موجوده ھيڊ ماستر سائين ارجن ڪمار بٺر سموري اسٽاف کي موتين جي مالا ۾ سھيڙي اسڪول کي بھترين نموني ھلائي رھيا آهن.

پريم ڪمار/چيلهار، ٿرپارڪر

ڳوٺ فقير مولابخش شر ۾ نيٽ ورڪ ٽاور ڪڏهن لڳندو؟‎‎

                 هڪ پاسي دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندي پئي وڃي ۽ سائنس ۾ ايتري ته نواڻ اچي وئي آھي جو هر ڪمڪار جيڪو اڳ انسان ڪندا هئا، اهو ھاڻي مشينن وسيلي ڪيو ٿو وڃي، هزارين ڪلوميٽرن جو سفر به منٽن ۾ طئي ٿي وڃي ٿو ۽ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ تائين سولائيءَ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي طرف اسان جو معاشرو آھي جيڪو تعليم، صحت ۽ سيڪيورٽي کان ته محروم آھي پر جديد مواصلاتي نظام کان به وانجهيل آھي. تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپورس ميرس ۾ واقع ڳوٺ فقير مولابخش شر ۾ نيٽ ورڪ جي سهولت نه هجڻ برابر آھي. ڳوٺ جي چئني طرفن کان ويجهي ۾ ويجهو ٽاور به 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جنهن ڪري انٽرنيٽ ۽ فون ڪالز تمام گهڻي ڏکيائي پيش اچي ٿي. ايتري قدر جو ڪنهن نيٽ ورڪ جي شڪايت ڪرڻ لاءِ به وڏي جاکوڙ کان پوءِ انهن سان رابطو ممڪن ٿئي ٿو ۽ جواب ۾ نمائندا صرف دلاسا ڏئي ۽ معذرتون ڪري پنهنجي جان ڇڏايو وڃن ٿا، تازوئي ڪورونا وبا دوران يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا ڪلاس آنلائين هئا پر جتي هڪ فون ڪال ڪرڻ به لڳ ڀڳ ناممڪن هجي اتي آنلائين ڪلاس وٺڻ ۾ ڪيتري قدر ڏکيائي هوندي؟ ڳوٺاڻا سڀني نيٽ ورڪن جو استعمال ڪرن ٿا پر سڀني نيٽ ورڪن جو حال هڪ ٻئي کان وڌيڪ بدتر کان بدترين آھي، ان ڪري اسان سموري نيٽ ورڪ ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي ڳوٺ جي سروي ڪري ڪنهن به نيٽ ورڪ جو ٽاور فراهم ڪيو وڃي ۽ اسان خاطري ٿا ڪرايون ته سڀئي ڳوٺاڻا اوهان سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين.

عبدالقدير شر/ڳوٺ فقير مولابخش شر

زرعي ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو آخر ڪير روڪرائيندو؟

  جيئن ته اسان جو ملڪ هڪ زرعي ملڪ آھي، جنهن جي آمدني جو گهڻو حصو زرعي زمينن تي ٿيندڙ فصلن جي پيداوار تي هوندو آھي پر بدقسمتيءَ سان خاص طور سنڌ ۾ فصلن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪلر ڀاڻ ۽ ٻيون زرعي شيون پنهنجي اصل قيمت کان وڌيڪ بليڪ تي ملڻ هڪ عام رواجي ڳالھ ٿي وئي آھي، جنهن جو تازو مثال ڪلر بليڪ تي وڪرو ٿيڻ آھي، جيئن ته يوريا ڪلر جي ٻوري جو سرڪاري اگھ 1768 رپيا آھي ته اهو مارڪيٽ ۾ 2400 کان 2500 رپيا في ٻوري ملي ٿو ۽ ڊي اي پي ڪلر جو سرڪار اگھ ساڍا پنج هزار رپيا آھي ته مارڪيٽ ۾ ساڍا اٺ ھزار کان ساڍا 9 هزار رپين ۾ ملي ٿو پيو ۽ وڏي بدقسمتي ته اها آھي جو سرڪاري اگھن تي ڪلر ڏيارڻ لاءِ سرڪاري مشينري جنهن ۾ هر ضلعي جو ڊي سي، اي سي، مختيارڪار يا پرائس ڪنٽرول ڪندڙ کاتو بلڪل خاموش تماشائي بڻيل آھي ۽ واپارين ڊيلرن کي عوام کي ٻنهين هٿن ڦرڻ لاءِ صفا آزاد ڇڏيو ويو آھي ۽ ايئن ويچارو مسڪين غريب هاري ڪلر هٿرادو ٿيل مهانگي اگھ تي خريد ڪرڻ تي مجبور آھي. ڪيترن شھرن ۾ آبادگارن هارين طرفان ان هٿرادو مهانگي ٿيل ڪلر خلاف احتجاج به رڪارڊ ٿيا آھن پر الائي ڇو سرڪاري عملدار صفا خاموش لڳا پيا آھن ۽ سندن اهڙي پراسرار مجرماڻي خاموشي جو وڏا واپاري ۽ ڪلر جا ڊيلر فائدو وٺي رهيا آھن. ان جي لاءِ منهنجو سنڌ سرڪار هر ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، پرائس ڪنٽرول کاتي جي عملدارن کي گذارش آھي ته خدارا هن ڪلر ڀاڻ جي هٿرادو مهانگي ٿيڻ تي سخت تحرڪ وٺي عوام جي کيستي تي پيل هٿرادو بار هلڪو ڪن ته جيئن هاري آبادگارن ۾ ڦھليل پريشاني ختم ٿئي.

محمد خالد ميمڻ/ ڦل شھر

پشاور سانحو!

  پاڪستان جي تاريخ جو هڪ نڀاڳو ڏينهن 16 ڊسمبر آهي، اھو ڪارو ڏينهن جنھن کي ڪو به انسان نٿو وساري سگهي، ان ڏينهن تي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي دھشتگردن حملو ڪري ڪيترن ئي معصوم گلڙن جهڙن ٻارن کي کلڻ کان اڳ مرجهائي ڇڏيو، سچ پڇو ته ان سانحي پوري انسانيت کي لڄائي ڇڏيو، جنھن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي ته انھن معصوم ٻارڙن لاءِ ڪيترو نه خوفناڪ منظر ھوندو. ان وقت ٻارڙن کي پنھنجا والدين ياد ايندا ھوندا ته بابا اچي اسان کي ھنن ظالمن کان بچائيندو پر افسوس ايئن ٿيڻ ڏکيو ھو، ان سانحي کي ھاڻي 8 سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر  اڄ تائين انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿي سگهيون آهن. رياست ۽ دهشتگردن هٿان ماريل 200 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙن جي انصاف لاءِ والدين اڄ به ڪورٽن جا ڌڪا کائي رهيا آهن. کين رياست انصاف بجاءِ ابتو ڌمڪائي رهي آهي، افسوس انھن والدين سان تي گذرندو هوندو؟ جيڪي پنھنجي معصوم ٻارڙن جي قاتلن کي آزاد گهمندي ڏسن ٿا، پھريان ته انھن کي پنهنجي ٻارڙن جا رت ۾ پسيل لاش مليا، جيڪو قيامت کان گهٽ ناهي ۽ وري انهنکي انصاف به نٿو ملي، انھن والدين سان ڪيترو نه ظلم آھي، حڪومت کي اپيل آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول جي دھشتگردن کي سوگهو ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن شھيدن جي والدين جي ٽٽل دلين کي ڳنڍي سگهجي، آخر ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو رب سائين انھن سڀني کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندن والدين کي صبر جميل عطا فرمائي آمين .

ثقلين حيدر/ رتوديرو

اسان کي سم نالي جي عذاب کان بچايو!

  ڪنب ڀرسان گذرندڙ سم نالي جي گذريل ڪيترن ئي ورھين کان لاڳاپيل ادارن جي نااھلي سبب کاٽي ناھي ٿي  سگھي، مٿان وري راڻيپور شگرمل جو زھريلو ڪيميڪل وارو پاڻي اسڪارپ کاتي پاران سم نالي ۾ ڇوڙ ڪيو پيو  وڃي، جنھن ڪري سم نالو اٿلي پيو آھي، ڏيپارجا کان جيڪا سم نالي جي پاڻي کي روھڙي ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ پمپنگ اسٽيشن قائم ٿيل آھي، سم نالي جي پاڻي کي روھڙي ڪئنال ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ 8 موٽرون لڳل آھن، انھن مان صرف 3 موٽر ھلي رھيا آھن، انھن مان 5 موٽر خراب ھجڻ سبب بند پيل آھن، جنھن ڪري سم نالي جو پاڻي اڳتي نيڪال نه پيو ٿئي ۽ سم نالي ڀرجي وڃڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو آھي، سم نالي جو پاڻي علائقي ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي، ھنڌان گھارا پوڻ روز جو معمول بڻيل آھن، زھريلو پاڻي سم نالي جي ڀر وارن ڳوٺن ڳوٺ ملڪو واھڻ، رسول بخش بروھي، گٺ راڄپر، يار محمد بروھي، گل محمد ڄامڙو، ڪوڙو خان ھيسباڻي ۽ ڳوٺ سائينداد سولنگي سميت ڪيترا ئي ڳوٺ سم نالي جي پاڻي سبب متاثر ٿي رھيا آھن، زھريلي پاڻي ڳوٺاڻن فصلن ۾ ڪاھي پيو آھي، مقامي ماڻهن جي گھرن ۽ زرعي زمينون متاثر ٿي رھيون آھن، علائقي واسين جو لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آھي. سم نالي جي ڀر وارين زمينن ۾ سم نالي جو پاڻي بيھجي ويو آھي جنهن ڪري پوکيل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، زمينون سم ۽ ڪلر سبب بنجر بڻجي ويون آھن، مقامي ماڻھو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. لاڳاپيل ادارا سلماني چادر ويڙھي گم ٿي ويا آھن. علائقي واسين سم نالي جي آزار خلاف احتجاج به رڪارڊ ڪرايا آھن پر واسطيدار ادارا گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آھن، زھريلي پاڻي جي بدبوءِ ھتان جي رھواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي ۽ عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن.

وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور

سجاول جي ٻن قديم قبرستانن جي سار لهو

  سجاول جي ٻن قديمي قبرستانن مصري شاھ ۽ اسماعيل شاھ بخاري جي ڪيترن ئي سال کا چوديواري زبون حال ٿيڻ آهي ۽ مختلف جاين تان ڀتيون ڪرڻ ڪري قبرستان ۾ شهرين جي دفن ٿيل پيارن جون قبرون غير محفوظ ٿي ويون آهن، قبرستانن کي چوديواري نه هجڻ ڪري رولو جانورن قبرستانن کي پنهنجي آرامگاھ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ روزانون ڪيترن ئي قبرن جي مٽي ڪڍي قبرن جا نشان ۽ سڃاڻپ ئي ختم ڪري ڇڏي آهي. ان کان سواءِ قبرستانن جي آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهن قبرستانن مان پنهنجا رستا ٺاهي اتان پنڌ هلڻ سان گڏ موٽر سائيڪلون وغيره به گذارين ٿا، جڏهن ته قبرستانن ۾ روشني جو ڪو به بندوبست ناهي، جنهن سبب پنهنجي پيارن جي ميت کي رات جي وقت دفنائڻ لاءِ ايندڙ شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻون پوي ٿو. شهرين موجب سجاول جي ٻنهي قبرستانن مصري شاھ ۽ اسماعيل شاھ بخاري جو وڏي عرصي کان وٺي ڪو به ترقياتي ڪم ناهي ٿيو، سالن کان وٺي قبرستانن لاءِ ايندڙ فنڊ خبر ناهي ڪٿي ٿا خرچ ٿين، سجاول جي انتظاميا کان ته ڄڻ هي ٻئي قبرستان وسري ويا هجن، اسان اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته سجاول جي قديمي مصري شاھ ۽ اسماعيل شاھ بخاري قبرستان جي نئين چوديواري تعمير ڪرائي ۽ روشني جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن قبرستانن ۾ دفن ٿيل شهرين جون قبرون بي حرمتي کان بچي رولو جانورن جي پاران ولهڻ کان محفوظ هجن.

عبدالرشيد خاصخيلي/سجاول

عورت چئجي جنهن کي! جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(قسط چوٿين)

                 تاريخ ۾ عورت جو تذڪرو اُن وقت به ايندو آهي جڏهن جنگ جي خاتمي کان پوءِ مالِ غنيمت گڏ ڪيو ويندو هو، ان مال غنيمت جو سڀ کان اهم حصو عورتون ئي هونديون هيون ۽ انهن جي تقسيم به انهيءَ طرح سان ٿيندي هئي جيئن هيرا، جواهر، ڪپڙا، گھوڙا ۽ قالين وغيره. جي ڪنهن عورت جي ڪا سماجي حيثيت هئي به ته پوءِ جنگي قيدي ٿيڻ کان پوءِ فوري طور اها ختم ٿي ويندي هئي ۽ ان جو درجو ڪري وڃي ڪنيز ۽ ٻانهيءَ جو ٿي پوندو هو، پوءِ ان جي مالڪ کي ان تي پورو پورو حق حاصل هوندو هو. جنگ کان پوءِ جيڪا فتح جي خوشخبري موڪلبي هئي ان ۾ خاص طور تي اها خبر هوندي هئي ته ٻاندي بڻايل عورتن جو ڪيترو تعداد هٿ آيو آهي، عام طور تي خوبصورت عورتون حڪمرانن ۽ اميرن لاءِ هونديون هيون ۽ باقي عام سپاهين ۾ ورهائبيون هيون، ڪنيز ۽ ٻانهي ٿيڻ کان پوءِ اهي عورتون غائب ٿي وينديون هيون ۽ پوءِ انهن جو تذڪرو نٿو ملي ته انهن سان ڇا وهيو واپريو. اهو دستور به عام هو ته عورتن کي دشمنن جي هٿان گرفتاريءَ کان بچائڻ جي لاءِ يا ته انهن کي قتل ڪيو ويندو هو يا وري انهن کي جيئري کي ڪنهن قبر نما تهه خانن ۾ واڙيو ويندو هو پوءِ جي سندن مالڪ بچي ويو ته هو به بچي وينديون هيون جيڏهن سندن حڪمران ۽ مري ويندو هو ته اهي به انهن تهه خانن ۾ مري وينديون هيون. جيئن ته راجپوت ۾ جوهر جي رسم هئي، جڏهن هو شڪست جا آثار ڏسندا هئا ته پنهنجي عزت ۽ آبرو بچائڻ جي لاءِ (يعني عورت بذات خود ڪجھه به نه هئي، جي هئي ته مرد جي عزت ۽ آبرو هئي) ان کي قتل ڪيو ويندو هو يا جيئرو ساڙي يا تهه خانن ۾ واڙي ڇڏيو ويندو هو. ان عمل ۾ به عورت جي پنهنجي مرضي ۽ خواهش نظر نٿي اچي جيتوڻيڪ ان ۾ به مردن جي دليري، مردانگي ۽ عظمت جو پهلو نڪرندو آهي ته جنهن پنهنجي آبرو بچائڻ جي لاءِ عورتن کي به قربان ڪيو.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ شام واري پسار ۾ کوليءَ ٻاهران پوکيل گلاب جي گلن وٽ بيٺو هئس ته هڪ قيدي مون کي هڪ خط ڏنو ۽ چيو ته ڦاهي گھاٽ مان تنهنجي لاءِ چٺي آئي آهي، مون لفافي ۾ بند خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن دوستن خط موڪليو هو شايد ان کان پنهنجو نالو لکڻ وسري ويو هو، خط ۾ لکيل هو ته “آئون مڪمل طور اڪيلائيءَ جو شڪار آهيان، پنهنجن کان تمام گھڻو پري حيدرآباد سينٽرل جيل جي ڦاهي گھاٽ جي ڏهه باءِ ڏهه جي کولي آهي، اڪيلائي، ڇت، ڀتيون ۽ آئون. ڪال ڪوٺڙيءَ جي اونداهي وات ڦاڙيو مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر آئون پنهنجي ماضيءَ، پنهنجي لڙڪن، سڏڪن ۽ زماني جي ڏنل گھاوَن تي سوچي رهيو آهيان، مون کي پنهنجي خالي کولي ايئن ايئن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندي آهي جيئن هڪ ماءُ پنهنجي ٻچي کي، هڪ طرف حيدرآباد جون شامون آهن ته ٻئي طرف منهنجي اندر ۾ ماتم متل آهي، آئون سوچيان ٿو ته آخر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي پر مون کي اُن جو جواب نٿو ملي. جيل ۾ ڇا هوندو آهي، قيد تنهائي، ويڳاڻپ، اڪيلايون، وڏيون وڏيون ڀتيون ۽ جيءَ کي جھوريندڙ خاموشي، آئون اسڪول کان واپس پي آيس ته ڳوٺ جي عياش وڏيري جي غير اخلاقي حرڪت کان بچڻ لاءِ ساڻس وڙهي پيو هئس، جھيڙي ۾ وڏيري جو پٽ مري پيو ۽ آئون گھرفتار ٿي جيل پهچي ويس، بيان ٿيا، شاهد هليا، جج مون کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڀاءُ ايوب ڇا مون پنهنجي عزت بچائي ڏوهه ڪيو؟ ڇا آئون ڏوهاري آهيان، تون پنهنجي اخبار ۾ اسان قيدين لاءِ لکندو آهي، تون منهنجي ڪهاڻي به لک ۽ دنيا تائين پهچاءِ، آئون ڦاهي گھاٽ جي هن دوست جو خط پڙهڻ کان پوءِ مُنجھي پيو آهيان ته کيس تسلي ڏيان ته ڪهڙي ڏيان؟!

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد