اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي 93 سيڪڙو آبادي رشوت جي مخالفت ڪئي آهي. گيلپ پاڪستان طرفان عوامي راءِ بابت سروي جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب 93 سيڪڙو آبادي رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ کي معاشري ۾ خرابي جو اهم ڪارڻ قرار ڏنو آهي. سروي موجب، پنج سيڪڙو ماڻهن رشوت جي حمايت ۾ سامهون آيا ۽ انهن مختلف جواز پيش ڪندي رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ کي صحيح قرار ڏنو. ان کانسواءِ هڪ سيڪڙو ماڻهن جو گڏيل موقف رهيو، جن طرفان رشوت جي نه حمايت نه ئي وري مخالفت ڪئي وئي.