سکر (بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي سکر ڪارروائي ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان بارودي مواد ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پڌرائيءَ موجب گرفتار جوابدار ڪراچي سميت مختلف ضلعن مان چوري ۽ ڦر جي وادارتن ۾ ملوث آھن، چوري ٿيل گاڏيون ۽ ٻيو سامان جھٽ پٽ بلوچستان ۾ وڪرو ڪندا آھن، جتان گاڏيون پابندي پيل دھشتگرد تنظيم کي وڪرو ٿينديون آھن، پڌرائي موجب گرفتار جوابدارن ۾ منٺار علي، اڪرم شاھ، عبدالقدير ۽ ڪريم بخش ملڪ شامل آهن، جن وٽان 2 عدد 30 بور پسٽل، 20 عدد نان اليڪٽريڪل ڊينٽو نيٽرز، 400 گرام نٽ بلٽ، بال بيرنگ، 300 گرام ڌماڪيدار پائوڊر، 10 فوٽ سيفٽي فيوز وائر ھٿ ڪيون ويون آهن، گرفتار جوابدارن مٿان ڪراچي ۽ دادو جي مختلف ضلعن ۾ 16 ايف آءِ آر داخل آھن، سي ٽي ڊي ترجمان موجب پڇا ڳاڇا دوران گرفتار جوابدارن اعتراف ڪيو آھي ته ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث آھن، چوري ٿيل گاڏيون، موٽر سائيڪلون بلوچستان جي جھٽ پٽ ۾ جعفر آباد واسي حاجي جمالي مندراني کي وڪرو ڪندا آھن، ھو ڌماڪيدار مواد دھشتگردي جي نيت سان ڪراچي کڻي وڃي رھيا ھئا ته کين گرفتار ڪيو ويو.