پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جي صلاحڪار ۽ عمران خان جي وڪيلن جي ٽيم ۾ شامل مشعال يوسفزئي لاءِ هڪ ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ جي ٽوياٽا فارچيونر گاڏي خريد ڪئي پئي وڃي، اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي وڏو هنگامو برپا ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب مشعال يوسفزئي کان علاوه سيڪريٽري سوشل ويلفيئر لاءِ به 70 لک رپين جي ڪيا سپورٽيج خريدڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. صوبي جي مالي حالت انتهائي خراب هئڻ سبب ناڻي واري وزارت تازو گذريل مهيني ئي نيون گاڏيون خريدڻ تي پابندي لڳائي وئي. پر وڏي وزير کي مشعال ۽ سيڪريٽري سوشل ويلفيئر جي گاڏين لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪي پي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، هڪ عورت صحافي مقدس فاروق سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته مشعال يوسفزئي لاءِ هڪ ڪروڙ 71 لک رپين جي گاڏي خريدي ويندي. پي ٽي آءِ مريم نواز تي ته تمام گهڻي تنقيد ڪري ٿي پر هاڻي هو پاڻ اهو ئي ڪري رهي آهي.