اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال طرفان فيض آباد ڌرڻو ڪميشن بابت نئون انڪشاف سامهون آيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، احسن اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدو پهريان ڪيو ويو ۽ وزيراعظم کي پوءِ ڏيکاريو ويو.
ڪميشن رپورٽ موجب، احسن اقبال چيو آهي ته ان وقت جي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ جڏهن معاهدو ڏٺو ته اعتراض ڪيو. وزيراعظم وزير جي استعيفا ۽ فيض حميد جي معاهدي ۾ نالي تي اعتراض ڪيو جنهن تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته معاهدو ٿي چڪو آهي ۽ صحيحون ٿي ويون آهن، پوئتي نٿا هٽي سگهون.