اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا مالي سال 2020 ۽ 2021 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ بجلي اگهن جي ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏيندي بجلي 7 پيسا في يونٽ گهٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، نيپرا جي پڌرائي مطابق نيپرا اٿارٽي آڏو موجود سموري ڊيٽا جي جاچ پڙتال کان پوءِ سمورن بجلي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي سال 21-2020ع جي ٽئين ٽه ماهي ۾ 7 پيسا في يونٽ گهٽتائي جو حڪم ڏنو آهي، اهو فيصلو آڪٽوبر 2021ع ۾ لاڳو ٿيندو، اها ٽيرف ايڊجسٽمينٽ هڪ سال تائين لاڳو رهندي، 7 پيسا گهٽتائي جو فائدو بجلي تقسيم ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي صارفين لاءِ هوندو، جڏهن ته ان گهٽتائي جو فائدو ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين کي نه ٿيندو.