ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جا 11 آفيسر بحال نه ڪرڻ تان لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌيو ته عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جاري آهي، ان موقعي تي  چيف جسٽس عقيل عباسي چيو ته توھان حڪومت آهيو، هتي ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون نه ڪريو،  فوري طور تي عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪريو، چيف جسٽس چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن آفيسرن کي بحال ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ آفيسرن کي پگهارن ۽ ترقين سميت بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، واضح رهي ته عدالت 2015ع ۾ برطرف علي رضا سميت 11 آفيسرن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو.