رضوان کان سکڻ لاءِ انتظار نٿي ڪري سگهان: سارا ٽيلر

0
624

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش بيٽر سارا ٽيلر پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي بيٽنگ جي مداح ٿي وئي، سارا ٽيلر پاڻ به انگلش ڪائونٽي سسڪس جي طرفان کيڏندي آهي

ڪائونٽي جي محمد رضوان سان معاهدي بعد سارا ٽيلر به خوشي جو اظهار ڪيو، سوشل ميڊيا تي سارا ٽيلر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کان سکڻ لاءِ انتظار نٿي ڪري سگهان

واضح رهي ته انگلش ڪائونٽي سسڪس ٽي ٽوئنٽي  جي هڪ ڪئلينڊر ۾ 2هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پاڪستاني بيٽر محمد رضوان سان ايندڙ سيزن لاءِ معاهدو ڪيو آهي