لاهور (م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن لاءِ خالي جاين تي مقرريون ترجيح ۾ شامل آهن. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ سپريم ڪورٽ بار سان ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو خواهش آهي ته سپريم ڪورٽ مڪمل ٿي وڃي، ججن جي ڀرتين کان پهريان هاءِ ڪورٽن جي اصولن ۾ ترميمون ضروري آهن، انهن ترميمن لاءِ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽس صاحبن کي گذارش آهي ته ججن جو انگ مڪمل ڪن. قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ججن جي مقرري هاڻوڪي طريقي ڪار سان ڪجي يا نئين اصول موجب اس تي ڌرين سان ڳالهيون ڪنداسين، ٽيڪنالاجي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرين جو معاملو محدود ڪري ڇڏيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪا به بينچ هڪ هفتي کان گهٽ نه هجي. سندس چوڻ هو ته ڏسڻو اهو آهي ته ويڊيو لنڪ رکجي يا رجسٽري ٻنهي کي گڏجي کڻي هلجي، بار ۽ بينچ مختلف نه پر هڪ آهن، سدائين بار جي چونڊيل نمائندن کي ترجيح ڏني، رجسٽري تي بينچ ٺاهڻ جي عمل جي شروعات لاهور کان ڪئي، ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ رجسٽرين لاءِ وينداسين.