پشاور (م ڊ) پشاور جي علائقي ڪارخانو مارڪيٽ ۾ پوليس موبائل تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو، حملي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ هڪ واٽهڙو زخمي ٿي پيو، پوليس موجب شرپسند پوليس موبائل تي دستي بم اڇلائي فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ٿيو آهي.