لاهور (م ڊ) پنجاب جا 46 سيڪڙو شهري عثمان بوزدار حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ غيرمطمئن آهن، 32 سيڪڙو ڪارڪردگي اطمينان جوڳي قرار ڏنو. پنجاب ۾ هڪ سروي ڪرائي وئي، جنهن ۾ 7 هزار ماڻهن حصو ورتو، سروي دوران موجوده معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت پاران پنج سال پورا ڪرڻ جي سوال تي پنجاب جي 52 سيڪڙو شهرين حڪومتي مدو پورو ٿيڻ جي حمايت ڪئي، 43 سيڪڙو مخالفت ڪئي، پنجاب جي 49 سيڪڙو شهرين کي مهانگائي سڀ کان اهم مسئلو قرار ڏنو، 19 سيڪڙو بيروزگاري ۽ 13 سيڪڙو غريب کي ملڪ جو اهم مسئلو قرار ڏنو، سروي موجب پنجاب جي 57 سيڪڙو شهرين جي راءِ آهي ته ملڪ غلط رُخ ۾ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته 38 سيڪڙو ماڻهن ان راءِ سان اختلاف ڪيو.