ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان ۾ چمن، قلعه عبدالله، پشين،گوادر، نوشڪي، بارکاڻ ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن تباهي آڻي ڇڏي آهي. ٻوڏ جا وهڪرا چمن شهر ۾ به داخل ٿي ويا آهن، جنهن دوران هڪ گاڏي  ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ هڪ ٻارڙو گم ٿي ويو. ڪيترائي گھر به وهڪري ۾ لڙهي ويا.انتطاميا فلڊ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. هوڏانهن اورماڙا ۾ ماهيگيرن جون 100 کان وڌيڪ ٻيڙيون سمنڊ ۾ٻڏي ويون آهن. جڏهن ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي نديءَ جي پل ٽٽي پوڻ ڪري ڪراچي ۽ گوادر توڙي مڪران جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ٻئي پاسي متاثر ضلعن مان ڪجهه ۾ اڄ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.   هرنائي، سبي ريلوي سيڪشن تي چوٿين ڏينهن به ريلوي سروس بحال نه ٿي سگھي آهي.