اشو آف دي ڊي چڪ کي تعلقي جو درجو ڏئي واپس سکر ضلعي ۾ شامل ڪيو وڃي: سوشل ميڊيا تي مهم

0
215
اشو آف دي ڊي چڪ کي تعلقي جو درجو ڏئي واپس سکر ضلعي ۾ شامل ڪيو وڃي: سوشل ميڊيا تي مهم

 چڪ واسين سياسي سماجي اڳواڻن اديبن، شاعرن صحافين ۽ مختلف مڪتب فڪر ساڃانهه وند ڌرين پاران چڪ شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي سکر ضلعي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ”چڪ- سکر ملايو“ مهم هلائي وئي، ان سلسلي ۾ نذير سومري لکيو ته چڪ جي هر گهر مان هڪ ڄڻو روزانو سکر ايندو آهي اٽڪل هر پنڌرنهن منٽن کان پوءِ سواري/ڪوسٽر/ويگن سکر لاءِ نڪرندي آهي جڏهن ته چڪ شڪارپور روٽ ئي ڪونهي. ڪو دور هو جو تعلقو سکر هوندو هو، ضلعو به سکر ته ڊويزن به سکر، مون 1976 ۾ جڏهن ڊوميسائيل ٺهرايو هو ته سڀ ڪم هڪ شهر ۾ ٿي ويا هئا، جڏهن ته هاڻي چڪ جو نوجوان (جيڪو اڪثر بيروزگار آهي) ڊوميسائيل لاءِ ٽن شهرن جا چڪر ڪاٽي ٿو. غلام قادر مهر لکيو ته چڪ کي تعلقي جو درجو ڏئي سکر ۾ شامل ڪرڻ سان نه صرف تعليمي شعبي ۾ ترقي ٿيندي پر نوجوانن لاءِ روزگار موقعا وڌندا چڪ ۾ ترقياتي ڪم وڌيڪ بهتر طريقي سان ٿي سگهندا.

استاد راهي ڪلهوڙا لکيو ته دور جي آباد شهر  چڪ کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. آزاد بخاري لکيو ته چڪ ته سکر ۾ هيو ضياءُ شڪارپور ۾ شامل ڪيو. اسرار جتوئي لکيو ته چڪ کي سکر ۾ شامل ڪرڻ سان سکر جي لوڪل بورڊ بجيٽ ۾ واڌارو ٿيندو. احمد الدين مهر لکيو ته چڪ جو سکر ۾ شامل ٿيڻ  سان نه صرف تعليم بورڊ، هاءِ ڪورٽ، ڊي آءِ جي آفيس ويجهو ٿينديون جيڪا وڏي سهولت هوندي.حاجي رفيق احمد انصاري ۽ عبدالجبار مهر لکيو ته الله ڪندو ائين ڪندو چڪ سکر جو تعلقو ٿيندو. شاهجان ساجن جاڳيراڻي لکيو ته اسان جو مزدوري جي حساب سان سکر ڊيلي اپ ڊائون هوندو آھي ۽ چڪ کان سکر تائين وڌ ۾ وڌ 20 منٽ ٽائيم لڳندو آھي سکر تمام ويجھو آھي پر مان زندگي جي 31 سالن ۾ صرف هڪ دفعو شڪارپور ويو آھيان 2010 ۾ ڊوميسائيل ٺھرائڻ لاءِ، اسين پنج ڀائر آھيون ۽ پنج ئي سکر ۾ ڪم ڪندا آھيون. جميل مهر لکيو ته چڪ ٽائون سان سلهاڙيل ڪجھه ديهون جئين چڪ شهري ديھه چڪ ٻھراڙي ديھه عظمت جاگير ديھه فتح ٽنڊو ديھه صرفو ديھه ڏھر جاگير ديھه اوستو عبدالحق ديھه بيچانجي ائين چئجي ته بي ايس فيڊر جو اندريون يعني شھر وارو پاسو سکر ضلعي ۾شامل ٿيڻ گهرجي. حاجي الله وسائي لاڙڪ لکيو ته جائز مطالبو آھي.

استاد تاراچند ٿواڻي، صفي الله مهر، لکيو ته تعليم، بجلي سميت ٻين مسئلن جو گهڻو حل چڪ جو سکر ۾ شموليت سان آهي. انوپ ڪمار ۽ دلبر سيٺار لکيو ته 99 سيڪڙو فائدو ٿيندو اهو ڪم اڄ جو اڄ ٿيڻ گهرجي. زبير سومري لکيو ته چڪ واسين جي مطالبي ڀرپور حمايت ڪجي ٿي. ڊاڪٽر عزيز الله ڀئي لکيو ننڍپڻ کان اهي نعرا ٻڌون ٿا پر ٿئي ڪونه ٿو. صدرالدين قريشي لکيو ته جنرل ضيا جو دور ۾ الاھي بخش سومرو وفاقي وزير ھو ان چڪ کي سکر مان ڪٽي شڪار پور ضلعي۾ شامل ڪرايو. نوجوان سياسي ڪارڪن فقير جبار مهر لکيو ته چڪ سکر سان ملي ته خوشين جو در کلي منظور مهر ۽ حافظ اسحاق مهر لکيو ته اهو اسانجو پراڻو مطالبو آهي، سارم اسد الله ڀٽار، اعجاز سومري، مظهر سيٺار، خادم سيٺار، سترام داس، اختيار سومرو، نواب مهر، فراز سومرو، خالق جتوئي، هدايت الله مهر به اهڙي مطالبي جي حمايت ڪئي، آزاد انور مهر لکيو ته جاگيرداڻي جبر مان نجات جو واحد حل چڪ جو سکر ۾ شامل ٿيڻ آهي.

انجنيئر راحت سيٺار ۽ سهيل راجا چيو ته چڪ جو واپار سمورو ڪاروبار سکر سان سلهاڙيل آهي اسان کي سکر جو حصو هجڻ گهرجي.اصغر جکر، اسحاق آندلاڻي مهر ۽ ناصر سومري به اهڙو مطالبو ڪيو، حاجي رفيق انصاري، آڪاش ڪمار لکيو ته الله ڪندو ائين ئي ٿيندو. صحافي عبدالغني مهر لکيو ته چڪ شهر اصل کان وٺي ضلعي سکر ۾ شامل هو، هن وقت چڪ شهر جي ڪافي ماڻهن جون نوڪريون ڌنڌا ڪاروبار سکر سان وابسطا آهن سکر ضلعو ڊويزن اسان کان 25 کان 30 منٽن جي دوري تي آهي جڏهن ته لاڙڪاڻو ڊويزن چڪ کان ٻه اڍائي ڪلاڪ جي مفاصلي تي آهي جنهن سبب چڪ شهر واسين کي لاڙڪاڻي وڃڻ ۾ ڏاڍي مشڪلات پيش ايندي آهي. استاد پورن ڪمار، شاهه رخ مهر، خادم سيٺار، راجا ساگر مهر، نواب مهر، اختيار سومرو لکيو ته چڪ جي سکر ۾ شموليت واري مطالبي سان متفق آهيون.