ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي ۾ تيز برساتن جي امڪان کي نظر ۾ رکندي ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، لياري، پاپوش نگر  ۾خطرناڪ قرار ڏنل 515 مان 8 گهرن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ڪالهه اٿارٽي جي ٽيمن اولڊ سٽي ايريا ۾لائوڊ اسپيڪرن ذريعي وارننگ ڏيندي خطرناڪ قرار ڏنل گهر خالي ڪرڻ جا پڙها ڏنا، هنن چيو ته گهر خالي ڪري وڌيڪ نقصان کان پاڻ بچايو وڃي،انهن عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويندو.